تاجل بيوس سنڌ جو عاشق شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تون ته ملندو رهندين خوابن م ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي

    [​IMG]


    خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 آڪٽوبر 1938ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو.


    سندس سنڌ لاء ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي.

    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان

    يا ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت تي چيل

    تون ته ملندو رهندين خوابن ۾ ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي يا وري

    منهنجي لاء مارون هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا ، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا جهڙا لازوال ڪلام تخليق ڪيا.

    تاجل بيوس جي وڏي ڳاله اها آهي ته هن سنڌ جي وستين ، واهڻن ، ڪوهستان ، ٿر، بر، ڪاڇي، اتر ، سري ، وچولي ، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو

    ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا
    وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير
    گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا
    سنڌ جي سونهن کي ڳائن جو سندس انداز سندس ڪلام​
    جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا
    اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا
    مان چٽو پيو نظر اچي

    جيتوڻيڪ هو وڏن سرڪاري عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جهڙن اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس ”بيوروڪريٽڪ ڪلچر“ جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءَ ۾ گذري . شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل سنڌيء سان گڏ اردو حلقي ۾ مشهور هيو. پاڻ شاعريء سان گڏ نثر ۾ به بهترين ڪم ڪيو اٿن

    تاجل بيوس جا ڇپيل ڪتاب​
    (1) جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) 1982ع،​
    (2) انبن جهليو ٻور (شاعري) 1983ع،​
    (3) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) 1985ع،​
    (4) سنڌ منهنجي امان (شاعري) 1989ع،​
    (5) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) 1990ع،​
    (6) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) 1991ع،​
    (7) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) 1992ع،​
    (8) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) 1992ع،​
    (9) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) 1994ع،​
    (10)صحرا ستر جن (شاعري) 1995ع،​
    (11) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) 1996ع،​
    (12) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) 1997ع،​
    (13) انداز بيان اور (اردو شاعري) 1997ع،​
    (14) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: 9 مجموعا گڏ) 1997ع،​
    (15) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) 1997ع،​
    (16) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)2002ع،​
    (17) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) 2003ع،​
    (18) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) 2003ع،​
    (19) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) 2003ع،​
    (20) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) 2003ع،​
    (21)جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) 2007ع،​
    (22) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) 2004ع،​
    (23) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) 2003ع،​
    (24) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ 2004ع،​
    (25) پکي ساڳي پار جا (شاعري) 2004ع،​
    (26) سون سريکا چار سين (شخصيات) 2004ع،​
    (27) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) 2006ع،​
    (28) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) 2006ع،​
    (29) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) 2008ع​

    انکانسواء سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپائيء هيٺ آهن

    [​IMG]
    [​IMG]

    تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس 1996ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ 29 سيپٽمبر 2001ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ 12 اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن 1999ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو۔

    تاجل بيوس سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت ، گيت ، غزل ۽ نثري نظم ، چئو سٽا ، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن. جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾ مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو، پر ان کان ڪنهن به ريت انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ گُل آهي. مان نثري نظم جو کيس اياز کان به وڏو شاعر تسليم ڪندو آهيان. سندس ڪتاب “انبن جهليو ٻور ” ان جو مثال آهي. تاجل بيوس محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي ڪيڏارو لکيو ۽ ان ڪتاب جو نالو ملير جي مارئي رکيو

    سندس بيتن مان ڪجه چونڊ بيت هيٺ ڏجن ٿا :​
    هَلُ ڪڪوريل ڪاڪ تي، جتي نيهنن نظامُ
    آهي ننڊ حرام، جاڳڻ سوڀ سرير جي
    *
    ڇڻندا سڱر سوڪ، ڇڻ، ڇڻ ڪري ڇڻ تي
    مارُن وٽان موڪ، صبح اينديون سوکڙيون
    *
    آيا اُتر پار کان، ڪڪر ڪاريءَ رُوءَ
    وَٺا مينهن مندائتا، جرڪي پيئي جُوءِ
    کاهڙ جي خوشبوءِ، ڄڻ ڪا اوت عنبير جي
    *
    ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا
    اِجهو ڪو آيو، کڻي ڪرس ڪٺار تي
    *
    سَرجي نڪتا ”سنڌ“ مان، ملير ۽ مارُون
    ڪيون جن ڪَتيءَ ۾، اُٺي اُڪارُون
    جَڙيل آهن جن سان، تن، من جون تارُون
    تڙ، تڙ تنوارُون، سُڻان تان سرَهي ٿيان
    *
    آڇيو حُور اياز کي، جنت وارو جام
    اوري لڌائين عشق مان، شاهه، سچل ۽ شيام
    ڪيائين ڪلتار کي، صبح جو سلام
    پٺيان مريدڻ جت هو، اڳيان ڄام نظام
    سمن جو سردار ۽، ڄامن سندو ڄام
    ڪيائين ڪلام، سنڌيءَ ۾ سلطان سان


    تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو ”تاجل جو رسالو“ پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس ”تاجل جو رسالو“ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ان گهر واريءَ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو.

    4 ڊسمبر 2008 تي نصير سومرو جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن ” جي مهورتي تقريب اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيء جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي. شام جو ساڍي چئين بجي تاجل کي تقرير لاء سڏيو ويو ۽ تاجل پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بجلي هلي وئي ۽ تاجل موبائل جي ٽارچ جي روشنيء ۾ پنهنجي تقرير پڙهي پوري ڪئي ء کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هو اتي ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس جناح اسپتال نيو ويو ٻن ڏينهن کانپوء ٻڌايو ويو ته کيس فالج جو حملو ٿيو آهي پوء کيس اتان لياقت اسپتال نيو ويو پر تاجل ٻيهر هوش ۾ ڪونه آيو ۽ 13 ڊسمبر تي پاڻ اسان کان موڪلائي ويو. تاجل بيوس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي.

    [​IMG]
    محترم شمشير الحيدري ، تاجل جي آخري آرامگاه کي حسرت سان ڏسندي​
    [​IMG]
    ناليوارو شاعر شمشير الحيدري ، هدايت بلوچ ، تاج محمد وساڻ ۽ ٻيا تاجل جي پهرين ورسيء جي موقعي تي سندس آخري آرامگاه چوڪنڊيء ۾ سندس مغفرت لاء دعا گهرندي​
    [​IMG]
    مان ناچيز تاجل جي آخري آرامگاه چوڪنڊيء تي​
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    ادا سليمان مهرباني اوهان جي جو اوهان تاجل بيوس جو پورو ترجمو سوانح اسان سان ونڊي۔
    لک لائق۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    اڄ پـــڻ اکـــڙيــــن، سڄـــڻ پنهنجـــا ساريــــا،
    ڳلن تان ڳوڙهن، جون بوندو بس نه ڪن،
    سنـــدي ســڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لـــهي۔

    سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم جي تاريخ ۾ محترم سائين تاجل بيوس جو مقام هميشه آسمان تي وهائو تاري جيان رهندو۔۔۔
    لک ٿورا سهڻي سليمان جا جو هو ور ور ڪري سنڌ جا محبوب ڪردار ياد ڏياري، اسانجي اندر جي اڌمن کي جيئرو رکي ٿو ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ جي سڄڻ سائين تاجل بيوس کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    آمين ثم آمين
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    ۔

    جا پيرن هيٺان ڀونءُ، سا مٿان سڄڻين
    ڏنڱ لٽيائون ڌوڙ ۾ ، اڀئي ڏٺاسون
    ڏينهن مڙوئي ڏون ، اٿي لوچ لطيف چئي۔۔

    [​IMG]
    ادا ابڙا صاحب توهان سچ ٿا چئو ته سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم جي تاريخ ۾ محترم سائين تاجل بيوس جو مقام هميشه آسمان تي وهائو تاري جيان رهندو، ڪجهه سال پهرين مون کي سائين محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جو موبائل نمبر گهرجي پيو ۽ مون محترم سائين تاجل بيوس صاحب کي فون ڪري اهو معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو، ۽ جڏهن مون سائين تاجل صاحب کي فون ڪيو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو نمبر پڇيو ته بيوس صاحب ان مهل پنهنجي بيوسي ڏيکاري ۽ چيائين ته پٽ هيئر مان ڪراچي کان ٻاهر آهيان، ۽ مان ڪراچي پهچي ڪري توهان کي ڊاڪٽر شوق صاحب جو نمبر ڏيان ٿو، ڇو جو اهو نمبر منهنجي ڊائري م لکيل آهي ۽ اها ڊائري مان گهر وساري آيو آهيان، ۽ پوء مون ڏٺو ته ائين ئي ڪيائين ۽ مون کي پاڻ منهنجي موبائل تي فون ڪري مون کي ڊاڪٽر شوق صاحب جو نمبر لکرايائين۔ تاجل صاحب جي هون ته سڃاڻپ هڪ بهترين شاعر جي آهي مگر تاجل صاحب شاعري سان گڏ نثر پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ سندس لکيل هڪ خاڪن جو ڪتاب ( سج چنڊ تارا ڪتيون ) [​IMG] ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻي جو ڪتاب ( ڏک سکن جي سونهن ) [​IMG] پڻ بهترين ڪتاب آهي جنهن ۾ بيوس صاحب سچائي سان پنهنجون ساروڻيون پيش ڪيون آهن، (جيڪي مون وٽ پڻ موجود آهن) جيڪي پڻ پڙهڻ وٽان آهن،
    تاجل صاحب هڪ بهترين شاعر سان گڏ هڪ بهترين انسان پڻ هئا، الله کين جي بخشش فرمائي، ۽ جنت ۾ جايون ڏئي۔ آمين۔
    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو توهان محترم تاجل بيوس صاحب تي تفصيلي مضمون ونڊ ڪيو آهي، جنهن لاء وري به توهان جي مهرباني۔

    تاجل بيوس جي شخصيت شاعري ۽ پهرين ورسي جي مناسبت سان مون پڻ هن سنڌ سلامت جي فورم تي ڪجهه مضمون ونڊ ڪيا هئا۔ جيڪي توهان هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڏسي ۽ پڙهي سگهو ٿا۔


    تاجل بيوس ۽ شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري هڪ مختصر
    وڊيو​

    http://www.youtube.com/watch?v=w2lcqoDaBUk
    تاجل بيوس جي قبر جي هڪ وڊيو​

    http://www.youtube.com/watch?v=mwPJR2eVUjU
    تاجل بيوس جي شاعري هڪ وڊيو​

    http://www.youtube.com/watch?v=mwPJR2eVUjU
    سائين تاجل بيوس جي سنڌ ڌرتي لاء ڪيل مشهور شاعري سانئڻ عابدو پروين جي
    آواز ۾ هڪ وڊيو ​

    http://www.youtube.com/watch?v=xuemDTVb2Co
    http://www.youtube.com/watch?v=yjCSB20LkIA&feature=player_embedded
    تاجل بيوس جي شاعري هت ڪلڪ ڪري پڙهو ​
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    ادا طاهر مهرباني

    تاجل بيوس سنڌي شاعريء جو اڻ وسرندڙ باب آهي۔ سندس شاعري لازوال آهي جيڪا رهندي سنڌ تائين دلين مان ڪانه ويندي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    سائين نثار مهرباني

    تاجل بيوس اسان کان وسرڻ وارو ناهي۔ سندس سچل ڳوٺ سان خاص لڳاء هو۔ پاڻ زندگيء جا آخري ڏينهن سچل ڳوٺ لڳ چيپل سن سٽيء ۾ گذاريا جنهن ڪري اڪثر ڪري روزانو سچل ڳوٺ ۾ ايندا هئا۔ اسان جي هر ننڍي يا وڏي پروگرام ۾ پاڻ شامل هوندا هئا۔ ملنسار ، ڪچهريء جا ڪوڏيا ، کين ڪڏهن نٿو وساري سگهجي۔

    دعا آهي ته رب پاڪ کين جنت الفردوس عطا ڪري۔۔۔۔ آمين۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا



    مهرباني ادا ممتاز

    سائين تاجل هميشه اسان جي رهنمائي ڪئي۔ پاڻ شيخ اياز جي ديرينه ساٿين مان هئا۔ سندن وٽ وڏائي يا تڪبر ڪونه هو۔ مونکي ياد آهي ته هڪ دفعي ڪراچيء ۾ نديم اسپتال نيپا چورنگيء وٽ پاڻ چاٽ ويٺي کاڌن ۽ مونکي ۽ ماما تاج وساڻ کي ڏسي پاڻ اسان کي سڏيائون ۽ چيائون ته ڏاڍو ٽيسٽي آهي اوهان به کائو ۽ پوء ٻاهر اسٽول تي ويهي چاٽ کاڌوسون۔

    ماشاء الله اوهان جو ونڊ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    واهه سائين واهه
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان

    تون ته ملندو رهندين خوابن ۾ ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي يا وري

    منهنجي لاء مارون هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا ، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا۔

    سائين لاجواب
    اهڙي پياري شخص جي تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو

    تاجل بيوس جي هڪ نه وسرندڙ شاعري آهي

    سنڌي ادب ۾تاجل بيوس جي وڃڻ کانپوء اهڙو خال اڃان ڀرجي نه سگهيو آهي۔


    هر دنعي وانگر بهترين ونڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    ادا عرس مهرباني

    تاجل بيوس جهڙو سهڻو شاعر اهڙوئي مٺڙو ماڻهو۔ سندس ڪهڙي شاعري ونڊ ڪجي۔ پوء اوهان جي هن راين کي نظر ۾ رکي سندس سنڌ سان محبت ۾ چيل هڪ گيت پيو پيش ڪيان :

    سنڌڙي مـــنهنجي سانئــڻ! توســان ناتــو شــال نڀايـان
    ناتـــو شــال نڀـــايان، الا، جهوليءَ چنــــڊ جهـــلايــــان

    ساههُ به تو ۾، شاهُه به تو ۾، تو ۾ سڀ ڪجهه پايان
    تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي، ڀاڳ ڀليرا ڀــــايـــان

    ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جا، سنـــڌوءَ کي سُور سڻايان
    مٺڙي تنهنجو کير پياريل، مُرڪي شـــالَ ملـــهايـــان

    انڌ نگـــرَ ۾ آهُـــون ڀريـــان، ٿـــر بـــر باهـــه لـــڳايـــان
    وايـــن جـــا ورلاپ اُٿـــــاري، ڏاڍن کي ڏهـــڪايــــان

    دارَ ڏســــان ديـــوانو بــڻــــجان، ”اَنــــاالــــحق“ الايـــــان
    مون ۾ تون موجود ازل کان، بيوس ڪيئن سڏايان


    يا وري

    اُٿو سنـــڌوءَ جا وارث سنــــڌوءَ کــــي بـــچــــــايـــو
    ٻيــــڙيءَ جــو ڀريــــل پُــــور ٻـــئـــي پـــار پـــڄايـــو

    ڪڻڪن جا ڇٽيل کيت ڀريل کـــير ڪـٽــــورا
    گج، لويون، لنگيون لاڙ جون، هــالن جـــا هنــــدورا
    اجرڪ ۽ چُنيون، کيــــــس، کٿا ڪـــين کســايو

    هـــيءَ قوم ڪــلهاڪون نه ڊهي ٿي، نه ٺهي ٿي
    هــاڻي به پـــئي سنـــڌ جي تاريـــــخ چـــــوي ٿـــــي:
    دودي جي ڪـــڏهن پــڳ نه چنيسر کــي ٻَــڌايو

    جنهن صبح جو بيوس نه ڪڏهن سج لٿو آ
    جنهن ماءُ مُٺيءَ زخم جهـــليا، ظـــلـــم سَٺـــــو آ
    اُن مــــاءُ جو ماـــکيءَ کان مٺــو کــــير مـــلهـــايو
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    سائين لاجواب ونڊ آهي ۔۔۔
    هتي اسان کي سائين تاجل بيوس جي شاعري، تصويرون ۽ وڊيوز سڀ ڪجهه مليو۔۔۔
    مان به پاڻ کي خوش قسمت سمجهندس جو سائين سان هڪ دفعو سما ڪنوينشن ۾ ملاقات ٿي پاڻ سادا صفت ۽ خوش گفتار لڳا۔۔۔ ڪجهه گهڙين ۾ پنهنجو بڻائي ويندا هئا۔۔۔ ان ئي ملاقات ۾ سندن پٽن سان به ملاقات ٿي۔۔ خبر ناهي ڇو انهن مان ڪنهن شاعري طرف يا ادب طرف لڳائو نه رکيو آهي۔۔۔؟
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تاجل بيوس جي ٻي ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا

    ادا رشيد مهرباني

    تاجل بيوس کن ۾ دل پنهنجي ڪرڻ وارو ماڻهو۔ سندس پٽن ۾ مان نديم تاج کي سڃاڻان جيڪو پهرين ورسيء جي موقعي تي تاجل جي مزار تي هو به اسان سان گڏ هيو۔ هيٺين تصوير ۾ تير جي نشان هيٺ نديم تاجل کي ڏسي سگهو ٿا :

    [​IMG]
     
  14. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سونهاري سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ، اديب تاجل بيوس جي ياد ۾
    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سنڌ جو هي خوبصورت شاعر ، اديب تاجل بيوس خميس ڏينهن 22 سيپٽمبر 1938ع ڌاري پنهنجي زندگي جو سفر محمد جعفر سمون جي گهر ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقي سوڀيديرو ضلعي خيرپور ميرس کان ڪئي ، سندس تعليم جي ابتدا والد صاحب ڦرهي هٿ ۾ ڏئي نورپور پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ٿوري عرصي بعد ڀونڀٽ پور جي پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهي رهيو ته سندس زندگي جو سهارو ۽ زندگي جي ڇپر ڇانءَ يعني والد جو وڇوڙي زندگي جا سمورا سک کسي ورتا . والد جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم پرائڻ کان به هٿ ڪڍي ،ڪلهي تي لٺ کڻي مينهن جو ڌنار واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو مسلسل زندگي جا ٽي سال جهنگ جو منهن ڪري مينهن جو ڌنار بڻجي مينهن کي هون مان هون ما ن جا ٻول پيو ڪاٽيندو هو . نيٺ سال 1949ع ڌاري مينهن جي ڌنارئپ پنهنجي مٺڙي امڙ پناهه خاتون جي چوڻ تي ڇڏي پڙهائي جو وري شوق من ۾ جاڳي پيس ، ثانوي تعليم گمبٽ هاءِ اسڪول منجهان پاس ڪيائين ۽ گريجوئيشن جي سند سنڌ يونيورسٽي منجهان پڻ حال ڪيائين ، هن تعليم منجهان هٿ نه ڪڍيو وڌيڪ تعليم پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات ) به سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري ورتائين ، پوءِ تاجل بيوس صاحب ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا ، جپان ، ٿائيلنڊ منجهان به تعليم جا ڪافي ڪورس ڪري پوءِ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان واپس موٽي اچي پڙهڻ پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي تعليم کاتي منجهه سيڪنڊري استاد جي حيثيت سان سرڪاري ملازمت 1960ع ڌاري اختيار ڪيائين . تاجل بيوس صاحب مسلسل 8سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو سال 1968ع ڌاري پيغمبري پيشي کي ڇڏي تاجل بيوس صاحب هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ (اي_ سي_ او ) جي عهدي انويسٽيگيٽر تي ڪم ڪندو رهيو اهڙي طرح تاجل بيوس کي انهي زماني ۾ گڏيل قومن (اقوام متحده) پاران (فيلوشپ ) منظور ٿيڻ کان پوءِ جپاڻ جي شهر (ٽوڪيو ) ويو جتان واپس موٽي اچي سال 1973ع ڌاري (فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ) جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ يعني ٻيهر چونڊجي وڃڻ بعد حڪومت پاڪستان جي وزارت خزانه منجهه (ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف) جو عهدو ماڻيائين اهڙي طرح تاجل بيوس وقت به وقت سرڪاري مختلف عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيند ي ڏيندي سندس سرڪاري عمر جي حد پوري ٿيڻ بعد 21سيبٽمبر سال 1998ع تي رٽائرمينٽ ورتائين تنهن بعد سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر ،اديب کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهه ڪجهه ٽائيم لاءِ وائيس چانسلر جو (صلاحڪار ) مقرر ٿيو. تاجل بيوس کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو . تاجل بيوس سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ آهي ۽ ڳائي زياد تر وئي آهي همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ سونهن جو پوڄاري شاعر استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو شاعرن جي ٽئين نمبر تي پڻ آهي سندس شاعري ڪرڻ جي چڻگ مال چاريندي ٻاراڻي طبيت کائي شروعات ڪيائين سندس شاعري ڪرڻ جا سڀ گر حڪيم استاد فقير الهندي جتوئي جي صحبت ۾ رهندي حاصل ٿي تاجل بيوس علمي ،ادبي ، ثقافتي ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري۽ عارفاڻا ڪلام ٻڌندي ، شاعري ڪرڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيس ، پوءِ ٿورڙي ئي عرصي منجهه پنهنجو شاعري ۾ تخلص (بيوس ) اختيار ڪري ادبي دنيا ۾ نالو نروار ڪرايائين. سندس شاعري کي سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ريڊيوپاڪستان ۽ ٽيليويزن تي ڳايو ويو ۽ زبردست موٽ پڻ ملي . تاجل بيوس هڪ لاجواب شاعر جنهن جي شاعري منجهان جديد توڙي قديم سڀني صنفن جا رنگ نروار آهن ، هن شاعري جي مڙني صنفن۾ پاڻ ملهايو جهڙوڪ وايون ، بيت ، قطعا ، گيت ، لوڪ گيت ، ڪافيون ، غزل ، آزاد نظم ۽ نثري نظم پڻ تي طبع آزمائي ڪري آساني سان ۽ عوامي انداز سان شاعري ادبي دنيا وارن آڏو پيش ڪئي ۽ وڏي مڃتا ماڻيائين ، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کيس ( مصور شاعر ) جي خطاب سان نوازيو تاجل بيوس پنهنجي شاعري وسيلي الله تعالي جي ثنا ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ دعاڳو آهي ۽ پنهنجي من اندر لڪيل آواز عام ماڻهن جي آڏو هن طرح پيش ڪري ٿو

    اول عالم جو ڌڻي ، خالق خلقڻهار ،

    ملي ڪايا ڪين کي ، جڏهن ڀونءِ بڻي ،

    اڳي جي احسان جي ، هئي گهرج گهڻي ،

    بيوس جڏهن ڀونءِ تي ، ڦيري رب ڦڻي ،

    ماڻهون ملڪ ملير جا ، ٿڪا کوڙ کڻي ،

    واحد جا وڻي ، سا سونهن ڏنائين سنڌ کي

    تاجل بيوس جي شاعري سڀني رنگن سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي تاجل بيوس طويل نظمن منجهه وڏي ڪاريگري ۽ مهارت رکي ٿو سندس هڪ شعر ۾ پنهنجي زباني فرمائي ٿو ته

    هن ۾ مونتي محبت وارا، هن ۾ الفت جا اقدام ،

    هن ۾ رانجهو تخت هزاري، آ پر راوي جي هن پار .

    تاجل بيوس ڀلوڙ شاعر سان گڏوگڏ هڪ ماڻهون مڻيادار ۽ بهترين انسان ۽ سنڌي ادب ۽ شاعرن جي فهرست ۾ نالو اعلي درجي حيثيت سان ورتو ويندو آهي . هن شاعري کان علاوه نثر ۾ به پاڻ ملهايو ڪيترائي سوين مضمون سندس سنڌ جي مختلف رسالن ، اخبارن جي زينت بڻيا ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو پڻ ڪيو سندس ادبي پورهي تي نظر ڪبي ته هن سنڌي ادب جي جهول ۾ 44کان به مٿي ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي شاعري ۽ نثري صنفن کي آسودو بڻايو آهي سندس پورهي منجهان 34 ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ۽ اديبن جي هٿن تائين پهتا آهن ،تاجل بيوس سنڌي زبان کان علاوه اردو ۽ انگريزي زبان ۾ پڻ لکي پنهنجي شهريت ۾ اضافو ڪيو تاجل بيوس جي شهريت جي آسمان تي پهچائڻ جو وڏو سبب هڪ لکيل گيت ( سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ) سنڌي جي ڪلاسيڪل فنڪاره ميڊم عابده پروين صاحبه ڳائي سندس شاعرن جي صنف ۾ تاجل بيوس کي چمڪندڙ ستاري وانگر نروار ڪرايو .سندس ادبي پورهي منجهان پهريون شاعري مجموعو (جڏهن ڀونءِ بڻي ) سال 1982ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو ان کان علاوه سندس اردو شاعري جو مجموعو (اندر بيان اور ) به سنڌي اردو ادب جي زينت بڻيو آهي ان ڪتاب جو مهاڳ اردو زبان جي بهترين شاعر ۽ ادب جو پارکو (محسن ڀوپالي) لکي اعزاز حاصل ڪيو .تاجل بيوس صاحب جي ڪتابن جي مالها منجهان انبن جهليو ٻور (شاعري ) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري ) ڪنڌي ءَ ڪنئور ترين (شاعري ) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا( شاعري) تاجل جو رسالو (شاعري) اندر بيان اور (اردو شاعري) گلابون ڪي موسم (اردو شاعري ) ڏوريان ڏوريان م لهان (شعري مجموعا گڏ) تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل)چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سئو غزل) ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم) ڏور به اوڏا سپرين (سفرنامو) آريجن کان الهاس نگر ، پکي ساڳئي پار جا ، سون سريکا چارسن ، صحرا ستر جن ، ڏک سکن جي سونهن ، سج چنڊ ڪتيون تارا ، ان کان سواءِ هن جو هڪ ڪتاب انگريزي شاعري جي مختصر تاريخ نالي هڪ نثري ڪتاب به ڇپيل اٿس سنڌ جو ڀلوڙ شاعر عظيم انسان تاجل بيوس پنهنجي ديس کان علاوه دنيا جا ٻيا ملڪ به گهمي ڏٺا جن منجهه آمريڪا ، جپان ، جرمني ، انڊيا ، ٿائيلينڊ ، هانگ ڪانگ ، وغيره تاجل بيوس کي سندس ادبي پورهي تي ڏهن کان مٿي مڃتا طور ايوارڊن سان نوازيو ويو سنڌ جو هي حساس ۽ ڪومل طبيعت جو مالڪ شاعر ،اديب اوچتو 4 ڊسمبر جي تاريخ تي اڌ رنگ (فالج جي بيماري) جي حملي ۾ سخت بيمار ٿي پيو جنهن کان پوءِ هو بيهوش ٿي عليل ٿي ويو آخر ڪار هن سهڻي ڀلوڙ شاعر جي زندگي تي بيماري ٽڪ هڻي بيهي رهي موت جو راڪاس سندس وڌيڪ لکڻ ، ڳالهائڻ نه ڇڏيو. هو ادب ، شاعري جا سڀ رنگ دروازا بند ڪري دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب اسان کان 13 ڊسمبر 2008ع ڇنڇر ڏينهن زندگي جا 70 سال 2 مهينا 21 ڏينهن بعد هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني ٿي ويو . سندس اڄ 13 ڊسمبر2016 تي 8 ورسي ملهائي پئي وڃي. سندس ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تاجل بيوس جي آخري آرامگاهه ڪراچي جي چوڪنڊي مقام ۾ آهي ڏسپتو محمد​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو