ڪراچي جو وجود

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچي جو وجود​


    الطاف شيخ
    چون ٿا ته ڪراچي ۾ هڪ هندو واپاري ڀوڄ مل نالي پنهنجي خاندان سان گڏ کڙڪ بندر کان ڪراچي واري ڳوٺ (ڪلاچي ڳوٺ) لڏي آيو. ان کان علاوه شاهه بندر کان به ڪجهه ماڻهو هتي آيا. اهڙي طرح ويهه پنجويهه گھرن جي مهاڻن جي وستي هڪ واپاري ڳوٺ ٿي پيو. آهستي آهستي هن ڳوٺ جي چوڌاري هڪ ڀت ڏني وئي ۽ نوان ايندڙ ان اندر رهڻ لڳا.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي جي شهر انگريزن جي دور 1843ع کان 1947ع ۾ وڏي ترقي ڪئي پر ڏٺو وڃي ته ان کان اڳ ٽالپرن جي دور 1782ع کان 1843ع ۾ به ڪراچي وڏي اهميت حاصل ڪئي ۽ هڪ ويران ڳوٺڙي مان هڪ تجارتي شهر ٿي وئي. ٽالپر گھراڻي جو پهريون امير مير فتح علي خان جيڪو 1782ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو چڱو قابل ماڻهو هو جنهن کي ڪراچي جي جاگرافي ۽ تجارتي نقطي نگاهه کان اهميت جي ڄاڻ هئي. ان وقت ڪراچي وارو هي علائقو قلات جي خان جي هٿ هيٺ هو. مير فتح علي خان 1795ع ۾ نواب ولي محمد خان لغاري جي ڪمانڊ هيٺ هڪ مضبوط جٿو موڪلي ڪراچي پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. انهي سال مير فتح علي خان منهوڙي ٻيٽ تي قلعو ٺهرايو جيئن ڪراچي هاربر ۾ ايندڙ ويندڙ جهازن تي نظر رکي وڃي. بندرگاهه اڃا ٺهرايو نه ويو هو پر ان پروگرام جو سوچي مير صاحب 1795ع ۾ اهو قلعو ٺهرايو جو هن ڏٺو پئي ته ننڍين وڏين ٻيڙين جو لنگهه اتان ئي ٿئي ٿو. بندرگاهن جي تاريخ ڄاڻڻ وارا مڃين ٿا ته ڪراچي جي واڌاري لاءِ مير فتح علي جو اهو وڏو ۽ بهترين قدم هو. 1799ع ۾ انگريزن کي ڪراچي ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني وئي پر مير صاحب ذهين هو ۽ هو جلدي ئي سمجھي ويو ته انگريزن جي نيت صحيح نه آهي هو ان ڳالهه پٺيان پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري رهيا آهن ۽ هن انگريزن جو ڪارخانو يڪدم بند ڪرائي ڇڏيو. ڪراچي جي واڌاري ۽ سڌاري جو ڪم ميرفتح علي جا پويان به قائم رکندا آيا ۽ ڪراچي ڏينهون ڏينهن هڪ اهم ۽ مشغول بندرگاهه ثابت ٿيندو ويو. ماڻهن جي گهڻي لڏ پلاڻ ڪري ڪراچي جو شهر وڌندو ويو ۽ ڳوٺ ۾ رهائش لاءِ ڏنل ڀت کان ٻاهر به ماڻهو رهڻ لڳا. شهر جي آدمشماري ايتري ته وڌڻ لڳي جو امير وقت بوقت ماڻهن جو ڳاڻيٽو ڪرائيندا رهيا. پاٽنجر ڪراچي جي 1813ع وارين حالتن بابت پنهنجي ڪتاب Travels in baluchistan sindh ۾ لکيو آهي ته ان وقت شهر کي ڏنل ڀت اندر 3250 گھر هئا. ان کان علاوه ڀت جي ٻاهران به ڪيترائي ڪچا پڪا گھر ۽ جهوپڙيون آهن. گھمڻ ۽ واپار وڙي لاءِ آيلن کي ڪڍي باقي مستقل رهڻ وارن جي آدمشماري 13 هزار کن آهي جيڪا 1809ع جي آدمشماري کان ڏيڍوڻي ٿي.
    هڪ ٻئي انگريز ليفٽيننٽ ڪارليس جو 1839ع ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي جو ٺهيل نقشو موجود آهي. هو پاڻ به ان نقشي ٺاهڻ وارن ڏينهن 1849ع کان ڏهاڪو کن سال اڳ 1830ع وارن ڏينهن مان (جڏهن پاڻ پهريون دفعو ڪراچي آيو هو) ڀيٽي لکي ٿو ته ڪراچي جو شهر تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي. 1840ع تائين شروع واري شهر کي ڏنل ڀت صفا ڊهي وئي ۽ پوءِ پراڻو ۽ نئون شهر هڪ ٿي ويو.
    ڪراچي جي بندرگاهه جي پاٽنجر به تعريف ڪري ٿو ته 1813ع ۾ جڏهن هو هتي آيو ته درآمد ۽ برآمد ٿيندڙ شين جو تعداد ۽ وزن ڏسي وائڙو ٿي ويو. ڪي شيون سنڌ کان ٻاهر ويون ٿي ڪي ٻاهران سنڌ ۾ آيون ٿي. ڪي شيون هڪڙن ملڪن کان ٻين ملڪن لاءِ هيون پر جهاز بدلائڻ لاءِ اهي سنڌ ۾ لاٿيون ويون ٿي (يعني ڪارگو جي transshipment ٿي ٿِي). انهن مان ڪجهه شيون هي هيون، لوڻ، چانور، ڪپاهه، چانهه، تيلي ٻج، شارڪ مڇي جون کنڀڙاٽيون، ڇوڏو، الڪلي، زعفران، گھوڙا، چمڙو، کلون، ڪشميري شالون، هيرا پٿر، سڪل ميوا، غاليچا، کجور، گلاب جو پاڻي، تماڪ وغيره وغيره.
    ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڪراچي جو انتظام جنهن آفيسر حوالي هوندو هو اهو نواب سڏيو ويو ٿي ۽ هن سول ۽ ملٽري گورنر جا فرض ادا ڪيا ٿي. 1837ع ۾ ڪراچي جو نواب”احمد ڀرڳڙي“ هو. ٽئڪس ۽ روينيو وٺڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو مقرر ٿيل هئا جيڪي عامل سڏبا هئا. سو ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڪراچي شهر، ان جو بندرگاهه ۽ ان جي معرفت هلندڙ ڪاروبار خوب هليو ۽ منجهس اڳتي ويجھڻ جي سگهه پئدا ٿي.
    هون ڏٺو وڃي ته ڪراچي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ۽ مختلف هنڌن تان آيل ٻيڙن لاءِ لنگر ڪرائڻ (ترسڻ ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ) لاءِ هڪ سٺو قدرتي بندرگاهه ارڙهين صدي يعني ٽالپرن جي راڄ کان به هو. 1767ع جي هڪ لکڻي مطابق جيڪا مير علي شير فاني نالي هڪ تاريخدان اسان کي ٻڌائي. 1742ع ۾ (يعني مير فتح علي ٽالپر جي حڪومت شروع ٿيڻ کان به چاليهه سال کن اڳ) نادر شاهه جو هڪ ايلچي مظفر علي خان سمنڊ رستي ڪراچي بندرگاهه ۾ پهتو جتان پوءِ هو ٺٽي روانو ٿي ويو.
    ڪراچي جي هڪ رهائش واري شهر جي هجڻ جي سچائي ليفٽيننٽ جان پورٽر جي رپورٽن مان به پوي ٿي جيڪي ٻه ٽي سال پوءِ (45- 1744ع) جون لکيل آهن. هن ڪراچي يا ڪلاچي جي اسپيلنگ CROCHEY لکي آهي.
    Crochey Town is situated about 5 or 6 miles from where the vessels lay and about a mile from a creek where only small boats can enter crochey belonged to balochees but the prince of scindy made an exchange with some other place for it.
    جديد ڪراچي شهر جي تاريخ 1839ع ۾ انگريزن جي فتح کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ چارلس نيپيئر ميرن جي گادي واري هنڌ حيدرآباد جي بدران ڪراچي کي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو. پهرين حيدرآباد ۾ ئي رهڻ پسند ڪيائين جو اتي ڪلهوڙن جو ٺهيل عاليشان قلعو پڻ هو پر حيدرآباد شهر جي موسم نيپيئر کي ڏاڍي گرم لڳي ۽ هي هنڌ برطانوي فوجن جي رهائش لاءِ سهپ کان ٻاهر ٿي وڃي ها. انهن ڏينهن ۾ برطانوي فوج ۾ رچرڊ برٽن نالي هڪ ڪئپٽن هو تنهن کي سرچارلس نيپيئر ڪراچي وڃي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ چيو ته آيا رهائش جي خيال کان ڪراچي حيدرآباد کان وڌيڪ بهتر جاءِ آهي يا نه.
    رچرڊ برٽن جنهن جو آڪسفورڊ سان تعلق هو هڪ نهايت مشهور انگريزي اسڪالر هو جنهن کي ڪيتريون ئي ٻوليون آيون ٿي. رچرڊ برٽن ڪراچي جي هن سفر لاءِ پاڻ سان گڏ هڪ جونئر آفيسر فوجي وٺي گھوڙي تي روانو ٿيو. هنن کي ڪراچي پهچڻ ۾ ڏهه ڏينهن لڳي ويا ڪراچي ۾ پنهنجي سرڪاري سونپيل ڪم جي دوران هڪ ڏينهن برٽن پنهنجي زبردست آفيسر (جو سترهن ارڙهن سالن جو انگريز نوجوان هو) مانگر پيرجي سير تي هلڻ لاءِ چيو. (هن جاءِ کي هاڻ منگھوپير سڏين ٿا. مانگر يعني واڳون يا مانگر مڇ آهي ۽ هنن مانگر مڇن جي نگهباني وارو شخص پير سڏبو هو ۽ اڃا تائين سڏرائي ٿو). انهن ڏينهن ۾ مانگر مڇن واري هن حوض جي چوڌاري ڀت نه هئي جنهن ڪري مانگر مڇ آزادي سان گهمندا ڦرندا رهيا ٿي. رات جي وقت ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پوندا هئا. ڪيترا ته بکايل واڳن هٿان مارجي به ويندا هئا. ماڻهن جي بچاءِ لاءِ سرچارلس نيپيئر حوض جي چوڌاري ڀت ٺاهڻ ۽ واڳن کي ٻاهر نه ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. ان بعد هتي جي زيارت ڪرڻ وارن جي جان محفوظ ٿي وئي
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪراچي جو وجود

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو