ڊاڪٽر فيروز احمد : سنڌ جو املهه ماڻڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر فيروز احمد : سنڌ جو املهه ماڻڪ​


    اعجاز قريشي

    ڪي ماڻهو پنهنجن تخليقن ۽ ڪم ذريعي پنهنجو وڏو ۽ اڻمٽ نالو پئدا ڪندا آهن. سنڌ ڌرتي هڪ ڀاڳ ڀريو ماڳ آهي، جتي مختلف دورن ۾ مختلف شاعر، اديب، مفڪر، سياستدان، عالم ۽ استاد پئدا ٿيندا رهيا آهن. ان جو هڪ اهڙو ئي املهه ماڻڪ فيروز احمد هو.

    فيروز احمد 5 آگسٽ تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ ابتدائي تعليم ڪراچيءَ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ جوانيءَ تائين اُتي ئي رهيو. هن مئرين زولاجي جي سبجيڪٽ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم ايس سي ڪئي، جنهن ۾ هن ڊسٽنڪشن کنيو. 1964ع ۾ ڊاڪٽر فيروز آمريڪا ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسڪالرشپ ”فُل برائيٽ“ حاصل ڪري پي ايڇ ڊيءَ لاءِ روانگي اختيار ڪئي ۽ اُتي علم جي ڊگري حاصل ڪري هڪ وڏو استاد، عالم ۽ سماجي سائنسدان بنجي ويو. اڳتي هلي هن مئرين زولاجي جي فيلڊ ڇڏي هوائي يونيورسٽيءَ مان ’ڊيموگرافي‘ جي علم ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪا هن رڪارڊ ٽائيم ٻن سالن ۾ پوري ڪئي. ان بعد هن اُتي ئي آدمشماري جي اڀياس (Population Studies) جي علم ۾ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ لاءِ جڳ مشهور يونيورسٽي هارورڊ ۾ وڃي پهتو. 1969ع ۾ ڊاڪٽر فيروز صاحب پنهنجو علمي ڪيريئر شروع ڪيو ۽ ايسٽ ڪيروسينا يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي جو استاد مقرر ٿيو. اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب آمريڪا ۾ ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ ملازمت ڪندو رهيو ۽ علم جو اٿاهه سمنڊ بنجي دنيا جي ڪافي مسئلن خاص طور تي غريبن ۽ غريب ملڪن جي مسئلن تي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ گهڻي حد تائين انهن جي حل لاءِ گهڻيون ئي تجويزون ڏنيون. ڊاڪٽر صاحب آمريڪا ۾ رهائش دوران اُتي مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. انهيءَ دوران هن ڪن دوستن سان گڏجي سياسي ايڪٽوزم ۾ حصو ورتو. ساڻس گڏ هن تحريڪ ۾ ڊاڪٽر اقبال احمد، ڊاڪٽر اعجاز احمد ۽ ڊاڪٽر صغير احمد گڏ هئا. انهيءَ دوران هنن انگريزيءَ ۾ هڪ اخبار ’دي فورم‘ جي نالي سان ڪڍي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ آمريڪا ۽ آفريڪا جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ ڏني ويندي هئي، ۽ انهن جي اشوز تي گهڻو ڪجهه لکيو ويندو هو ۽ هو ڪافي دير تائين اِهو ڪم ڪندا رهيا. 1974ع ۾ ڊاڪٽر فيروز اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي جو پروفيسر بڻيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪين حالتن ۾ ٻه ٽي سال رهيو پر پوءِ جلد ئي نوڪري ڇڏي سنڌ ۾ هارين، مزدورن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ليڪچر پڻ ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گهڻا دورا شروع ڪيا. اڳتي هلي هو ورڪر پارٽيءَ ڏانهن ويو. پر بعد ۾ عوامي تحريڪ سان منسلڪ ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت ان سان گڏ رهيو. ان کان اڳ ۾ جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ سندس دور بهترين هو. هن اچڻ شرط پوسٽ گريجوئٽس شاگردن کي تربيت ڏني، سيمينار ڪرايا ۽ پي ايڇ ڊيءَ جو گائيڊر بنيو.

    آئون 1974ع ۾ انگلينڊ ۾ پڙهندو هوس ۽ مون ڊاڪٽر صاحب کي انگلينڊ ۾ ايندي ۽ ليڪچر ڏيندي ٻڌو. يونيورسٽي آف لنڊن جا ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن. تن مان هڪ جنهن جو نالو اسڪول آف اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽڊيز آهي، سڄي ايشيا ۽ سڄي آفريڪا لاءِ هڪ بهترين ادارو قائم ٿيو آهي. ان اداري ۾ ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. مان اتي ئي پڙهندو هوس ۽ تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ليڪچر ڏيڻ ايندو هو ۽ پوءِ پاڪستان آيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪيائين. آئون پڻ ڊگري حاصل ڪري 1974ع واپس سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي پهتس. هتي ڊاڪٽر صاحب سان هڪ ملاقات ٿي جا بعد ۾ گهري دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. ڊاڪٽر صاحب جڏهن به پاڪستان ايندو هو ته ان سان اسلام آباد، ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. حيدرآباد ۾ هميشه ڊاڪٽر صاحب مون وٽ اچي رهندو هو. 1997ع ۾ پنهنجي وفات کان هڪ سال اڳ 1996ع ۾ جڏهن حيدرآباد آيا ته به هتي اچي رهيا ۽ انهيءَ دفعي مان کين ڪراچي تائين پڻ ڇڏڻ ويو هوس. يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي هن هڪ ٽين دنيا جي اڀياس لاءِ هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ۽ اتان ئي پاڪستان فورم جي نالي سان هڪ اردو ۾ رسالو ڪڍيو. جيڪو ترقي پسند خيالن جو هو ۽ پاڪستان ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.

    يونيورسٽيءَ جي وقت ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪم مان ڪافي استاد متاثر هئا پر ڪجهه کيس اشتراڪي ۽ ترقي پسند سوچ جي ڪري ڪونه ڀائيندا هئا. عجيب زمانو هو يونيورسٽي ته اسان جي تعليم جو مرڪز هئي پر هتي ڪجهه قوتون اهڙيون هيون جن هن کي نه سٺو. مون جڏهن ساڻس پهرين ملاقات ڪئي ته مون کانئس سندس ادارت ۾ نڪرندڙ آمريڪا مان ’دي فورم‘ جا پرچا گهريا. پاڻ مون کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر اهو چيائين ته اعجاز ان جي قيمت 300 رپيا آهي. آءٌ ٻئي ڏينهن صبح جو پئسا کڻي وٽس ويس. پاڻ مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي ڪافي پرچا ڏنائين، جيڪي ٽن جلدن ۾ هئا. پئسن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيائين ته ”ڀاءُ مون توکي آزمايو ٿي. تون پهريون ماڻهو آهين جيڪو پئسا کڻي آيو آهين. معنيٰ ته تو ۾ شوق آهي“ ۽ پوءِ جيئن مٿي لکيو اٿم ته اِها ملاقات دوستيءَ ۾ تبديل ٿي پئي. پاڻ مون کي وڌيڪ ٻڌايائين ته ڪافي ڏينهن کان ٻيا دوست به اِهي جلد وٺڻ آيا پر پئسن جو واعدو ڪري ڪونه موٽيا. ڳالهه پئسن جي نه هئي پر مون سندن شوق ڏسڻ پئي چاهيو. ٿوري وقت کان پوءِ فوجي جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا آئي ۽ ان ۾ سڀني ماڻهن سان جيڪو حال ٿيو اها اسان کي خبر آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي به ڪراچيءَ ۾ تنگ ڪيو ويو. سندس رسالي کي بند ڪيو ويو ۽ هن لاءِ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون ويون جو آخرڪار 1980ع ڌاري هو پاڪستان ڇڏي آمريڪا واپس هليو ويو ۽ اُتي ڪيترن ئي ادارن ۾ محقق جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ بعد ۾ تدريس جي عمل سان منسلڪ ٿيو ۽ 1992ع ۾ هوورڊ يونيورسٽيءَ ۾ فل پروفيسر ٿي ويو. هي يونيورسٽي واشنگٽن ڊي سي ۾ واقع آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ 20 کن ڪتاب لکيا ۽ ان سان گڏ 30 سائنٽيفڪ پيپرس ۽ 300 کن مضمون لکيا، جيڪي سڄي دنيا جي رسالن، جرنلن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. ڊاڪٽر صاحب کي سندس ڪتابن ۽ لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام مليا. ڊاڪٽر صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پنهنجا مضمون پڙهيا ۽ ڪافي عزت ماڻيائين. پاڪستان ۾ سماجي سائنس جي حوالي سان ڪيترن ئي ڪانفرنسن ۾ حصو وٺندو هو ۽ هميشه ننڍن صوبن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي پنهنجو آواز اٿاريندو هو. ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب سڄي دنيا ۾ مظلوم ماڻهن لاءِ ڪم ڪندڙ مقامي ۽ بين الاقوامي تنظيمن جو ميمبر پڻ هو ۽ انهن ۾ سندس صلاحڪاري ڪردار تمام اهميت وارو رهيو. آمريڪا ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب ٻيهر پنهنجي طرفان انگريزيءَ ۾ هڪ رسالو ”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فورم“ جي نالي سان ڪڍيو.

    آءٌ 1993ع ۾ آمريڪا ويو هوس. اُتي پهچي مون کيس فون ڪيو. پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ مون کي رات جي مانيءَ تي سڏيائين ۽ پاڻ مون کي هوٽل تان کڻڻ آيو. انهن ڏينهن ۾ هو واشنگٽن ڊي سي ڀرسان ورجينيا رياست جي شهر ورجينيا ۾ رهندو هو. ورجينيا ڊي سي سان گڏ آهي. اها رات يادگار رات هئي اسان لاءِ. پاڻ ۽ سندس گهرواري سٺي خدمت ڪئي ۽ مختلف کاڌا تيار ڪيا. مانيءَ کان پوءِ اسان جي ڪچهري شروع ٿي، جيڪا رات جي 2 وڳي تائين هلي.

    سڄو وقت سنڌ بابت ئي ڳالهايوسين. هتان جي سڄي سياسي ۽ سماجي صورتحال، سنڌ جي ٻولي، سنڌ جو ادب، سنڌ جي سماجي تبديلي وغيره. مون ڊاڪٽر صاحب کان گهڻو ڪجهه پرايو. هو علم جو هڪ بحر هو ۽ انتهائي پڙهيل، هر موضوع جي ڄاڻ جو ڀانڊار. منجهس سچائي هئي ۽ هڪ بهترين تجزيه نگار پڻ. ڪچهريءَ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب مون کي واپس پنهنجي هوٽل ۾ ڇڏڻ آيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان جي هڪ ٻئي دوست محترم علي نواز ميمڻ جيڪو پڻ ورجينيا ۾ رهندو آهي (هي صاحب لاڙڪاڻي جو سنڌي آهي ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ وڏي عهدي تي رهيو آهي ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ آهي ۽ سنڌ تي ڪيترن ئي موضوعن تي لکندو رهي ٿو) منهنجي دعوت ڪئي. هن صاحب ان دعوت ۾ ڊاڪٽر فيروز صاحب سميت ڪيترن ئي دوستن کي سڏيو جن ۾ قاضي اصغر عابد مرحوم به هو. مانيءَ کان پوءِ اچي سنڌ جي حوالي سان بحث ڇڙيو ۽ مون کي ياد آهي ته فجر ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر صاحب بحث ۾ ڀرپور حصو ورتو.

    ڊاڪٽر صاحب سڄي حياتي دنيا جي ۽ خاص طرح سان سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين جي ترقي پسند گروپن سان گهڻو لاڳاپيل رهيو ۽ هن انهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ اتحاد لاءِ همٿايو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڃي اُتان جي ماڻهن کي تنظيمي طور گڏ ٿيڻ جي تلقين ڪندو هو. يحيٰ جي مارشل لا، ضياءَ جي مارشل لا خلاف تمام گهڻو ڪجهه لکيو ۽ آمريڪا ۾ مظاهرا ڪرايا ۽ جڏهن ڀُٽي صاحب پنهنجي دور ۾ بلوچستان ۽ پختونستان جون حڪومتون ڊاٺيون ته هي انهن جي طرف ٿي بيٺو ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي ڪجهه لکيو. ايم آر ڊي ۾ به سندس ڀرپور ڪردار آهي. سڄي دنيا جي ترقي پسند ماڻهن ڏانهن اهو پيغام موڪليو ۽ آمريڪا ۾ آمريڪا جي ماڻهن سان گڏ تمام گهڻا مظاهرا ڪيا ۽ ڪرايا. هو پاڪستان ۾ سياسي ۽ سماجي تبديلين جو حامي هو ۽ سندس خيال هو ته سڀ ماڻهو گڏجي جدوجهد ڪن ته گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب اِهو ڏسي رهيو هو ته ڪيئن نه هتان جا ماڻهو بيمارين، بک، افلاس، غربت ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي ۽ سندن نجات هڪ جدوجهد ۾ آهي، جنهن لاءِ هن سوشيالاجي ۽ معاشي علمن جو سهارو ورتو ۽ لکيو.

    ڊاڪٽر صاحب هڪ روشن خيال، بهادر، سمجهدار ۽ ڌر ٿي بيهڻ وارو انسان هو. هو بين الاقوامي سطح تي هڪ مڃيل سماجي سائنس جو استاد ۽ مڃيل اسڪالر هو. سندس مشهور ڪتابن ۾ ”سياست ۽ نسل پرستي“ جيڪو انگريزيءَ ۾ آهي ۽ خاص طور تي ملڪ جي ننڍين قومن ۽ ايم ڪيو ايم جي سلسلي ۾ هو. هن سنڌ، قومي ۽ جمهوري جدوجهد- پاڪستان ۾ هڪ ماڻهوءَ جو آئين، پاڪستان ۾ فوجي حڪومتون ڇو، سامراج ۽ پاڪستان، انگولاجي آزادي ۽ انقلاب افغانستان جهڙا شاندار مقالا لکيا.

    انهن کان سواءِ اڻ ڳڻيل بهترين مضمون آهن جن ۾ خاص طور تي، ’قومي سوال‘هي مضمون ڊاڪٽر صاحب 1972ع ۾ ٻوليءَ جي فسادن کان پوءِ لکيو هو جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل هئي ۽ ڊاڪٽر صاحب جو هي مضمون تمام گهڻو مشهور ٿيو. سندس هي مضمون انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيو، جنهن جو بعد ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس ٻيا مشهور مضمون آهن، ’زرعي انقلاب ۽ پاڪستان’، ’سماجي تبديلي ۽ اقتصادي آزادي‘، صنعتي ترقي ۽ ٻيا. سندس حياتي وفا نه ڪئي ۽ هو 56 ورهين ۾ آمريڪا ۾ اپريل 1997 ۾ گذاري ويو.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڊاڪٽر فيروز احمد : سنڌ جو املهه ماڻڪ

    ادا اوهان شيئر ڪيو آهي تمام بهترين هوندو مان وقت سان پڙهي وٺندم انشاالله۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو