گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيار سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ، ڪالهه بتاريخ 27 نومبر 2010ع تي صُبح جو ساڍي نوين وڳي تائين سُتو پيو هُئس ته اوچتو منهنجي ننڍي ڀاڄائي جو آواز ڪنن تي پيو ته ڀا نثار اڃان ستو پيو آهي، ماسات سڳوري جواب ڏنس ته رات جو دير تائين ڪمپيوٽر تي پنهنجو تخليقي ڪم ڪري رهيو هو دير سان ستو آهي ان ڪري اڃان تائين ستو پيو آهي، ڀاڀي چوڻ لڳي ته ڀا نثار کي پاڙي جي گرلز ها اسڪول ۾ قومي ايڪتا جي ڏهاڙي ۾ ملهايل فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيڻي آهي، جيڪو ٿوري دير کان پو پاڙي جي گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ۾ ٿيندو۔ توهان سڀني دوستن کي سُڌ هُجي ته منهنجي ڀاڀي انهي اسڪول ۾ پي ايس ٽي آهي ، جڏهن ته ساڳي اسڪول ۾ منهنجي ڀاڀي جي وڏي ڀيڻ پرائمري اسڪول جي هيڊ مسٽريس آهي۔ ماسات سڳوري فوري اچي مونکي اٿاريو مون چيومانس ته مولائڻ توکي خبر آهي ته رات دير سان ستو آهيان، چوڻ لڳي ته تنهنجي ڀاڀي توکي ڪجهه چوڻ ٿي چاهي، اڙي ڀيڻ خير ته آهي جيئن ته منهنجي ننڍي ڀاڀي کي آئون ڀيڻ ڪري ڪوٺيندو آهيان سو چوڻ لڳي ته ڀا ناز اڄ اسان جي اسڪول ۾ عبرت گروپ آف پبليڪشن ۽ سنڌ ٽي وي وارن قومي ايڪتا جي حوالي سان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ هڪڙو جاڳرتا وارو فنڪشن ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ شهر ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او جناب علي محمد لُنڊ صاحب، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم حاجي محمد امين لاکو، ۽ تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل ضلع ٽنڊو محمد خان جا آفيسرز خواتين ۽ حضرات شريڪ ٿِي رهيا آهن ان سلسلي ۾ ڪافي رنگا رنگ ٽيبلوز گيت وغيره اسڪول جي نياڻين تيار ڪيا آهن سو توهان کي ان ۾ شريڪ ٿيڻو آهي، ڀيڻ ڀلا ڀا نوراحمد سمون انهي فنڪشن ۾ شريڪ ٿيندو، توهان کي ياد ڏياريندو هلان ته منهنجو ننڍو ڀا نوراحمد سمون بحيثيت ڊپٽي سيڪريٽري سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن صوبه بلوچستان ۾ مقرر آهي، اهو عيدلاضحى جي موڪل تي اسان جي گهر آيل هو، جيئن ته اسان جي جوائينٽ فيملي آهي اسان ٽيئي ڀائر پنهنجي پوري خاندان سميت هڪڙي گهر ۾ رهندا آهيون، جيستائين ڀاڀي جواب ڏي تيستائين ڀاءُ نوراحمد سمون پنهنجي ڪمري مان جواب ڏنو ته ڀاءُ وڏا بلڪل مونکي به دعوت آهي آئون تيار ٿيان پيو تون به جلدي تيار ٿي ته ٻئي گڏجي انهي فنڪشن ۾ شريڪ ٿيون ٿا۔ مونکي فوري سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ ياد آيو ته منهنجي سنڌ سلامت لاءِ ڪافي سارو مواد مونکي ملي پوندو، سو جلدي جلدي برش ڪرڻ سان گڏ شيو ڪرڻ لڳس ماسات سڳوري منهنجا ڪپڙا استري ڪرڻ لڳي، برش ۽ شيو ڪرڻ کانپوءِ غسل خاني جو رخ رکيم ، وهنجي سنهنجي تازو توانو ٿيس جيئن ته ڀاڀي ناشتو صُبح سويري تيار ڪري ڇڏيو هو، سو جيئن ئي غسل خاني مان نڪتس ته ڀاڀي چيو ته ڀاءُ نثار ناشتو تيار آهي ، ڀاءُ نوراحمد سمون جڏهن ڊيوٽيءَ سانگي بلوچستان هوندو آهي جيڪڏهن سويري اٿندو آهيان ته ماسات سڳوري سان گڏ ناشتو ڪندو آهيان جيڪڏهن دير سان اٿندو آهيان ته اڪيلو ناشتو ڪندو آهيان پر ڀاءُ نوراحمد سمون جڏهن سنڌ ۾ هوندو آهي ته ان سان گڏ ناشتو ڪندو آهيان، سو جلدي جلدي ناشتو کائي اسان ٻئي ڀائر فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانه ٿياسين ، جيئن ته اهو فنڪشن سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ واري قومي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو ويو هو سو سنڌي ٽوپي مون ۽ ڀاءُ نوراحمد پاتي، هڪڙي خوبصورت سنڌي اجرڪ ڪلهي ۾ اوڍيم ۽ ڀاءُ لاءِ کڻي آيس ته ادا نور تون به هي اجرڪ اوڍي هل، ڀاءُ چيو ته ڀاءُ آئون ته مهمان خصوصي آهيان مونکي گهڻو ڪري اتي اجرڪ جو تحفو اوڍائيندا ان ڪري آئون اجرڪ ڪونه ٿو پايان، مونکان کل نڪري وئي چيم ته ها ادا آخر ته بلوچستان حڪومت جو وڏو ڪامورو آهين سو ضرور توکي اجرڪ اوڍائيندا اسين فقير ماڻهو اسين پنهنجي سنڌ جي ثقافت ايڊوانس ۾ پنهنجي ڪلهي ۾ پائي ٿا هلون، خير اسان ٻئي ڀائر اسڪول ۾ ٻن منٽن ۾ پهچي وياسين توهان کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته اهو اسڪول اسان جي گهر کان چند قدمن جي مفاصلي تي آهي۔ انهي اسڪول جي پرائمري اسڪول جي هيڊ مسٽريس ۽ هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس پنهنجي اسڪول ۾ اچڻ تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو، اسان کان اڳ انهي فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر محترم حاجي امين لاکو ، ضلعي ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ، عبرت گروپ آف پبليڪيشن جو سينئر نيوز ايڊيٽر جئه پرڪاش موراڻي، عبرت اخبار جو نمائندو محترم ذوالفقار چانڊيو، آپا ياسمين خواجه اي ڊي او فيمل ايجوڪيشن ضلع ٽنڊو محمد خان آپا، حاڪمزادي سپروائيزر پرائمري ايجوڪيشن، سنڌ ٽي وي جو ضلعي نمائندو بابو جميل ميمڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميڊم نصرت ميمڻ، ڊي او ميل محترم حاجي اشرف ميمڻ، کان علاوه ڪافي سارا سياسي ورڪر اسڪول جون ٽيچرس، اسڪول جون سنڌي شاگردياڻيون اچي چُڪا هُئا، اسان جي آڌر ڀاءُ کان پوءِ انهي اسڪول ۾ قائم سنڌي گج، سنڌي رِلي، سنڌي لباس، سنڌي لباس ۽ سنڌي ٽوپيون سميت ڪافي ساري هٿ جي هنر واري سنڌي ثقافتي شين جي نمائش ڪئي وئي، جنهن کي ڏسي مونکي ايتري ته خوشي ٿِي جو دل مان اها دُعا بار بار نڪتي پي ته يا الله منهنجي سنڌ جي ثقافت واريون اهي شيون سدائين سنڌ جي لاجواب ثقافت ۽ ورثي جي حيثيت سان سنڌ جي نياڻين مائن، ڀينرن جي هُنرمند هٿن سان تا قيامت تائين سلامت هُجن، سنڌ سلامت لاءِ مان مسلسل فوٽو گرافي ڪندو رهيس، ايتري ۾ اوچتو هڪڙو ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز آيو ادا نثار ناز، مون ڪنڌ ورائي ڏٺو ته انهي اسڪول ۾ پرائمري اسڪول جي هيڊ مسٽريس محترما فوزيا چانڊيو مونکي سڏي رهي هُئي جي آپا، مون وراڻي ڏني، جيئن ته آپا فوزيه پاڙي جي نياڻي آهي منهنجي هٿن ۾ اولاد جيان وڏي ٿِي آهي، چيائين ته ادا نثار هن تقريب جي سموري ڪاروائي مونکي هلائڻي آهي، پر ايتري وڏن آفيسرن جي سامهون اها ڪاروائي هلائي ڪونه سگهندس پليز منهنجي هيلپ ڪيو ۽ اها گڏجاڻي توهان هلايو، آپا ائين وري ڪيئن ٿيندو، مون ڪابه مناسب تياري ڪانه ڪئي آهي، چوڻ لڳي ته ادا نثار مونکي خبر آهي ته توهان کي ڪنهن به تياري جي ضرورت ڪانهي، توهان بغير تياري جي به اها ڪاروائي هلائي سگهو ٿا، مان آپا فوزيه کي انڪار ڪري ڪونه سگهيس، انهي ڪاروائي جو ڪجهه پيپر ورڪ آپا ڪري ڇڏيو هو ڪجهه پيپر ورڪ مڪمل ڪري آپا کي دلداري ڏني ته آپا پريشان نه ٿيو مان پاڻهي اها گڏجائي هلائيندس، آپا ڏاڍي خوش ٿي۔ هٿ جي هُنر وارن شين جي نمائش کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي صاحب پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر صاحب ، منهنجو ڀاءُ نوراحمد سمون صاحب سميت اسين سمورا ماڻهو هن اسڪول جي سڀ کان وڏي ڪمري ۾ جتي باقائده سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي حوالي سان هڪڙي ڪانفرنس عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۽ سنڌ ٽي وي پاران اهتمام ڪيو ويو سو سمورو اسڪول جي اسٽاف ، ۽ اسڪول جي سنڌي شاگرد نياڻين سان کچا کچ ڀريو پيو هو جڏهن منهنجي نظر اسڪول جي شاگرد سنڌي نياڻين تي نظر پئي ته منهنجون اکيون ٿڌيون ٿي پيون، ماشاالله منهنجي شهر جون معصوم سنڌي نياڻيون سنڌي اجرڪ وارو لباس پائي پنهنجي مٿن تي سنڌ جي سڀيتا جو اهڃاڻ تمام خوبصورت اجرڪون اوڍي صحيح معنى ۾ سنڌ جون سپوتياڻيون لڳي رهيون هيون، ماشاالله هنن سنڌي نياڻين جي مُک تي ايتري ته خوبصورت سُونهن جرڪي رهي هُئي جو منهنجون سنڌي نياڻيون پرستان جي پرين جي سُونهن کي به مات ڏئي رهيون هُيون، الائي اسان جي سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ۾ ڪهڙي ڪشش آهي جو جيڪو به سنڌي پُٽڙو ۽ سنڌي نياڻي اهي اوڍيندا آهن ته انڊلٺ جي رنگن وانگر قوس و قزاح جا ستئي رنگ نکرجي پوندا آهن، منهنجي پاڙي جي هن اسڪول جون ٽيچرس به سنڌي اجرڪون اوڍي سانئڻ مارئي جي لوئي ۽ لڄ واري فلسفي کي اجاگر ڪري رهيو هيون هن اسڪول ۾ سموري سنڌ جرڪي رهِي هُئي سموري سنڌ مهڪي رهِي هُئي۔ جيئن ئي مونکي ڪاروائي هلائڻ جو اشارو مليو بسم الله الرحمان پڙهي شاهه سائين جي هن بيت ،
    جيڏو تنهنجو نانءُ آئون ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
    ري ٿنڀين ري ٿوڻينءِ تون ڇپر تون ڇان ءُ
    ڪُڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا !​

    سڀني مهمانن کي اسڪول جي انتظاميه ، عبرت گروپ آف پبليڪيشن، ۽ سنڌ ٽي وي پاران ڀليڪار چئي تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ٽي وي جي نمائندي بابو جميل ميمڻ کي نينڊ ڏنم تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ سنڌي روايتن جي خوبصورت سوکڙي اجرڪ جا تحفا معزز مهمانن کي اوڍايا ويا، انهي دوران سنڌ ڌرتي جي جيڪا شاعري مونکي ياد هُئي سا سڀني معزز مهمانن جي گوش گذار ڪندو ويس، سنڌ ڌرتي جي شاعري ٻُڌي منهنجي سنڌ جون سموريون شاگرد نياڻيون دل کولي تاڙيون وڄائي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري رهيون هيون، اجرڪ جي تحفن واري خالص ۽ خوبصورت رسم کان پوءِ آجياڻي لاءِ سنڌ ٽي وي جي نمائندي بابو جميل ميمڻ کي گهرايو ويو، جنهن اسڪول جي انتظاميه سميت سڀني معزز مهمانن جا ٿورا مڃيا جنهن خالص هن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ واري تقريب ۾ حصو ورتو، هُن سنڌ ٽي وي پاران 4 ڊسمبر 2010 ع تي اعلانيل ڏينهن جي باري ۾ ٻُڌايو ته ان ڏينهن انشاالله سمورا سنڌي هڪ آواز ٿي پنهنجي سنڌي ثقافت جو ڏينهن وڏي جوش ۽ خروش سان ملهائيندا۔ ان کان پوءِ منهنجي ڀاءُ ڊپٽي سيڪريٽري سروسز ۽ جنرل ائڊمنسٽريشن بلوچستان نوراحمد سمون کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي واري موضع تي اظهار خيال ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جنهن چيو ته اسان جي 5 هزار کان مٿي جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته اسان جي سنڌي اجرڪ صدين کان اسان جي غمي ۽ خوشيءَ ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي، پر وڏي افسوس سان ائين چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي حقيقي اجرڪ سازي سختي طرين پريشانين جو شڪار آهي، ائين سمجهو ته اجرڪ سازي زوال جي انتهائي هيٺيئن درجي تي پهتي آهي، هينئر به جيڪي اجرڪون اسان کي اوڍايون ويون آهن اهي اسان جون اصلي اجرڪون ڪونه آهن پر اهي اجرڪون مشيني اجرڪون آهن، ٻي معنى ۾ نقلي اجرڪون آهن جڏهن ته فن اجرڪ سازي جا هنرمند ايترا ته ڪسمپرسي ۽ معاشي بدحالي جا شڪار آهن جو پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ٻن وقتن جي ماني حاصل ڪرڻ لاءِ اهي پڪوڙا، يا بريانيون وڪڻي رهيا آهن، نوراحمد سمون وڌيڪ چيو ته هن اسڪول کان چند قدمن جي فاصلي تي پاڪستان جا وڏي ۾ وڏا اجرڪ سازي جا ڪارخانه آهن، انهن ڪارخانن مان نڪتل اجرڪ ساري دنيا ۾ اسان جي سنڌ جو نالو روشن ڪيو هو پر افسوس جو اهي ڪارخانه گهڻو ڪري معاشي بدحالي جا شڪار آهن، اجرڪ جي هنن ڪارخانن کي يا ته تالا لڳل آهن يا ته ٺيڪيداري سسٽم جي ڪري اجرڪ جا هنرمند ڪاريگر انهن ٺيڪيدارن جي رحم ڪرم تي آهن۔باقي بازاري اجرڪون جنهن ۾ نڪا سنڌ جي مٽي ءَ جي خوشبو نظر ٿي اچي نڪا انهي اجرڪ ۾ خالص هنر مندن جي محنت جا رنگ نظر ٿا اچن، سنڌ جي حقيقي اجرڪ کي زوال پذير ڪرڻ ۾ اسان سڀني سنڌين جو به برابر جو هٿ آهي، سُٺو ڪپڙو، هنرمند جي هٿن سان چٽيل گُل چٽ، انهي اجرڪ ۾ استعمال ٿيندڙ مسالو ايترو ته مهنگو آهي جو ڀلي ۽ خوبصورت اجرڪ اصلي اجرڪ ايتري ته مهانگي آهي جو عام سنڌي انهي اجرڪ کي وٺي نٿو سگهي، انهيءَ جو به هڪ ڪارڻ آهي ته جيڪڏهن اسان سڀئي سنڌي اصلي حقيقي سنڌ اجرڪ وٺون پنهنجي غمي خوشي ۾ ان اجرڪ کي استعمال ڪريون ته سمورا ڪارخانه اصلي اجرڪ جي کپت جي ڪري کُلي پوندا، بيروزگاري ختم ٿي پوندي، ان ڪري سڀني سنڌين حڪومت جي ارباب اختيارين کي به گُذارشون آهن ته اصلي اجرڪن جا ڪارخانه کوليا وڃن اجرڪ جي هنرمندن کي وضيفا ڏنا وڃن، حڪومت باقائده انهي اجرڪ سازي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪري ته جيئن اسان جي اصلي اجرڪ سازي وارو فن وري پنهنجو عروج ماڻي سگهي، باقي سنڌ جي ڪنهن به موضع تي ڏينهڙا ملهائڻ گهرجن پر انهن ڏينهنڙن ملهائڻ ۾ کوٽ ۽ ڏيکاءُ نه هُئڻ کپي، ڀاءُ نوراحمد سمون جي اهي ڳالهيون ٻڌي منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا ته واقعي اسان سنڌي هن ڏيهاڙي جي حقيقي روح کي سمجهن بنا اهو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون۔
    ان کان پوءِ اسڪول جي هڪ ٽيچر محترما نازيه انجم سومرو کي سڏايم جنهن جنت الفردوس آهن ٻئيي ڪنڌيون مهراڻ جون گيت ٻُڌائي ساري تقريب کي جهومائي ڇڏيو نازيه انجم سومرو جي خوبصورت گيت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کيس مٿي ٿي شفقت جو هٿ رکي شاباسون ڏنيون۔ ان کان علاوه سڀني سنڌي شاگرد نياڻين دل کولي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو۔ ان کان پوءِ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ چيو ته سنڌ ايڪتا وارو ڏينهن ملهائڻ هر سنڌي جو فرض آهي ،چار ڊسمبر اسان جو قومي عيد جو ڏينهن آهي، اسان ڪوشش ڪنداسون ته شهر ٽنڊو محمد خان جي اجرڪ جي ڪارخانن کي وري پنهنجو مان مرتبو موٽائي ڏيون، ۽ هنرمندن جون ڪالونيون جُوڙائي اجرڪ سازي جي هنرمندن کي سستي قيمتن سان گهر جوڙائي ڏيون، سنڌي ٽوپي بنائيندڙ هنرمندن جي هنر کي باقائده صنعت سازي جو درجو ڏنو ويندو، ته جيئن سنڌي ٽوپي ٺاهيندڙن هنرمند معاشري ۾ عزت ڀريو مقام حاصل ڪري سگهن، ان کانپوءِ ٽنڊو محمد خان جي ڀلوڙ راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي کي گيت ڳائڻ لاءِ نينڊ ڏنم جنهن سنڌ ڌرتي جا گيت ڳائي اسان سڀني ۾ هڪڙو قومي جذبو جاڳائي ڇڏيو، آخر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر محترم امين لاکو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي انهي ڳالهه جو احساس آهي ته سنڌي اجرڪ سازي جي زوال پذير صنعت سازي کي هڪڙو نئون جيئدان ڏيون، هنرمندن جي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري کين نوڪريون ڏيون ۽ اجرڪ سازي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪپڙي سميت ڪيميڪلز تي ادا ٿيندڙ سرڪاري ٽيڪس ختم ڪريون، باقي سنڌي ثقافتن جا ڏينهن ملهائڻ گهرجن، اهڙن ڏينهن ملهائڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو احساس ته ٿيندو آهي ته اسان جو ماضي ساري دنيا جي ثقافتن جو آئينه دار آهي، اسان جو حال اسان جي سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ جي رنگن سان جرڪي پيو ۽ انشاالله اسان جو آئيندو به تابناڪ رهندو۔ ان کانپوءِ اسڪول جي سنڌي نياڻين ٽيبلوز ۽ گيتن سان اسان جي ثقافتن کي ڀيٽائون ڏنيون سڀني مهمانن تاڙيون وڄائي کين ڀرپور داد ڏنو۔
    دوستو هاڻ پيش آهن انهي رنگارنگ تقريب جون تصويري جهلڪيون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    [justify]سائين اوهان جي هي تفصيلي پوسٽ پڙهي اصل دل مان واهه واهه جي صدا پئي نڪري۔۔۔ اوهان کي مبارڪ هجي جو ايتري بهترين تقريب جي هلائڻ جي ذميداري اوهان نڀائي، ۽ مان سمجهان ٿو ته اها ذميواري توهان اسان سڀني جي سوچن کان به بهتر طور نڀائي هوندي۔۔ ڇو ته هڪ ته اوهان شاعر، ٻيو وري لطيف جا پارکو، ٽيون وري ادب جي محفلن جا شيدائي آهيو، ان سان گڏوگڏ هڪ حساس ۽ لطيف دل رکندڙ ماڻهو آهيو۔
    سائين نور احمد سمون جيڪو به فرمايو آهي صحيح فرمايو آهي۔۔ سنڌ جي ٽوپي اجرڪ جي صنعت جي اصل وارثن جي بک ۽‌ بدحالي کي دور ڪرڻ‌کان سواءِ هي صنعت ترقي نه ٿي ڪري سگهي۔۔
    وڌيڪ اوهان جو هي حال احوال ۽ تقريب جي بهترين تصويرن کي ڏسي اسان پاڻ‌کي به ان تقريب ۾ شامل تصوير ڪيوسين۔۔ پر سائين اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجيون تصويرون به ته ونڊ ڪيو
    [/justify]​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    دوستو ڪجهه ٻيون تصويرون آهن

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    اڃان ته کوڙ ساريون تصويرون رهن ٿيون ساٿيو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  5. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    مانورا ادا نثار ناز ، ثقافتي ڏيهاڙي جي رنگا رنگ تقريب جي تفصيلي رپورٽ ۽ اکين ڏٺو احوال پڙهيو سين تمام گهڻي خوشي ٿي ، ٿوري دير لا ائين محسوس ٿيو ڄڻ اسان خود انهي پروگرام ۾ شريڪ ٿي روبرو پروگرام ڏسي رهيا هجون ، جس هجي اوهان کي جو پنهنجو آرام ، ننڊو فٽائي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري رهيا آهيو ، توهان لا دعاگو آهيون شل همشه آباد هجو ، هڪ تجويز آهي ته اگر اهڙن خوبصورت پروگرام جي وديو اسان کي ڏيکاريو ته زبردست ، ٻيو ته اسان به جلد همشه جيان پنهنجي ڊسٽرڪٽ ۾ ثقافتي ميلو لڳائي رهيا آهيو اميد اسان جي انهي تقريب ۾ به اوهان شرڪت ڪندا بهترين رپورٽنگ ۽ ڪوريج ڪرڻ تي اوهان کي لک لک مبارڪون “
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    پيارا سنڌ سلامت جا مست توهان جي وڏي مهرباني جو مون مسڪين گناهه گار کي هڪ حساس ۽ لطيف دل رکندڙ ماڻهو چيو، پيارا مست اها توهان جي ذره نوازي آهي نه ڇا نثار ناز ۽ ڇا نثار ناز جي حساس دل، مٺڙا جتي ڳالهه جيجل سنڌ جي هُجي، جتي ڳالهه سنڌي سڀيتا جي هُجي، جتي ڳالهه سنڌي ٻولي جِي هُجي، جتي ڳالهه منهنجي جيجل سنڌ جي جڳمڳائيندڙ ثقافت جِي هُجي ۽ جتي سنڌ جي سُهڻن رنگن کي نکارڻ جِي هُجي اتي نثار ناز سدائين چاهيندو آهي ته سنڌ جي انهن سڀني رنگن کي سنڌ سلامت جي محبتي دوستن سميت سموري دنيا جي سنڌي دوستن تائين ونڊ ڪري۔ مٺا سنڌ سلامت تي نثار ناز جي تصوير هاڻي الائِي سارِي هلِي آهي، روز روز پنهنجي ٻوٿِي کڻي اچان اهو مونکي هاڻي سُٺو به ڪونه ٿو لڳي، ان هوندي به هڪڙي ادا کي چيم ته هن فنڪشن جون ڪجهه منهنجون تصويرون ڪڍ، ان ادا منهنجون تصويرون ڪڍيون ته سهي پر منهنجي هٿن پيرن ٽنگن ۽ مٿي جون، جيڪي هتي ونڊ ڪيم ته توهان کلي کلي کيرا ٿِي پوندا، بهرحال تنهنجا لک ٿورا جو همت افزايون ڪريو ٿا۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    پياري ڀيڻ شاهده سمون شال جُڙئي هُجين: شاهه سائين جو هڪڙو بيت سُر سريراڳ مان ياد پيو اچيم ته
    جنين سودي سَچَ جو، وَکَرُ وِهايو،
    بَخِرو لَهُمُ البُشرى جو، اُنِين لاءِ آيو،
    اُن کي لالَنَ لنگهايو، ساندارو سَمُونڊَ جو !(شاهه سائين)​

    پياري ڀيڻ آئون توهان جو احسانمند آهيان، جو مون مسڪين جي هن غريباڻي ونڊ تي ايترا خوبصورت ڪامينٽس ڏنا آهن۔
    ڀيڻ توڻي جو ننڊون ڦٽائيندو آهيان، پنهنجا آرام ڦٽائيندو آهيان ان هوندي به سدائين اندر ۾ شاهه سائين جو هي بيت دل جِي ڌڪ ڌڪ وانگر پيو هُرندو آهي ته
    ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان شال مَ ملِان هوت،
    من اندر جِي لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي۔۔۔۔۔۔ (شاهه سائين)​


    مٺي ڀيڻ جيجل ڌرتي امڙ سنڌ ڌرتي سان محبت جو ناتو تون چئو ڀلا ڪير ڇنيندو، تون چئو ڀلا ڪو ڪير ڀلا پنهنجو سنڌ وطن وساريندو، ڀيڻ اهي ننڊون ، اهي آرام جا ڦٽڻ اسان لاءِ سنڌ ڌرتي جي وشال سُونهن اڳيان ڪا معنى ئي نٿا رکن، ڀيڻ تنهنجون مهربانيون آهن جو توهان اسان کي انهي قابل سمجهو جو مارئي جي شهر عمر ڪوٽ ۾ ثقافتي ميلي ۾ سنڌ سلامت جي هڪڙي ڪارڪن جي حيثيت سان ان جي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ايڊوانس ۾ دعوت ڏني، مٺي ڀيڻ اسان پنهنجي ثقافتن جا امين آهيون، مونکي الائي ساري خوشي ٿيندي جڏهن انهي ثقافتي ميلي جي تقريب ۾ شريڪ ٿي ساري دنيا جي سنڌين لاءِ انهي فنڪشن جي ڪوريج ڪندس۔
    ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن انهي خوبصورت تقريب جون اميد ته انهن تصويرن کي ڏسي ساري دنيا جا سنڌي سرها ٿيندا۔

    [​IMG]
    نوراحمد سمون ڊپٽي سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ائڊمنسٽريشن بلوچستان، سنڌي ٽوپي اجرڪ سان ويٺل، سندس پاسي ۾ جئه پرڪاش موراڻي سينيئر نيوز ايڊيٽر عبرت گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد
    جڏهن پنهنجا سُر وکيري رهيو آهي ٽنڊو محمد خان جو ڀلوڙ راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي

    [​IMG]
    سنڌ ٽي وي ضلع ٽنڊو محمد خان جو نمائندو بابو جميل ميمڻ

    [​IMG]
    ماسٽر جانب علي بلاولي جو خوبصورت انداز۔

    [​IMG]
    هن اسڪول جو سُندر سنڌي نياڻيون جيڪي انتهائي خوش هُيون۔

    [​IMG]
    نوراحمد سمون سنڌ ٽي وي جي نمائندي سان ايڪتا واري ڏينهن جي باري ۾پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    آپا ياسمين خواجه اي ڊي او فيميل ايجوڪيشن ضلع ٽنڊو محمد خان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي

    [​IMG]
    آپا روشن بهراڻي بلوچ هيڊ مسٽريس گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمدخان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي حوالي سان حقيقتون بيان ڪري رهي آهي۔
    [​IMG]
    آپا حاڪم زادِي خاصخيلي سينئر سپر وائيز پرائمري ايجوڪيشن ضلع ٽنڊو محمد خان پڻ سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي واري ايڪتا جي ڏيهاڙي جي باري ۾ پنهنجا ڪامينٽس ڏئي رهي آهي۔
    [​IMG]
    ٻه منهنجي خيال ۾ جاڙيون سنڌي شاگرد نياڻيون اجرڪ اوڍي سموري سنڌ کي جرڪائي ۽ مهڪائي رهيون آهن۔

    [​IMG]
    ماشاالله هن اسڪول جي معصوم شاگردياڻي جنهن مونکي زور ڪري چيو هو ته انڪل منهنجي اڪيلي سر تصوير ڪڍو ، ماشاالله​
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا لک قرب جو هيڏي ساري محنت ڪري اوهان نه فقط پروگرامن ۾ حصو ٿا وٺو پر ان جي بهترين ڪوريج ۽ رپورٽنگ پيا ڪريو۔ اوهان جي هي رپورٽ به هميشه وانگر لک لهي ۔

    سائين پاڻ سڄو ڏينهن آفيس ۾ مٿا کوري ڪري باقي ٽائيم سنڌ سلامت تي خالي نعرا هنيو وري ٻئي ڏينهن ساڳي ڪار۔ اوهان جهڙن دوستن ڪري سنڌ سلامت جو فورم ڪامياب آهي۔

    سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي سان اوهان جو هر ونڊ خوبصورت آهي ۽ مونکي اميد آهي انشاء الله هر ڏينهن 6 ڊسمبر تائين اوهان هر روز هڪ بهتر کان بهتر ڪوريج ڏيندا۔

    اوهان جون مهربانيون
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    ادا سنڌي ٻولي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ سلامت لا پيارا وساڻ هاڻي ته وقف ٿِي ويا آهيون ائين سمجهي گهورجي ويا آهيون، ادا توهان سنڌ جا نعرا هڻو ٿا اهي به اسان لا اُتساهه آهن، توهان جا پيار به سنڌ سان سنڌ سلامت لا، سنڌي ٻولي لا وسارڻ جهڙا ڪونه آهن۔ مٺا ڪوشش ته ڪندس ته تنهنجي حُڪم جي پوئواري ڪري روزانو ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ڪجهه نه ڪجهه ونڊ ڪريان پر مٺا پوڙهو مڙس آهيان جي ائين نه ڪري سگهيس ته معاف ڪري ڇڏجو۔
    چلو انهي اسڪول جي نياڻين جون مزيد خوبصورت تصويرون وڌيڪ توهان سان ونڊ ڪريان ٿو اميد ته اهو تصويرون منهنجي سموري سنڌي ڀائرن کي خوشيون مهيا ڪنديون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ادا سليمان ڪيئن لڳيون منهنجي خوبصورت ۽ عظيم سنڌ جي معصوم سنڌي نياڻين جو تصويرون۔​
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    واه سائين واه
     
  11. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    it is an excellent report. very nice sharing. adda nisar you deserve the highest accolodes that you all the time share these functions. i thoroughly enjoyed the pictorial journey.
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: گورنمنٽ گرلز ها اسڪول دولهه جو پڙ ٽنڊو محمد خان ۾ قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهايو و

    پيارا ڀا تنهنجا پيار آهن، جو مان پنهنجي سنڌ واسين سان گڏ ساري دنيا جي سنڌين سان سموريون محبتون پنهنجي رپورٽن ذريعي، پنهنجي شاعري ذريعي ونڊيان پيو، ادا مهرباني تنهنجي جو ڪجهه نه ڪجهه اسان جي رپورٽن تي پنهنجا ويوز لکين ٿو ۔ ٿورو ڪوشش ڪريو ته توهان سنڌي به لکي سگهو ٿا۔ پر مونکي خبر آهي ته توهان جون بي پناهه مصروفيتون آهن، ايترو به ڪافي آهي جو ڪجهه وقت ڪڍي اسان جي سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀرين ٿو۔لک لائق۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو