مارئي ۽ قاصد جو سوال ۽ جواب

'سنڌي شاعري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خــــبر ڏي ادا تــــون ابــاڻـــا ڏٺـــا تــــــو،

    پنهنوارن پٽن تي ڪي ڀاڻا ڏٺـــــا تــــو،

    ســـوين ســور سانـگين سامـــاڻا ڏٺـــا تو،

    رنــــــا رات مـــارو ســـي راڻا ڏٺـــا تــــــو،

    ڪـــٿـــي ٿر ۾ ٿورا ٺـــڪاڻا ڏٺـــا تو،

    لـــلـــر کنــڀ لاڻيـــون ۽ لاڻـا ڏٺــــا تـــــو،

    الائــــي ڇــو ابـــاڻن ڇــڏيو آ وســــــاري،

    هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ ساگهاري.



    رنـا رات مـــارو پـــنهـــوار تـــولاءِ،

    ٻاڪاريو ٻچن ٿي ٻڪرار تولاءِ،

    اٿـن ياد تنهــنجي هـــــر وار تولاءِ،

    ڪــيو مــيل مــارن پرچار تولاءِ،

    روئن ڏينهن راتيون ريــڍار تــولاءِ،

    ڪيا وس ويچارن وهنوار تولاءِ،

    اتي ساريو سانگين اکين آب هاري.

    هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.



    ادا ڏيهه منهنجي جــا ڏئونرا ڏٺــا تو،

    چڱا هت چوڙيلن جا چئونرا ڏٺا تو،

    اتي ڌڻ ڌنــارن جـــا ڌئـــنورا ڏٺـــا تو،

    ڪيا کير مارن جي کنئورا ڏٺـــا تو،

    تڏيون هت تــڙن تــي تئـــونرا ڏٺــا تو،

    انهيءَ ڀـــر ڀٽــن تي ڀئـــــونرا ڏٺـــا تو،

    سندن ياد منهنجو ڇڏيو هاءُ ڏاري،

    هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.



    سڄي رات سانگي ڪڍن پار تولاءِ،

    ڪـــيا ســـور ساڻا ٻـــڍا ٻـــار تـولاءِ،

    هئي تن کي تازي تنهنجي تار تولاءِ،

    رنـــا هـــو ٿـي راڻــــي وڻ ڏار تـــولاءِ،

    کڻن ســـاهه ٿڌڙا شــوڪـــارا تولاءِ،

    کٿيـــلين جـــا کوهـــن ڀر هار تولاءِ،

    انهيءَ مام مارو ڇڏيا تنهنجي ماري.

    هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.



    اتــــي راڄ راڻــا ۽ راڻيــون ڏٺـــيـــون تــــــو،

    اهـــــي جايـــون ساڳـــــيون ڏٺيــون تــــــو،

    وجهن من مٿي ۾ ماڌاڻيون ڏٺيــــون تــو،

    سهي سور واريون سانگياڻيون ڏٺيــون تــو،

    اتي ڪيئن هي راتيون وهاڻيون ڏٺيون تو،

    وڏي گــــهـــرن واريــــــون وڏاڻـــــيـــون تـــو،

    انهيءَ ساهه سرتين کي منهنجو تو ساري،

    هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.



    ڪـــيا روز مـــــارن ماتـــام تـــولاءِ،

    ڦٿا ڪن فڪر ۾ هر طعام تولاءِ،

    اها ريت”اصــغر“ ننـــگ نـــام تــولاءِ،

    ڪيـــا وس ويـــچارن هر مام تولاءِ،

    ڏٺا تڙ ترايون جــهنــگ جـــام تولاءِ،

    اتي هر صـــبح ۽ ڏسن شـــــام تولاءِ،

    ســـڄا ڳوٺ ڳليون ٿڪاهو نهاري،

    هتي هيءَ بندياڻي گهڙيون ڪينءَ سا گهاري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو