عورت اڃا ڪيتري آزادي چاهي ٿي؟

'سنڌياڻي' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ازل کان وٺي عورتن سان درد ۽ پيڙها جا داستان منسوب رهيا آهن، پراڻي زماني ۾ ماڻهو نياڻين جي ڄمڻ تي انهن کي جيئرو دفن ڪري ڇڏيندا هئا ٻيا به ڪيترائي مثال آهن ڪڏهن وري عورت مارئي ٿي وطن ۽ مارن جي محبت ۾ عمرڪوٽ ۾ باندياڻي ٿي رهڻ کانپوءِ به پنهنجي عظمت ۽ پاڪدامني جو ثبوت جنهن انداز ۾ ڏنو ان جو مثال اج به هر پليٽ فارم تي وڏي فخر سان ڏنو وڃي ٿو پر اڄ جي عورت جيڪا آزادي ۽ مظلوميت جو راڳ آلاپي ٿي اها اڳ کان وڌيڪ آزاد آهي، هو ڊاڪٽر آهي، انجنيئر آهي، اديب آهي، سياستدان آهي، فضائن ۾ جهاز اڏائڻ کان وٺي هر شعبي ۾ مرد کان مٿڀري آهي اڃا هو ڪيتري آزادي چاهي ٿي؟ عورت جيڪڏهن مظلوم بيوس لاچار آهي ته ڪٿي وري هو مظلوميت ۽ لاچار جي چادر ڍڪي بيوسي جو ڊونگ رچائي پنهنجن سان ويساهه گهاتي به ڪري ٿي، زماني وارن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي دنيا وارن کان همدردي پڻ وصول ڪري ٿي اها به هڪ عورت آهي جيڪا لالچ ۾ اچي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ پنهنجي معصوم ٻچن کي بي سهارا ڇڏي فرار ٿي وڃي ٿي، ڪٿي هن کي ماني دير ڪرڻ تان تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪٿي وري هو ڪنهن غير سان ملي پنهنجي زندگي جي همسفر کي به قتل ڪرائي ٿي ڇڏي اها به هڪ عورت آهي جيڪا سڱ چٽي عيوضي پنهنجي زندگي قربان ڪندي ڪنڊن تي به هلڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي ڪا وري پيءُ ماءُ جي عزت کي مٽيءَ ۾ ملائي چند ڏينهن جي چاهه لاءِ پيءُ ماءُ جي محبت کي به قربان ڪري گهران نڪري ٿي ۽ انهن جي زندگين کي رسوائين جي نظر ڪري هلي ٿي وڃي، عورت جو اهو خود غرضاڻو ۽ بيباڪ روپ ئي آهي جنهن معاشري ۾ براين کي جنم ڏنو آهي، خونريزي ۽ قبيلائي تڪرارن کي جنم ڏنو آهي، ڪارو ڪاري جهڙي گندين رسمن لاءِ راهه هموار ڪئي آهي، هڪ انسان جو برو عمل صرف ان انسان سان نه پر ان جي پوري خاندان سان منسوب رهي ٿو پر پوري قوم لاءِ داغ بڻجي پوي ٿو، دشمني جي آڙ ۾ بيقصور نياڻين کي به ڪاري هجڻ جو ليبل لڳائي قتل ڪيو ٿو وڃي ته ڪٿي وري بريون به مظلوم هجڻ جي دعويٰ ڪندي تحفظ حاصل ڪري وٺن ٿيون، جيڪڏهن ڪائي عورت پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري ٿي ته ان جي پويان ڪيئي بيقصور نياڻيون عمر ڀر جو عذاب ڀوڳين ٿيون، سنڌ جي هن عظيم سر زمين جنهن سان ڪيترائي پيار، محبت، امن ۽ قرباني جا داستان منسوب رهيا آهن، ان تي ايتريون برايون ۽ خونريزي توڙي شاهه جي هن نگري جو اهڙو حال ڏسي دل درد منجهان روئي پئي ميڊيا کي گهرجي ۽ وس وارن کي ته هو عورت جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ سان گڏ سنڌ ۾ وبا جيان ڦهليل گندين ريتن رسمن جن ۾ سڪن پويان ساوا به سڙيا ٿا وڃن جهڙوڪ قبيلائي تڪرار ڪارو ڪاري ۽ جرڳا سسٽم کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ڪوشش وٺن ۽ سنڌ ڄائي کي به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سورمي مارئي جيان اڏول ۽ با ڪردار هئڻ کپي پوءِ سنڌ جيڪا صوفين ۽ ولين جي سر زمين ليکي وڃي ٿي جنت جيان حسين بڻجي ويندي.

    مارئي ڪانڌڙو
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت اڃا ڪيتري آزادي چاهي ٿي؟

    بهترين ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو