ڪافين جو بادشاهه مصري شاهه رضوي

'مقالا' فورم ۾ خادم ًگهراڻو طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2010۔

  1. خادم ًگهراڻو

    خادم ًگهراڻو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پرائمري اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    5 صفر المظفر ساليانو عرس مبارڪ

    ڪافين جو بادشاھ حضرت مصري شاھ امام رضوي

    خادم گھراڻو

    [justify]نصرپور سنڌ جو هڪ قديم شھر آهي هيءُ شهر ڪپڙي ۽ علمي مرڪز جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور هو . هن شھر کي اهو شرف به حاصل آهي ته سنڌ جي حڪمرانن ارغونن ۽ ترخانن جي تاج پوشي نصرپور شهر جي دارالقضا مسجد وٽان ٿيندي هئي هن شهر جو وجود 751هجريءَ ۾ فيروز تغلق جي دور ۾ ٿيو فيروز تغلق پنهنجي سپهه سالار امير نصر کي هڪ هزار فوج سان مقرر ڪيو هو جنهن هتي قلعو ٺهرايو اهو قلعو نصرپور سڏجڻ لڳو هن هتي هڪ مسجد به تعمير ڪرائي جيڪا اڳ نصر جي مسجد سڏبي هئي هاڻ شاهجھاني مسجد سڏجي ٿي پر نئين سر هن جي مرمت ڪرائي ويئي آهي پر پراڻي ساک بحال رکي ويئي آهي .نصرپور مان درياءُ وهندو هو چون ٿا ته هتان سنڌو درياءُ ۽ ساڱره درياءُ وهندا هئا جنهن ڪري هتي مهاڻن جي بستي هئي جنهن جو اڳواڻ نصر مهاڻو هو جنهن جي نالي سان هيءُ شهر نصرپور سڏجڻ لڳو زين دائودپوٽو موجب هن جو هندڪو نالو ڪلهان پور آهي پور جي معنى قلعو آهي اڳ بچاءُ لاءِ قلعا ٺهرايا ويندا هئا .نصرپور اسلامي دور جو نالو آهي بيگلار نامو جيڪو ترخانن جي حڪومتي دور بابت فارسي ۾ لکيل آهي ان موجب هن شهر جي چوڌاري باغ هوندا هئا . ارغونن جي تاجپوشي هتي ٿيندي هئي .

    تحفة الاڪرام موجب دودي سومري پنهنجي حڪومت جون حدون نصرپور تائين وڌايون هنيون يوسف شاڪر ابڙو جي لکڻ موجب جڏهن برهمڻ آباد ناس ٿيو ته اتان جيڪي ماڻهو بچي نڪتا هئا انهن هيءُ شهر اچي آباد ڪيو هو .نصرپور جنهن کي تاريخي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو ان جي وجود اچڻ بابت هڪ تاريخ آهي ان تي تحقيق ڪئي وڃي ته خبر پئجي سگھي ٿي ته هن شهر جو وجود ڪڏهن پيو ۽ ڪنهن وڌو نصرپور جيڪو هڪ قديم شهر آهي جنهن جي سرزمين تي هر دور ۾ عالم اديب شاعر صوفي ولي بزرگ وغيره جنم وٺندا رهيا آهن جيڪي پوري دنيا ۾ مشهور آهن . شاه عنايت جيلاني ،شاه عنايت رضوي ،قائم شاه بخاري نور الله شاه نوري وڏن شاعرن جو تعلق به هن نصرپور سان آهي . 19 صديءَ ۾ هتي ڪافين جو بادشاهه مصري شاه رضوي ٿي گذريو آهي جنهن جو هر سال وڏي ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي جيڪو هجري مهيني جي صفرالمظفر جي پنجين تاريخ تي ٿيندو آهي جنهن ۾ هند سنڌ جا مريد ايندا آهن مصري شاهه جي شاعريءَ جي مجموعي کي ڪليات مصري شاه چئجي ٿو جنهن جي مدد سان هيءُ مضمون تيار ڪيو ويو آهي رضوي سيد بکر کان نصرپور آيا تحفة الاڪرام موجب نصرپور ۾ پهرين سيد هاشم آيو هو . هتي بلند شاهه کي 1245 هجري بمطابق 1828ع ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو مصري شاهه رکيو ويو 30 پيڙهي ۾ سندن نسب پاڻ سڳورن ﷺ سان وڃي ملي ٿو . مصري شاه جن اڃا ننڍا هئا ته سندن والد وفات ڪري ويو پوءِ کين سندن ڀاءُ فتح محمد شاهه سنڀالڻ لڳو . مصري شاهه کي قاضي گل محمد جي مڪتب ۾ ڇڏيو ويو جيڪو پاڻ کي گل سڏائيندو جتان مصري شاهه عربي ، فارسي، سنڌي ،سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪئي مصري شاهه پاڻ سان گڏ مثنوي رومي ، ديوان حافظ ، ڪليات سعدي شيرازي رکندا هئا انهن جا حافظ به هئا . عربي لغات قاموس تي ايترو ته عبور حاصل هين جو لفظ پڇڻ تي معنى ۽ صفحو به ٻڌائي ڇڏيندا هئا.ديوان مثنوي ۽ حافظ ديوان سندس سفر جا ساٿي رهيا مصري شاهه جي رهڻي ڪهڻي تمام سادي هوندي هئي سادو کائيندا هئا ۽ سادو پهريندا هئا سونهاري مٺ جيتري هوندي هئين ڪلهن تائين وار هوندا هئا سفر کان موٽڻ کان پوءِ پهراڻ پائيندا هئا جنهن جو رنگ ڪارو هوندو هو جنهن جون ٻانهون ڊگھيون هونديون هنيون ڪلهن ۾ ڪاري کٿي رکندا هئا .نهايت سادو کائيندا هئا . ڏينهن جو ٻاجھر جي ماني ڏڌ يا ساڳ سان رات جو کير سان کائيندا هئا . مصري شاهه جن مرشد محمود شاهه جي درگاهه تي روزانو فجر وقت ويندا هئا اتي هڪ پيلو پٿر لڳل آهي چون ٿا سائين مصري شاهه ان کي ٽيڪ ڏيئي ويهندو هو هڪ ڏينهن 25 سالن جي عمر ۾ فجر مهل زيارت تي ويا اهڙو اشارو ٿين جو ديس ڇڏي پرديس جي واٽ ورتائون 16 سال ٿرپارڪر، اجمير ، جھونا ڳڙهه ، جوڌپور آديسين جوڳين سان گڏ جھاڳي ابو جبل تي ڪافي عرصي تائين چلو ڪٽي چاليهن سالن جي عمر ۾ واپس آيا پنهنجي ماڳ ڏي ته سندس ڀاءُ فتح محمد شاهه به کين سڃاڻي نه سگھيو مصري شاهه پاڻ کي مصري تي اڪتفا ڪيو پاڻ کي ڪوٺيندو هو ٻانهي جو ٻار پاڻ موجوده اوطاري ۾ هڪ نک تي ويهندا هئا اتي مريدن فقيرن خادمن سان ڪچهري ڪندا هئا مصري شاهه ،شاهه عنايت رضوي ، شاهه لطيف ۽ سيد اميد علي شاهه جي شاعري سڪ مان چوندا هئا . جڏهن پاڻ ڪو ڪلام چوندا هئا ته سندن ڀاڻيجو سيد قادر شاهه يا قاضي عبدالرحيم لکندا ويندا هئا . ٽنڊوالهيار ۾ پير محمد زمان شاهه جي درگاهه تي هر سومر رات حاضري ڀرڻ ويندا هئا سفر ۾ ٻه چار فقير گڏ هوندا هئا يڪتارو بيراڳڻ ٿهي سفر ۾ گڏ هوندا هئا ٿهي ڪنهن فقير جي ڪلهي تي هوندي هئي۔ ٽنڊوالهيار ۾ نصرپور ناڪي واري هنڌ لهي اڳتي پيرين پنڌ ويندا هئا ، جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ ڪلام چوندا هئا ته انکي حافظ محمد پاٽولي قلمبند ڪندو هو۔ انهن ڪاتبن جي ڪري مصري شاهه جو ڪلام محفوظ ٿي ويو۔ مصري شاهه جي خدمت ۾ سندس ڀاڻيجو سيد قادر شاهه جيڪو پارسي عربي طب موسيقي جو ڄاڻو هو مائي ليلان ماهر فن رقاصه جيڪا حيدراباد جي ماڙيچن مان هئي سائين مصري شاهه جو ڪلام ڳائيندي هئي مصري شاهه جي خدمت ۾ هوندا هئا . مائي ليلان جو ڪم گاڌي وڇائڻ به هوندو هو پاڻ نصرپور ۾ وفات ڪري ويئي سندس مزار مرشد جي پيرانديءَ کان آهي .1900ع ۾ جڏهن ڪالرا جي وبا ڦهلجي ويئي ان جو اثر نصرپور تي پيو هو مصري شاهه کي هتان لڏي هلڻ جي لاءِ چيو ويو پر پاڻ چيائون ته هتان هلڻ سان شايد بچي پئجي پر هتي جيڪا مرشد جي نيلن جي ڇانءُ آهي اها ٻي هنڌ ڪٿي نصيب نه ٿيندي چار يا پنج صفر 1335 هجري بمطابق 1906ع ۾ اڌ رات جو کيس علالت ٿي پاڻ آخري ڪافي ڏاگھا جيئن ڏينهن نه اڀري پنڌ پرانهون منزل ڏور چيائون جيئن ئي بس ڪيائون ته سندس روح جو پکي اڏامي ويو سندن درگاهه محمود شاهه جي درگاهه جي اتر طرف آهي سندس آخري آرام گاهه تي جوڌپور جي مريدن پنهنجي ملڪ جو ڳاڙهو پٿر آڻي سندس ڀائيٽي ميان علي غلام شاهه کي ڏنو جنهن پنهنجي نظرداري هيٺ مزار مٿان ڳاڙهي پٿر جي عمدي ڇٽي ٺهرائي .

    مصري شاهه جي شاعري جي مجموعي کي ڪليات مصري شاهه چئجي ٿو جنهن ۾ 164 سنڌي 25 سرائيڪي 3 هندي هڪ فارسي هڪ اردو 24 وايون 105 نظم آهن مصري شاهه جي شاعريءَ تي پارسي شاعري جو اثر آهي سندس شاعري ۾ صلاصت فضاعت ۽ بلاغت آهي سندس ٻه ڪافيون اهڙيون آهن جن ۾ هڪ به نقطو استعمال ٿيل نه آهي اهڙي شاعري اڄ تائين ڪوبه ڪري نه سگھيو آهي جو اهڙا لفظ ڪتب آڻي جو جنهن ۾ نقطا نه هجن پر مصري شاهه اهڙيون ٻه ڪافيون چيون آهن پاڻ غزل ۾ ايراني شاعرن وانگر محبوب جي تعريف ڪئي اٿن عربي شاعري جي اصولن موجب عربي تڪن مصرع بحر وزن ۾ وڌي نٿي تذڪره لطيف موجب مصري شاهه جو غزل فارسي شاعرن وانگر علم عروج جي قاعدن تي ٺهيل آهي جنهن ۾ تشبيهون استعارا ۽ صنعتون ڪم آيل آهن موضوع جي خيال کان مصري شاهه جي شاعري کي چئن بابن ۾ ورهايو ويو آهي نمبر هڪ عشق حقيقي نمبر ٻه عشق مجازي نمبر ٽي اخلاقي ۽ اصلاحي نمبر چار مناجات مدحيات مناقبات عشقيه ڪلام .

    ڪافين جي بادشاھ مصري شاھ رضوي جي شاعري جي مجموعي کي ڪليات مصري شاهه سڏيو وڃي ٿو جنهن جو ٽيون ڇاپو 2005ع ۾ ڇپايو ويو جنهن جي ترتيب و اشاعت ڊاڪٽر عرس فقير بهراڻي ڪئي . مصري شاهه جي ڪافي سنڌي شاعري جي نج صنف آهي مصري شاهه جون ڪافيون تمام گھڻيون مشهور آهن جنهن ڪري هن کي ڪافين جو بادشاهه چيو وڃي ٿو نالي وارا گائڪ جيڪي به آهن انهن اهي ڪافيون ڳايون آهن مصري شاهه جو ڪلام ڳائڻ تمام ڏکيو آهي مصري شاهه هڪ ڪافي ۾ چئي ٿو .

    تات جنهن کي طلب تنهنجي ،
    سي وريو ڪيئن وسارين ٿو .​


    مصري شاهه هڪ هنڌ چيو آهي ته عشق اهڙو آهي جنهن دل مان اقرار ڪرايو الله هڪ آهي تون ان رب جي اڳيان گناهه بخش ڪرائي توبهه زاري ٿي

    عشق اچي چيو احد الله ،
    تون پڙهه توبهه زارو زاري .

    مصري شاهه غفلت واري ننڊ مان سجاڳ رهڻ جي لاءِ چيو آهي ننڊ مان ڪجھه به نه ورندو ننڊ جي ڪري جيڪي هوندو اهو ويندو هليو جنهن جي ڪل ئي ڪانه پوندي ته ڇا مان ڇا ٿي ويو شاهه لطيف به به چيو آهي

    ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري .
    سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندين نه ملندو .

    جڏهن سسئي رات جو ستي صبح جو اٿي ڏٺائين ته نه ڪنواٽ هئا نه هوت هئا نه پنهون هو اتي مصري شاهه چيو ته :

    ننڊ نصيب نڀاڳ جا ڏينم جاڳيس ڪين جوانن لاءِ
    اهڙا سٽاڻا سيڻ ڏسي ڇو ستيس سيڄ وڇائي .

    مارئي جي وطن سان حب پنهنجي ماروئڙن جي سڪ تمام مشهور آهي مارئي عمر جي نرم بستري کان پنهنجي واري جي بستري کي بهتر سڏيو آهي سون اطلس کان پنهنجي ڦاٽل لوئي کي وڌيڪ چاهيو تنهن لاءِ مصري شاهه چوي ٿو ته :

    آئون وساريان گھڻو وسريو ڪين وڃن
    چاڪن وانگر چت ۾ چڻڪيو روز چڪن
    تن مارن سان ملي هي ٺپ ٺارينديس

    مارئي کي هر وقت پنهنجي سرتين جي پنهنجي ملير جي وڻن ٽڻن جي ياد هوندي هئي هر وقت انهن کي ياد ڪندي رهندي هئي اها پنهنجي سرتين کي ياد ڪري ماندي ٿي پوندي هئي جن سان زندگيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا انهن کي هر پل ياد ڪندي ڪندي هئي اها آس هئي ته هڪ ڏينهن انهن سان ضرور ملنديس :

    هڪ جيڏين سان جيئن هت هيس آءٌ هيڪاندي
    تيئن مارن سين مولى ميڙيندو هيءُ ماندي
    جنب گذاريم گڏ جن ڏيهه وڃي سي ڏسنديس .​


    هيءَ دنيا فاني آهي هن ۾ ڪوبه نه رهندو صرف رب پاڪ جو نالو رهندو جيڪي ماڻهو مايا کي گڏ ڪندا آهن اهي اها مايا اتي ئي ڇڏي ويندا آهن سڪندر اعظم دنيا جو فاتح هو جنهن مرڻ وقت ڇيو ته آءٌ مري وڃان ته منهنجا هٿ ٻاهر ڪڍي ڇڏجو جيئن ماڻهو ڏسن ته اءٌ ڪجھه به نه کڻي وڇي رهيو آهيان خالي هٿن سان وڃي رهيو آهيان . انسان سان گڏ ويندا آهن ته صرف هن جا اعمال ويندا آهن مصري شاهه ان بابت چئي ٿو ته :

    آخر هلندين اوڏهين
    ڪو ڏينهن ڪوٽ رهي اڄ سڀاڻي

    جن جو نينهن رب سان هوندو آهي اهي رات جو جاڳي خدا جي عبادت ڪندا رهندا آهن رب کان گناهن جي معافي گھرندا رهندا آهن اهي جاڳي عبادت ڪندا آهن :

    نينهن وارن کي ننڊ نه آئي
    اک الک ڏي لنؤن لائي
    اٿي ويٺي اڪاٽ ويل نه ويٺا ويٺن وڇائي

    مارئي جي لاءِ عمر وڏا وس هلايا پر مارئي جي وطن سان حب وطن وارن جي سڪ کٻڙن پيرن جي محبت جھڪائي نه سگھي اها چئي ٿي ته مون کي منهنجا مارو ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندا هڪ ڏينهن مون کي ضرور وٺڻ ايندا :

    قيد ڇڏيندم ڪين عمر اجھي آيم اباڻا
    نيٺ نڌر کي نيندا پنهنجي ڏيهه ڏاڏاڻ
    ا

    عمر جڏهن مارئي کي سون روپا اطلس آڇيا ته مارئي عمر کي چيو ته :

    اُنَ مٽائي اوڍيان اطلس
    ايءُ پڻ ڪوجھو ڪم
    ڪيئن ويڙهيچن کي وساريان ​


    مصري شاهه پنهنجي شاعري ۾ مختلف ماڳن مڪانن ٻوٽن ساڳن شهرن وڻن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته اتي سائين جن ويا هئا انهن ماڳن جو سفر ڪيو هو سندس شاعري ۾ سيوهڻ ملتان ثر سکر وغيره جو ذڪر ملي ٿو برسات جي باري ۾ چون ٿا ته جڏهن اها وسي ٿي ته ڏڪار ختم ٿيو وڃي ٿو

    سيوهڻ ۽ ملتان سکر تي بتهه ڪئي برسات
    ٿيلي ٿر بر روهه رچائي ڪاهيئون ڪيچ قلات​


    زندگي هڪ ٺڪر مثل آهي جنهن جو ڪوبه ڀروسو نه آهي ته ڪڏهن ٿي اها ٽٽي

    سڌ حياتي جي سڄڻ نه آهي
    جيئن هوندو نه جال ميان
    ويهه ويجھو ٿي ورهه وساريان​


    سهڻي ميهار جو قصو مشهور آهي جنهن رات سهڻي دلو کڻي درياءُ بادشاهه تي آئي ته هن کي خبر نه هئي ته دلو ڪچو آهي ان رات برسات ۽ سيءُ به هو سهڻي جي لاءِ مصري شاهه چوي ٿو

    سهه سيارو سپرين مٿان مينهن ملار
    پهچائج پارن مان

    سسئي جڏهن صبح جو پنهون نه ڏٺو ته ان جي لاءِ نڪري پئي هن کي سرتين روڪيو پر سسئي چيو ته:

    هاڻ هلڻ هَ ٿيو پهڻن منجهه پهڻ
    ناهه مناسب مصري وارث ريءِ هت وهڻ
    آس ايهائي آهم ته واڳون شل واريندا
    جڏهن سسئي جا ڏير پنهون کي رات جو وٺي ويا صبح جو هن ڏٺو ته نه ڪنواٽ آهن نهن ڏير آهن نه پنهون آهي تڏهن به هن ڏيرن کي ميار نه ڏني چئي ٿي ته

    ڏيرن جو ڪونهي ڏوهه
    آهه نماڻو نصيب نڌر جو

    مومل راڻي جي قصي جي اسان کي سڀ خبر آهي ته سومل دولت گڏ ڪرڻ لاءِ جادو جو محل ٺاهيو هو جنهن ۾ ڪيئي آيا سڀ ويا ناتر جي نخرن جي اڳيان ڪنهنجي به نه هلي رڳو راڻو منزل تي رسيو هو اتي مصري شاهه چوي ٿو

    مومل محل اڏائي جامان جادوگري جوڙيا
    دلين سان ڌتاري ناتر ڪئين ٿي نهوڙيا
    موهي محبت وڌي موڙي هڻي راڻي ڪيو ريتون​


    مصري شاهه جي شاعري ۾ ڪافي ٻوٽن جو به ذڪر آيل آهي جيڪي ٿر ۽ بر ۾ ٿيندا آهن يا برسات جي موسم ۾ ٿيندا آهن

    ڳم ڳاڱيون ڳنڍير لنب للر لوڙهيائون
    مڪون منگھا ماڙي ويهي ويڙهه ونڊيائون .​


    مصري شاهه پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي لاءِ گھري آهي ته

    واحد وسائينس ، آهون عالم جون سڻي ،
    موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس
    وسائي واٽن تي اوڀر اڀائينس
    صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس ،
    برڪت وجھي بحر ۾ ، هر جا هلائينس ،
    هو جي سر سڪي ويا سي واري وهائينس
    پکا پکن سامهان اوري اڏائينس
    هون سدائين هتهين رب تون رهائينس
    مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾

    مصري شاهه جو ڪلام کي تعليمي ادارن جي نصاب ۾ جيڪڏهن شامل ڪيو وڃي ته هن سان سنڌ واسين جي علم ۾ اضافو ٿيندو انهن کي مصري شاهه جي ڪلام جي ڄاڻ به ملي ويندي[/justify]
     
  2. خادم ًگهراڻو

    خادم ًگهراڻو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پرائمري اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: ڪافين جو بادشاهه مصري شاهه رضوي

    نصرپور جو مشهور ڪافين جو شاعر آهي جنهن جو ميلو هر سال 5 صفر تي نصرپور ۾ ٿيندو آهي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪافين جو بادشاهه مصري شاهه رضوي

    ادا مصري شاه بادشاه جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔ منهنجي ته دل جو بادشاه آهي سندس ڪافيون دل تي راج ڪندڙ هونديون آهن سندس هڪ ڪافي محترم دوست مختيار احمد منگسي جي آواز ۾ موجود آهي اها به سنڌ سلامت تي ونڊ ڪجي ٿي۔
    http://www.youtube.com/watch?v=UTHOp8h-WHM
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪافين جو بادشاهه مصري شاهه رضوي

    ادا خادم مهرباني

    اوهان سنڌ جي هن درويش ۽ شاعر مصري شاه تي سهڻو ليک ونڊيو آهي۔ سنڌ جو هي ڀلوڙ شاعري پنهنجي لازوال ڪافين جي ڪري گهڻو مشهور آهي۔

    واحد وسائينس ، آهون عالم جون سڻي ،
    موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس
    وسائي واٽن تي اوڀر اڀائينس
    صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس ،
    برڪت وجھي بحر ۾ ، هر جا هلائينس ،
    هو جي سر سڪي ويا سي واري وهائينس
    پکا پکن سامهان اوري اڏائينس
    هون سدائين هتهين رب تون رهائينس
    مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾


    مصري شاه جون ڪافيون سنڌ جي مشهور ڳائڻن جي آواز ۾ :

    استاد منظور علي خان

    http://www.youtube.com/watch?v=CiZ4E5aqSyA

    استاد محمد يوسف

    http://www.youtube.com/watch?v=NrQTVu1X1bA

    سينگار علي سليم

    http://www.youtube.com/watch?v=4I0dZJjziRY&feature=related
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪافين جو بادشاهه مصري شاهه رضوي

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  6. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: ڪافين جو بادشاهه مصري شاهه رضوي

    السلام عليڪم
    اوهان سڀني ڀائرن جا لک ٿورا اوهان منهنجي تحرير کي پسند ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو