پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ​

    [​IMG]
    رئوف عباسي

    پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن کي وجود ۾ آئي 45 سال کان وڌ جو عرصو گذري چڪو آهي، ان وچ ۾ ڪيئي تبديليون آيون ڪيترن ئي پي ٽي وي جي نون ڪرتا ڌرتائن، اصل تفريحي فيلڊ ڊرامي، موسيقي، ڪاميڊيءَ جهڙن پروگرامن تي راتاهي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام جي مقبول سلسلن ۽ ڪردارن کي اهي گهڻو وقت بندش هيٺ نه آڻي سگهيا، پي ٽي وي 45 ساله دور ۾ بليڪ اينڊ وائيٽ کان ڪلر ٽرانسميشن ۽ ڪل ستن ڪلاڪن جي ريڪارڊ نشريات کي 24 ڪلاڪن جي لائيو نشريات ۾ عملي شڪل ڏئي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو هو.
    ان ۾ رڳو پي ٽي جي ڪارڪردگي اهميت نه لهڻي بلڪ عالمي ليول تي ميڊيا، خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا، پنهنجا اثر ڇڏيا، انهن جي روشنيءَ ۾ پي ٽي وي به ارتقا جا مرحلا طئي ڪيا آهن. پي ٽي وي ڪجهه غير معمولي آرٽسٽن جي فني ڪارڪردگيءَ تي روشني وجهندي، انهن جي فن، ڪردار نگاري، ادائيگي، مڪالمي ۽ ڊرامي تي سندس اثر واري رخ تي ڳالهائيندي.
    شفيع محمد شاهه: شفيع محمد شاهه،​
    ڪنڊياري جو رهواسي هو، هو شروع ۾ حيدرآباد ۾ هڪ بينڪ ۾ ڪيشيئر هو، کيس اداڪاريءَ جو شوق ۽ ريڊئي جي آر جيز جي آواز جي جادوءَ هن کي پڻ پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو، شروع شروع ۾ هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ به ڪجهه وقت طور انائو نسر طور ذميواريون ادا ڪيون، ان کان پوءِ هن لاهور جو رخ رکيو، لاهور جي ڪنهن پروڊيوسر جي ڪوششن سان سيريل ”تيسرا ڪناره“ ۾ سندس پهرين انٽري ٿي، ”تيسرا ڪناره“ جي ٻين اداڪارن ۾ ساحره ڪاظمي، راحت ڪاظمي ۽ عثمان پيرزادو نمايان هئا.
    شفيع محمد شاهه، پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پي ٽي وي جو مصروف ۽ مهانگو اداڪار رهيو هو هڪ ئي وقت سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ پرفارمنس ڏيندو رهيو.
    شفيع محمد، ڪراچي مرڪز جي مشهور ڊرامائي سلسلي ناٽڪ رنگ ۾ پڻ خدمتون انجام ڏنيون، هن جي ڪردار نگاري ڏسڻ وٽان هوندي هئي خاص ڪري جذباتي منظر ۾ ڪردار جو حصو ٿي ويندو هو، اصغر نديم سيد جي سيريل چاند گرهن جنهن ۾ شفيع محمد هڪ ئي وقت پير، زميندار ۽ سياستڪار جي روپ ۾ ڏسندڙن اڳيان هو.
    محترمه نور الهديٰ شاهه جي سيريل جنگل ۾ شاهه صاحب هڪ مهاڻي جي ڪردار ۾ سامهون آيو آهي، توڙي جو اهو ڪردار ڪو وڏو نه هو پر ان ۾ به سندس پرفارمنس ڏسڻ وٽان هئي، چاند گرهن ۾ سندس ويجها ڪردار گوهر ۽ اصغر جا آهن، چاند گرهن پنهنجي دور جي مقبول۽ مشهور سيريل هئي، جنهن جي سڄي ٽيم کي ليکڪ سميت گهڻي پذيرائي ملي.
    شاهه صاحب، سنڌي ڊرامي غلام ۾ پڻ هڪ وڏيري جي ڪردار ۾ خوب نڀايو آهي، هن لا تعداد ڳڻپ کان ٻاهر سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري نالو ڪمايو، ٻه چار فلمن ۾ به ڪم ڪيائين جيئن ايسا ڀي هوتا هي، بيوي هو تو ايسي، تلاش وغيره.
    شفيع محمد شاهه پرائيڊ آف پرفارمنس يافته هڪ ليجنڊ آرٽسٽ هو هن جي ٻين ڪو اسٽارز ۾ خالده رياست، بشريٰ انصاري، روبينا اشرف ، محمود صديقي، گلاب چانڊيو، سڪينه سمون وغيره رهيا.
    محبوب عالم:​
    ايئن چئجي ته پي ٽي وي کي مشهور ڪرڻ ۾ پڻ محبوب عالم جو هٿ هو، هي حيدرآباد جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ فنڪار هو، اداڪاريءَ جي شوق کيس سنڌي فلمن ۾ آندو، ان وقت ڪراچيءَ جي فلمي اسٽوڊيوز ۾ اردو فلمن سان گڏ سنڌي فلمن جي شوٽنگ به ٿيندي هئي. محبوب عالم سان وارث ۾ ساٿي آرٽسٽ طور جن اداڪاري ڪئي تن ۾ عابد علي، اورنگ زيب لغاري، فردوس جمال، عظميٰ گيلاني، طاهره نقوي، آغا سڪندر، منور سعيد، شجاعت هاشمي ۽ سجاد ڪشور جا نالا اهم حيثيت رکن ٿا.
    محبوب عالم، سنڌي فلمن ۾ ته اڳ ئي ايندو هو ڊرامن کان پوءِ اردو فلمن ڏانهن ويو، اتي کيس ڪم ته مليو پر کيس ڪا گهڻي پذيرائي نه ملي سگهي.
    عظميٰ گيلاني:​

    هي فيميل آرٽسٽ پڻ لاهور پي ٽي وي سينٽر جي سينيئر اداڪاره آهي، عظميٰ گيلاني جي سڃاڻپ اول آخر اداڪاري رهي، عظميٰ گيلاني پڻ هڪ مصروف آرٽسٽ طور رهي.
    هيءَ اڻ ڳڻين پنجابي ۽ اردو ڊرامن ۾ ڪردار نگاري ڪندي رهي. هڪ افغان مجاهدين جي موضوع تي ٺهيل سيريل پناهه هن جي ڪيريئر ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. عظميٰ گيلاني پڻ لاتعداد ڊرامن ۾ پرفارمنس ڪندي، پنهنجو نالو ڪمايو، هن جي ساٿي آرٽسٽن ۾ قوي، عابد علي، فاروق ضمير، جميل ملڪ، علي اعجاز، فردوس جمال، شجاعت هاشمي، خالده رياست، صبا حميد، بيگم خورشيد شاهد وغيره کي ڳڻپ ۾ آڻي سگهجي ٿو.
    سليم ناصر:​
    سادن نقشن ۽ شڪل وارو هي آرٽسٽ آواز جي گونج ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، سليم ناصر، پي ٽي وي لاهور ۽ ڪراچي ٻنهي سينٽرن تان ڊرامن ۾ ايندو رهيو. سليم ناصر، سنجيده ڪردار ۾ ڏسڻ وٽان هو پر انور مقصود جهڙي ليکڪ کيس آنگن ٽيڙا ۾ هڪ ڪاميڊي رول ۾ به ميدان تي لاٿو، سليم ناصر پڻ مٿين ذڪر ٿيل آرٽسٽن جيان پي ٽي وي جي باٺيڪار اداڪارن مان هو، هن جي آواز جي گهڻ گهرج ۽ مڪالمي جي ادائيگي مان ڄاڻ ملندي هئي ته هو ريڊئي کان آيل صداڪار آهي، جنهن کي ڊرامي جي فيلڊ اداڪار طور مستقل طور قبوليو، سليم ناصر، اردو فلمن ۾ به پرفارمنس ڏني پر اتان جي ماحول ۾ کيس سڪون نه آيو. سليم ناصر، ڪجهه وقت مشهور ليجنڊ اسٽار محمد عليءَ جو پرسنل سيڪريٽري به رهيو ۽ ان جي معرفت کيس فلمن ۾ ڪم مليو.
    ترقي پسند ڊرامه نويس شوڪت صديقي جي سيريل ”جان گلوس“ پرفارمنس ڪندي، بسليم ناصر دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.
    منصور بلوچ:​
    قدآور مڙس، ڳالهائڻ جو ڪو ڏيو، بدن ۾ ڀريل پهرين نظر ۾ ايئن لڳندو ڄڻ ڪو ملهه آهي، منصور بلوچ پڻ ٽيلي ڊرامي کان اڳ سنڌي فلمن ۾ قسمت آزمائي چڪو هو ۽ هو راڻي جي ڪهاڻي ۽ ساڳي سيريل اردو ويزن ۾ ديوارين ۾ گهڻن سان ملهه ڪري ويو. منصور بلوچ پاڻ مٿان راڻي جي ڪهاڻي جي هاشم جي ڇاپ نه لاهي سگهيو، ڪيترن اردو ۽ سنڌي فلمن ۾ ڊرامي کان اڳ توڙي پوءِ به ڪم ڪندو رهيو، شاهه اسد جي ڊائريڪشن ۾ آيل فلمن ۾ کيس ليڊنگ رول مليا، پر لاهور جي فلمي حلقن کيس ڪا گهڻي لفٽ نه ڏني، منصور بلوچ پڻ شهرت جي نشي ۾ ٻڏل رهيو، جنهن جي ڪري اڳتي هلي ڪا گهڻي پيشرفت نه ڪري سگهيو، منصور بلوچ، ڪردار نگاري توڙي ڪردار ۾ جذب ٿيڻ وارن آرٽسٽن مان هڪ هو، هن جي اوچتي وفات پي ٽي وي لاءِ نقصان جو ڪارڻ بڻي، منصور بلوچ جي ڪو آرٽسٽن ۾ شهباز دراني، شهناز سومرو، فريد نواز بلوچ، عمران پيرزادو، قربان جيلاني، شهزادي، روشن عطا، انور سولنگي، مشتاق جسڪاڻي ۽ نور محمد لاشاري اهم آهن.
    خالده رياست:​
    نرم لهجي جي وڏي اداڪاره، خالده رياست پڻ پي ٽي جي موسٽ سينيئر فيميل آرٽسٽن مان هڪ هئي، هيءَ هڪ تعليم يافته آرٽسٽ هئي ان دور ۾ جڏهن ڪاڇو ڪري پي ٽي وي تي وڃڻ ۾ عار محسوس ڪندي هئي ان دور ۾ خالده رياست پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ پرفارمنس ادا ڪئي ۽ خوب مقبوليت ماڻي، خالده رياست، پنهنجي دور جي مقبول ۽ مصروف اداڪاره رهي، هن جي ڪردار نگاري پڻ ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
    خالده رياست جي ٻين ساٿي فنڪارائين ۾ عظميٰ گيلاني، ثمينه احمد، ثمينه پيرزاده، ثروت عتيق، صبا حميد ۽ روبينا اشرف کي ڳڻي سگهجي ٿو.
    خالده رياست هڪ ور اسٽائيل آرٽسٽ هئي جنهن هر ڪردار چئلينج سمجهي کنيو ۽ پرفارمنس ڏني، هو پڻ وقت کان اڳ ۾ لهي وئي ۽ پنهنجي لازوال اداڪاريءَ جا نقش ڇڏي وئي. خالده رياست، پاڪستان تحريڪ تي لکيل ڊرامي تعمبير ۾ اقبال ترين سان ليڊنگ رول ۾ آئي، اقبال ترين ڊرامن کان اڳ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ليڊر هو ۽ موجوده جسقم جي جهنڊي جي ڊزائين جو باني پڻ اقبال ترين آهي، اقبال ترين آمريڪا وڃي اتي پڻ سنڌين جي ايڪتا لاءِ سانا جو بنياد رکيو.
    خالده رياست، هڪ ور اسٽائيل آرٽسٽ ۽ ڪردار جي گهر مطابق پرفارم ڪرڻ کي اوليت ڏيندي هئي. خالده رياست جي ڊرامن جو تعداد تمام گهڻو آهي، پر هوءَ گهڻو ڪري فيملي سبجيڪٽ جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ کي اهيمت ڏيندي هئي.

    [​IMG]
    شُجاعت هاشمي:​
    هي پڻ صداڪار کان فني زندگي شروع ڪندڙ آرٽسٽ هو. شجاعت هاشمي، پڻ امجد اسلام امجد جي مقبول سيريل ”وارث“ کان پوءِ مشهور ٿيو. ان کان اڳ هو لاهور مرڪز جي پنجابي ڊرامن ۾ ايندو هو. شُجاعت هاشمي، به هڪ غير معمولي ۽ ڪردار ۾ پاڻ کي ضم ڪندڙ اداڪار آهي. شُجاعت هاشمي، ٻين اڪيچار ڊرامن کان سواءِ سعادت حسن منٽو جي لکيل ڊرامي ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ ۾ هڪ پاڳل جي ڪردار ۾ آيو هو. ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ اهڙن ڪردارن جي زندگي تي لکيل آهي جيڪي 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ متاثر ٿي ذهني مرضن ۾ وٺجي، چرين جي اسپتالن ۾ پهتا. شُجاعت هاشمي، جي ساٿي اداڪارن م خالده رياست، صبا حميد، روبينه اشرف، عابد علي، فردوس جمال، ڊاڪٽر انور سجاد، فاروق ظمير وغيره رهيا. شُجاعت هاشمي، فلم ”ڪِرن اورڪلي“ ۽ ڪجهه ٻين فلمن ۾ پڻ اداڪاريءَ ۾ ڪردار نگاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. شُجاعت هاشمي، نوازشريف جي دؤر حڪومت ۾ پي ٽي وي لاهور مرڪز تان پروڊيوسر شاهد اقبال نديم جي سيريل ”زرد دوپهر“ ۾ پرفارم ڪيو. زرد دوپهر سياسي موضوع تي ڪيل سيريل هئي، جنهن کي نوازشريف حڪومت، بندش هيٺ آندو. سيريل سان گڏ شجاعت هاشمي ۽ ڊائريڪٽر جي لاهور مرڪز تي آمد پڻ بندش هيٺ آئي. ڊائريڪٽر کي ته معطل ڪيو ويو هو.
    محمود صديقي: ​
    اصل سکر سنڌ جو آهي. هي آرٽسٽ پڻ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جي بانيڪار اداڪارن مان هڪ هو. محمود صديقي، جي ابتدا ناٽڪ رنگ جي ڊرامن کان ٿي هي قد جو ٺهندڙ، شڪل جي بيهڪ ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو لڳندو هو.
    محمود صديقي، گهڻو تڻو سنڌي ڊرامن ۾ پاڻ مڃرايو. هلندي هلندي، کيس اردو ڊرامن جي پروڊيوسرن به چانس ڏيڻ شروع ڪيو. محمود صديقي، جي پرفارمنس، نورالهُديٰ شاهه جي ٽيلي پليز ”جنگل“ ۽ ”اب ميرا انتظار ڪر“ ۾ ڏسڻ وٽان هئي. هي ”جنگل“ ۾ هڪ فالج زده جاگيردار جي روپ ۾ آيل هو ۽ اب ميرا انتظار ڪر ۾ مغل بادشاهه، بهادر شاهه ظفر جي ڪردار ۾ بهتر پرفارم ڪندڙ اداڪار طور پاڻ مڃرائي ويو. محمود صديقي، هڪ پرائيڊ آف پرفارمنس يافته اداڪار هو.
    علي اعجاز:​
    علي اعجاز بحيثيت فلم ۾ ڪاميڊين آرٽسٽ طور 1966ع ۾ شباب ڪيرانوي جي هڪ فلم کان شروعات ڪئي. ان کان پوءِ هو اقبال ڪاشميريءَ جي ”سلطانه ڊاڪو“ ۾ آيو. ايئن لڳاتار ننڍن وڏن ڪردارن ۾ هو، ڪاميڊي توڙي ڪِن فلمن ۾ سنجيدا ڪردارن ۾ ايندو رهيو. علي اعجاز، ڊرامي ”دبئي چلو“ ۾ هڪ سادي ڳوٺاڻي جي روپ ۾ آيو. جيڪو ڪمائڻ لاءِ دبئي وڃي ٿو. پر، نقلي ۽ ڏهه نمبري ايجنٽن هٿان ڦرجي وڃي ٿو. ”دبئي چلو“ جي مقبوليت ۽ پذيرائي علي اعجاز لاءِ شهرت جا نوان دڳ کوليا. اڳتي هلي دُبئي چلو نالي سان فلم به ٺهي. علي اعجاز لا تعداد فلمن، ٽيلي پليز ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ پرفارم ڪيو آهي. سندس سيريل ”خواجه اينڊسن“ جيڪا لاهور مرڪز تان هلي هئي. ان پڻ خوب مقبوليت ماڻي. جيڪا فيملي سبجيڪٽ ۽ صاف سٿري ڪهاڻي ۽ ڪاميڊي تي جُڙيل سيريل هئي. علي اعجاز ۽ ننها عمر جي پوئين حصي ۾ يا کڻي ايئن چئون ته وچ ڄمار ۾ فلمن ۾ ليڊنگ رول ڪرڻ لڳا، ڪيتريون فلمون ته هنن پروڊيوس به پاڻ ڪيون. سندس ڪو آرٽسٽ ۾ راني، عاليه ۽ ممتاز ساڻ هُيون.
    يوسف علي: ​
    هي پڻ ”ناٽڪ رنگ“ جي سيريز ٽيلي پليز جو نَڪُ هو. يوسف علي، شڪل جو ٺهندڙ، کلمک ۽ بهتر پرفارم ڪندڙ اداڪار هيو کيس گهڻي شهرت، عبدالقادر جوڻيجي جي سيريل ”خان صاحب“ کان ملي، جنهن ۾ سندس ليڊنگ رول ۾ سڪينا سَمون آيل آهي. اڳتي هلي ”خان صاحب“ کي اردو ويزن ۾ ”چهوٽي سي دنيا“ جي نالي سان پيش ڪيو ويو. يوسف علي ڪراچي سينٽر جي مصروف اداڪارن مان هڪ هو. جوانيءَ ۾ دل جي دوري سبب سندس وفات ٿي.
    روبينا اشرف:​
    گوري رنگ جي ٺهندڙ نقشن واري روبينه اشرف جي فني سفر جي شروعات پڻ لاهور مرڪز کان ٿي. روبينا اشرف، ڪردار نگاريءَ جي حوالي کان لافاني ڪم ڪندڙ فيميل آرٽسٽ آهي. هِن پڻ پي ٽي وي جي هر مرڪز تان ٽيلي پليز ۾ جاندار اداڪاري ڪَري پاڻ مڃرايو. روبينا اشرف، امجد اسلام امجد، ڊاڪٽر انور سجاد، ڊاڪٽر طارق عزيز ۽ جميل ملڪ جهڙن مقبول ڊراما رائيٽرز جي ڊرامن ۾ ڪردار نگاري ڪئي، روبينا اشرف جي ڪوآرٽسٽن ۾ طلعت حسين، عابد علي، توقير ناصر، نعمان اعجاز، صَبا حميد ۽ فردوس جمال اهم آهن. توقير ناصر: هي آرٽسٽ پڻ، پنهنجي غير معمولي ڪردار نگاري، مڪالمن جي ادائيگي، ڪردار جي ڊمانڊ آهر هڪ بهتر پرفارم ڪندڙ آرٽسٽ آهي. توقير ناصر چولستان جي علائقائي صورتحال تي لکيل اصغر نديم سيد جي ڊرامن ۾ پرفارمنگ آرٽ ڪئي آهي. توقير ناصر، اڻ ڳڻين ٽي وي سيريز ۽ سيريل ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃرايو آهي. هن جي ساٿي اداڪارن/اداڪارائن ۾ قوي، ڪنول، شڪيل قريشي، فاروق ضمير وغيره اهم آهن. ساحرا ڪاظمي: شروع شروع ۾ لاهور مرڪز کان هڪ قدآور، کليل اکين، وڏي پيشاني واري ڇوڪريءَ، ٽيلي پلي ”تيرا ڪنارا“ ۾ آئي. جنهن جي اڳتي هلي سڃاڻپ ساحرا ڪاظمي طور ٿي. ساحرا ڪاظمي، اداڪارا کان پوءِ پروڊيوسر طور ڊراما پروڊيوس ڪندي رهي. ساحرا ڪاظمي جي ڪو آرٽسٽن ۾ راحت ڪاظمي، جمشيد انصاري، شڪيل، محمود مسعود، طلعت حسين، عذرا شيرواني، عشرت هاشمي وغيره رهيا. ساحرا ڪاظمي، اداڪار راحت ڪاظمي جي گهر واري آهي.
    صلاح الدين تُنيو:​
    هي اصل ۾ لاهوري محلي لاڙڪاڻي جو آهي. صلاح دين، ماضيءَ جي مقبول چاڪليٽي هيرو وحيد مراد سان شڪل صورت ۾ ملندڙ جلندڙ آهي. باقي هن جي فني ڪيريئر کي ڏسندي چئي سگهون ٿا ته هي بلاشڪ وحيد مراد کان وڏو اداڪار آهي. صلاح الدين پڻ محمود صديقي، غزاله رفيق، شفيع محمد، يوسف علي ۽ ممتاز ڪنول جيئان ناٽڪ رنگ کان فني سفر جي شروعات ڪئي. صلاح دين، پڙهيل لکيل هڪ سيبتو ماڻهو آهي. هن ڪاميڊي توڙي سنجيده ڪردار نگاريءَ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن کيس ورسٽائيل آرٽسٽ چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ ناهي. صلاح الدين تنيو جي اصل سڃاڻپ سنڌي ڊراما آهن پر هُن ايڪڙ ٻيڪڙ اردو ڊرامن ۾ به پرفارم ڪيو آهي. سندس ٻه نينگر به ڊرامن ۾ قسمت آزمائي رهيا آهن، اڄ ڪلهه هُو پاڻ به ڊراما پروڊيوس ڪري رهيو آهي. تازو ئي سنڌ ٽي وي تان سندس ڊرامو ”درد جي موسم“ نشر ٿي چڪو آهي. جيڪو زيب سنڌيءَ جو لکيل هو. هن ڊرامي ۾ هو بحيثيت اداڪار آيو آهي.
    سڪينا سَمون​
    : فن جي دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ هيءَ آرٽسٽ اصل سيوهڻ شهر جي آهي. هِن جي فني سفر جي شروعات پڻ ”ناٽڪ رنگ“ جي ڊرامي سلسلي کان ٿي. سڪينا سَمون به سنڌي ٽيلي پليز ۾ وارو وڄايو. ان کان پوءِ کيس اردو ڊرامن ۾ پڻ آفرز ملي. سَڪينا سَمون، نامور سنڌي توڙي اردو آرٽسٽن سان ڪم ڪري، پنهنجا ڪردار نگاريءَ جا نقش ڇڏيا آهن. هِن جي ڪو آرٽسٽن ۾ شفيع محمد، يوسف علي، فردوس جمال، عابد علي، ممتاز ڪنول، روشن عطا، گلاب چانڊيو وغيره اهم آهن. کيس پنهنجي دؤر جي مشهور آرٽسٽن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سڪينا سَمون، جي فني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پروڊيوسر محمد بخش سميجي، بادل جمالي، سميع بلوچ وغيره جو هٿ آهي.
    يعقوب ذڪريا: ​
    هي هڪ عام پورهيت طبقي جو ماڻهو جيڪو شروع شروع ۾ حيدرآباد ۾ فورسيٽر رڪشا هلائيندو هو. ريڊئي کان پوءِ پي ٽي وي تي آيو. يعقوب ذڪريا، سنڌي ٽيلي پليز کان پوءِ اردو ٽيلي پليز ۾ اداڪاري ڪئي. هن پڻ اڻ ڳڻين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس اهم ڪم ”ڪاروان“ ۾ ڏسڻ وٽان آهي. جنهن ۾ هو مرڪزي ڪردار سُکان (هُما اڪبر) جو والد ٿيو آهي. سکان، جو مرڪزي ڪردار نامياري هڪ گائڪا مائي ڀاڳي تان کنيو ويو هو. ”ڪاروان“ جي مرڪزي ڪردار لاءِ شروعات ۾ روحي بانو جي چونڊ ٿي هئي. پر ان جي انڪار کان پوءِ هُما اڪبر کي ساڳيو ڪردار ڏنو ويو. يعقوب ذڪريا، فن جي حوالي کان هڪ اهم ۽ ڄاتل سڃاتل نالو آهي.
    شگفته اعجاز:​
    هي ٺاهوڪي شڪل صورت واري فيملي آرٽسٽ، پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ آئي ۽ ڇانئجي وئي. شگفته اعجاز جي پهرين انٽري، ناهيد سلطانه اختر جي لکيل سيريل ”ڪانچ“ کان ٿي. ڪانچ ۾ هوءَ مرڪزي رول ۾ شفيع محمد شاهه جي سامهون آئي. ڪانچ جي ٻي ڪاسٽ ۾ ذهين طاهره، محمود علي، وغيره هئا. شگفته اعجاز پي ٽي وي توڙي خانگي چئنلز جي مصروف اداڪارا آهي. سندس ساٿي فنڪارن ۾ همايون سعيد، نعومان اعجاز، نعومان مسعود، عتيقه اوڍو، راشد محمود، قوي، طلعت حسين وغيره آهن. شگفته اعجاز، زيب سنڌيءَ جي اردو سيريل ”جانشين“ ۾ پڻ شفيع محمد شاهه سان گڏجي پرفارمنس ڪيو.
    پرفارمنگ آرٽ جي حوالي کان توڙي سنجيده ڪردار نگاريءَ جي حوالي کان خالده رياست ۽ ”بُشريٰ انصاري کان پوءِ شگفته اعجاز سٺي فيميل آرٽسٽ آهي. هن جو شمار اڄ جي مقبول اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو.
    نورمحمد لاشاري، تعليم کاتي مان رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچي سينٽر تان سنڌي ڊرامن جي سلسلي ”ناٽڪ رنگ جي ٽيلي پليز ۾ اچڻ لڳو. هُو عمر رسيده هئڻ جي باوجود اداڪاريءَ جو بي بها سمنڊ هو. نورمحمد لاشاري، جنگل، ديوارين، چهوٽي سي دنيا، مٽيءَ جا ماڻهون وغيره جهڙين سيريليز ۾ فنڪاراڻه صلاحيتن کي مڃايو. نورمحمد لاشاري جي ڪردار نگاريءَ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هي پيدائشي فنڪار هو. نورمحمد لاشاريءَ جي ساٿي آرٽسٽن ۾ منصور بلوچ، سڪينه سَمون، يوسف علي، شهزادي، روشن عطا، انور سولنگي ۽ شهباز دُراني اهم نالا آهن. عابد علي: عابد علي، لاهور مرڪز کان پنجابي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ کان شروعات ڪئي. عابد علي، به انهن اداڪارن مان هڪ آهي. جن کي ”وارث“ کان پوءِ شهرت ملي. عابد علي، اداڪاريءَ جي ميدان ۾ سُٺي ناماچاري ڪمائي. هُو ڪنهن دؤر ۾ لاهور مرڪز جي ڊرامن جو مصروف آرٽسٽ ڳڻيو ويندو هو. پي ٽي وي کان سواءِ هن ذاتي پروڊڪشن ۾ به ڊراما ٺاهيا آهن، جيڪي خانگي چئنل تان هليا آهن. هُو پاڻ به نجي چئنلن تان ڪم ڪندڙ آرٽسٽ آهي. عابد علي، جي ڪو آرٽسٽن ۾ محبوب عالم، فرودس جمال، منور سعيد، قوي، اورنگ زيب لغاري، عُظميٰ گيلاني، صَبا حميد، فاروق ضمير، نگهت بٽ، سجاد ڪشور اهم نالا آهن. عابد علي، هر ڪردار ۾ پاڻ مڃرايو آهي. هُو ڪجهه وقت فلم انڊسٽريءَ ۾ به آيو. پر، کيس ڪا گهڻي پذيرائي ڪا نه مليس.
    سهيل اصغر:​

    هي پڻ لاهور مرڪز جي نيشنل چئنل تان ايندو رهيو. ان کان پوءِ کيس ملٽي ميڊيا جي ڊرامن ۾ کنيو ويو. سهيل اصغر، فني ڪردار نگاريءَ جي گهري ڇاپ ڇڏي، جنهن جي ڪري کيس ٿوري ئي عرصي ۾ ملڪ جي وڏن اداڪارن سان کيس ڪاسٽ ڪيو ويو. سهيل اصغر، ”چاند گرهن“ ۾ شفيع محمد شاهه، فريال گوهر، وغيره جهڙن ليجنڊ آرٽسٽن سان ڪم ڪري پاڻ مڃرايو. ثمينه پيرزاده: رفيع پير ٿيٽر جي ڪٽرن جي ثمينه پيرزاده، مشهور اداڪار عثمان پيرزادي جي زال آهي. هن جي فني ڄمار پڻ 30 سالن کان مٿي آهي. ثمينه پيرزاده هر ڪئريڪٽر ۾ پرفارم ڪيو آهي. خاص ڪري فئملي سبجيڪٽ جي ڊرامن ۾ هِن جو اهم رول آهي. ثمينه پيرزاده، ڊرامن کان سواءِ فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه فلمون پاڻ به پروڊيوس ڪيون آهن. جن ۾ انتها، بازار حسن وغيره اهم آهن.


    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    ادا ممتاز تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي۔ ادا تاجل بيوس جو به تعارف پيش ڪريو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    ادا ممتاز بهترين ليک سو به چونڊ فنڪارن بابت۔ مهرباني
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    ادا تاجل بيوس جي تعارف لاء هت ڪلڪ ڪريو۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    ادا ممتاز تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    واھ ادا سهڻي ونڊ آهي۔
    مهرباني
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    ادا مهربانيون اوهان جون جو اوهان منهنجي ونڊ کي پڙهو ٿا پسند ڪيو ٿا ۽ جواب پڻ ڏيو ٿا۔ توهان جا جواب منهنجي لاء خوشيء جو سبب بڻبا آهن، ۽ دل خوش ٿئي ويندي آهي ته منهنجي ونڊ هرو ڀرو ضايع ڪانه ٿي وڃي، ۽ اهيا پڪ ٿئي ٿي ته جيئن ٻين ليکڪن جي ليک تي جواب اچن ٿا ائين منهنجي ليک تي پڻ جواب اچن ٿا۔۽ توهان جي جوابن جي ڪري منهنجي همت افزائي ٿئي ٿي، مون کي هڪ قسم جي ٽيڪ ملي ٿي وڃي۔ توهان دوستن جون نوازشون ۽ قرب۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    ادا توهان جون وڏيون مهربانيون جو توهان پنهنجي خيالات کان واقف ڪرڻ لاء منهنجي هر ونڊ تي جواب لکندا آهيو جنهن لاء اوهان جي مهرباني۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پي ٽي وي جا ڪجهه غير معمولي آرٽسٽ

    ادا عاشق صاحب توهان صرف نالي جا عاشق نه آهيو پر مون ڏٺو آهي ته توهان سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عالمن اديبن جا به عاشق آهيو۔ ان ڪري ئي توهان منهنجي هر ونڊ جنهن ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهون، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي عالمن اديبن جو ذڪر هوندو آهي ۽ توهان انهن منهنجي ونڊن کي نه صرف پسند ڪندا آهيو پر پنهنجي قيمتي وقت مان پنهنجو وقت ڏئي ڪري منهنجي ونڊن تي جواب پڻ لکندا آهيو، ۽ اوهان جا جواب مون لاء هڪ وڏي وٿ آهن ۽ توهان جا جواب ئي ثابت ڪندا آهن ته منهنجي ونڊ نه صرف پڙهي وڃي ٿي پر ان تي تبصرو ۽ تنقيد پڻ ڪئي وڃي ٿي۔ جنهن لاء اوهان تمام دوستن جون مهربانيون ۽ قرب۔
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو