سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جو مختصر تاريخي جائزو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جو مختصر تاريخي جائزو​
    ۔

    [​IMG]
    ۔ڌاڙا ڦر اغوا ۽ چوري جو ڪم يا ڌنڌو ڪو اڄوڪو نه آهي پر توهان جڏهن تاريخ تي نظر رکندوء ته توهان کي معلوم ٿيندو ته اهيو ڪم يا ڌنڌ قديم زماني کان هلندو پيو اچي۔ ۽ انهن جون ڪيتريون ئي شڪليون ٿئي گذريون آهن، ڪڏهن ملڪي سطح تي لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي ته ڪڏهن علاقائي سطح تي لٽيو ڦريو ويو آهي، ۽ انتهائي ڏک ۽ افسوس مان اهيو به چوڻو ٿو پوي ته هميشه سنڌ کي ڌارين ڌاڙيلن وانگر لٽيو ۽ ڦريو آهي، جنهن جا ڪيترائي مثال تاريخ ۾ اڄ به موجود آهن، جنهن جي تفصيل لاء توهان تاريخ جا ڪتاب مطالعو ڪري اها معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا۔
    اهڙي ريت افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته سنڌ اندر ڌاڙيلن جو راڄ به گهڻو اڳ جو ۽ قديم آهي ۽ ڌاڙيلن جي هڪ الڳ تاريخ آهي ( مون کي ياد ٿو اچي ته ڪافي سال پهرين ڪنهن سنڌي جوان سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر تي تفصيلي مقالو لکي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي ۽ ان اهيا پڻ تحقيق ڪئي هئي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا ڌاڙيل پيدا ٿيا ۽ انهن ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي اغوا ڪيو يا قتل ڪيو، ۽ ڪهڙي ضلعي مان ڪيترا ماڻهون ڌاڙيلن هٿان قتل ٿيا يا اغوا ٿيا ۽ انهيء مقالي ۾ پوليس جو ڪهڙو ڪردار رهيو ان بابت پڻ روشني وڌي وئي هئي ، ۽ ان مقالي جو نچوڙ مون پاڻ ڪنهن سنڌي اخبار ۾ پڙهيو هو۔ ۽ اهو ٿيسز تمام وڏي ڪم جو ٿيسز هو، ) جيڪڏهن ماضي طرف وڃبو ته سنڌ اندر ڪيترائي ڌاڙيل پيدا ٿيا جن پنهنجي دهشت سان سنڌ مٿان پنهنجي نوعيت جي حڪمراني ڪندا آيا آهن، مگر انوقت جي ڌاڙيلن ۽ موجوده وقت جي ڌاڙيلن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي انهن جي واردات ڪرڻ جو نمونو به الڳ رهيو آهي ۽ انهن ڌاڙيلن ۾ ڪجهه شرم حياءُ هوندو هو ۽ نياڻي سياڻي جو خيال رکندا هئا، يا وري ڦر ڪندي ڪنهن سيد تي هنن جي نظر پئجي وئيندي هئي ته اها ڦر ۽ ڌاڙو به ڇڏي هليا ويندا هئا، يا وري ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته اهو ڦريل سامان به مالڪن کي واپس ڪندا هئا، ۽ ڪجهه نه ڪجهه غريب غربي جو خيال ڪندا هئا، ۽ اميرن ۽ وڏن ماڻهن کي ڦريندا هئا، حقيقت ته اهيا آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل پيدا ڪرڻ وارو به سنڌ جو وڏيرو آهي ته انهن کي پاليندڙ ( پٺڀرائي ڪندڙ ) به اهو ئي وڏيرو آهي، ۽ سنڌ ۾ جيڪي به ماڻهون اغوا ٿيا آهن انهن ۾ وڌ ۾ وڌ هٿ انهن پاٿاريڌار وڏيرن جو ئي رهيو آهي، . سنڌ جي تاريخ آهي ته سنڌ جا نالي وارا ڌاڙيل پوليس هٿان گهٽ ۽ وڏيرن جي سازش هٿان وڌيڪ مئا آهن، جنهن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، توهان ماڻهن واتان يا وري اخبارن ۾ پڻ حقيقتون پڙهيون ۽ ٻڌيون هونديون۔ جنهن جا به ڪيترائي سبب ڄاڻايا وڃن ٿا. سنڌ اندر حقيقي معني ۾ ڌاڙيلن جو وجود ايوب دور حڪومت کان شروع ٿيو هو جيئن ته ايوب دور حڪومت ۾ وڏيرن وٽ طاقت ۽ پاور هو اهي ڳوٺن ۽ شهرن اندر پنهنجو وجود ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏوهارين کي هٿي ڏيندا هيا جنهنڪري انوقت کان ڌاڙيلن جو سفر شروع ٿيو .ڌاڙيلن جي ماضي طرف وڃبو ته 1965 ڌاري مبين ڏاهري هڪ نالي وارو ڌاڙيل هو جنهن جو مڃيل ٽولو هو. مبين ڏاهري دادو ۽ نوابشاهه ضلعن سان تعلق رکندڙ هو جيڪو گهڻو ڪري وارداتون هاءِ ويز تي ڪندو هو ۽ واردات ڪرڻ بعد هو دادو يا وري نوابشاهه ضلعي جي ٻيلن طرف لهي ويندو هو. هن پهريون ڀيرو جڏهن ڀان سيدآباد جي انتهائي معتبر زميندار ۽ پير صاحب پاڳاري جي معتقد نثارعلي افندي کي بوبڪ ريلوي ڦاٽڪ وٽان اغوا ڪيو هو ته سڄي سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئدا ٿي ويو هو پر هو بنا ڪنهن ڀنگ ڀرڻ جي هڪ اڌ ڏينهن اندر آزاد ٿي گهر پهتو هو. اهڙي طرح پير صاحب پاڳاري جو هڪ ٻيو معتقد هالا تعلقي جو زميندار حاجي محمد سليمان ميمڻ به اغوا ٿيو هو جيڪو پڻ هڪ اڌ ڏينهن اندر آزاد ٿي گهر پهتو هو. اهڙي طرح سنڌ اندر اغوائن جي وارداتن وارو سلسلو شروع ٿيو هو . هونئن به پراڻي دور ۾ جڏهن به مهيني ٻن بعد ڦر جي واردات ٿيندي هئي ته ذري گهٽ مهيني ٻن تائين انجو عوام ۾ خوف رهندو هو ۽ سج لهڻ بعد روڊ رستن تي سفر گهٽ ڪندا هئا. يا پوء اگر ڪي مسافرن کي گاڏيون کڻي به هلنديون هيون ته اهي پوليس جي ڪانوائي سان گڏ هلنديون هيون (جنهن ۾ مسافر گاڏي سان گڏ پوليس جي هڪ گاڏي گڏ هلندي هئي) ۽ اهڙي نموني ان ڪانوائي رستي مون پاڻ ( ممتاز ) حيدرآباد کان دادو تائين سفر ڪيو آهي، جنهن ۾ سڄي واٽ ساهه پيٽ ۾ نه هوندو هو، ۽ هڪ خوف هوندو هو توڻي جو پوليس جي گاڏي ساڻ هلندي هئي۔ هون به ڌاڙيلن جي حساب سان دادو ته تمام گهڻو بدنام هو، ۽ دادو ۾ ڪيترائي بدنام ڌاڙيل پڻ پيدا ٿيا، ۽ پوري سنڌ مان وڌ مان وڌ ماڻهون اغوا به دادو ضلعي مان ٿيا، ۽ ڄام صادق صاحب جي دور حڪومت ۾ به چيني انجنيئر به دادو مان ئي اغوا ٿيا جنهن جي ڪري ان وقت جي مشهور ريڊيو بي بي سي پڻ دادو جي ڌاڙيلن جون خبرون ڏيڻ شروع ڪيون جنهن جي ڪري دادو جي هڪ سڃاڻپ ڌاڙيل به بڻجي وئي جنهن جي ڪري اڄ به ڪراچي جا ماڻهون دادو جو ٻڌي ڌاڙيلن جو ذڪر ڪندا آهن۔۔۔۔۔۔ ۔حڪومت هميشه ڌاڙيلن جي مارڻ لاء هڪ ڳري رقم پڻ رکندي آهي مگر پوء اها رقم به گهڻو ڪري پوليس کي ئي حاصل ٿيندي آهي، ڌاڙيل مبين ڏاهري مٿان به وقت جي لحاظ کان لک اڌ رپين جو انعام رکيل هو ۽ جڏهن مارجي ويو ته کيس مارڻ جي دعوا پوليس ڪئي هئي پر مقابلي دوران پوليس جو نقصان گهٽ ٿيو هو پر حقيقت انجي ابتڙ هئي. ان وقت به اهو ٻڌڻ ۾ آيو هو ته مبين کي ڪنهن اهم شخصيت جي پٺڀرائي حاصل هئي ۽ ان ئي شخصيت مبين ڏاهري جي وٽس امانت طور پيل رقم ڦٻائڻ جي نيت سان مخبري ڪري کيس نشو ڏئي پوليس هٿان مارائڻ جو ناٽڪ رچايو هو جيتوڻيڪ انوقت اخبارن کي آزادي نه هئي تنهن هوندي به اخبارن اهڙي ڳالهه تان پردو کنيو هو . اهڙي طرح مبين جو هڪ ٻيو ويجهو ساٿاري صديق ڳهيلو به ٻيلي جي هڪ ٺيڪيدار جي مهرباني سان دادو لڳ لليا ٻيلي اندر ساڳي طريقي سان مارجي ويو هو جيئن مبين ڏاهري مارجي ويو هو. مبين ڏاهري لاءِ اهو ٻڌڻ ۾ آيو هو ته هو ڌاڙي دوران عورتن جو انتهائي احترام ڪندو هو ۽ انهن کان ڦر ڪرڻ کان پاسو ڪندو هو
    ڌاڙيلن جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿيو جڏهن عوام جي چونڊيل حڪومت ختم ٿي ۽ آمر ضياءُالحق ملڪ جو واڳون سنڀاليون هيون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏيرن ڪر کنيو هو يعني ضياءُالحق جي حمايت ڪندي پاڻ کي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ سمجهڻ لڳا جن جي ڏاڍ ۽ ظالماڻين ڪاررواين سب ڌاڙن ۽ ڦرن منهن ڪڍيا. هن دور ۾ حيدرآباد ضلعي اندر محب شيدي جڏهن ته دادو ضلعي اندر پرو چانڊيو ( جنهن تي پڻ هڪ فلم ٺاهي وئي هئي جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سينيمائن ۾ مقبول پڻ وئي هئي ۽ ڌاڙيل پرو چانڊيو جو ڪردار منصور بلوچ صاحب ادا ڪيو هو، ۽ ڌاڙيل پرو چانڊيو ولد محمد صالح چانڊيو لاء مختلف ماڻهن جا مختلف رايا آهن، ۽ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته پرو رڳو وڏيرن سان وير رکندو هو ۽ اهو به ان ڪري جو هن جي مٿان (جڏهن هي ڌاڙيل نه هو) ته ظلم ڪيا ويندا هئا۔ ۽ هي اهو واحد ڌاڙيل هو جيڪو غريبن کي تڪليف نه ڏيندو هو ۽ اڃان به غريبن جي مدد ڪندو هو، پر ڪن جو اهيو به چوڻ آهي ته ائين نه آهي، خير باقي ته رب ئي ٿو ڄاڻي ته حقيقت ڇا هئي، ) سندس ڀاءُ علي گوهر چانڊيو ۽ ڪاري ڪرڪلي، لائق چانڊيو، حسن ڪارو، ( حسن ڪاري ته 1988ع ۾ اسان جي ڳوٺ ڪاڪڙي دادو مان منهنجي ڀاء، مامي، ۽ چاچي کي به اغوا ڪيو هو ۽ جڏهن پوليس هٿان حسن ڪارو ماريو ويو هو ته ان جي لاش کي دادو جي سول اسپتال ۾ آندو ويو هو ۽ مان دادو سول اسپتال ۾ کيس جي لاش کي ڏسڻ ويو هئس ۽ ان وقت منهنجي عمر تقريبن 12،13 سال هئي ۽ مون کي اڄ به ياد آهي ته کيس هڪ ڳچي مان گولي پار ٿئي مٿي مان نڪتي هئي ۽ حسن ڪاري جي کوپڙي کي به کنيو وئي هئي ۽ ان جي ( حسن ڪارو جي ) ان وقت کوپڙي ڪا نه هئي، جنهن کي مان ڏسي ڪري تمام گهڻو ڊنو هئس جيڪو خوف مون کي سالن جا سال رهيو )۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سميت ڪافي ننڍا وڏا ڌاڙيل پئدا ٿيا جن روڊن تي ڦرن بدران اغوائن کي وڌيڪ ترجيح ڏني، ۽ سنڌ مان هزارين ماڻهن کي اغوا ڪري انهن کان وڏيرن جي تعاون سان لکين رپيا ڀنگ يا تاوان ورتو جڏهن سنڌ ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو ته ان ۾ ڪيترائي ڌاڙيل پڻ ماريا ويا ۽ ڪيترن ئي وڏيرن کي (جن انهن ڌاڙيلن جي پٺڀرائي پئي ڪئي ۽ عام ماڻهن جي اغوا ۾ڌاڙيلن سان ٻٽ رهيا ۽ ڀنگون کاڌيون ) گرفتار پڻ ڪيو ويو ۽ انهن کي جيل به موڪليو ويو، ۽ سنڌ ۾ ڪجهه عرصي تائين ڌاڙيلن جي عذاب کان عام ماڻهون محفوظ رهيو مگر وري هاڻي سنڌ جي اترين علائقن ۾ اهيو ڪم وري جاري آهي، جنهن ڏانهن حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي۔ ، ،

    هون ته اسان جي ملڪ جي عوام کي اڻ ڳڻيا مسئلا درپيش آهن.( جنهن جو حل ڪو نظر به ڪو نه ٿو اچي ۽ ماڻهون ڏينهون ڏينهن پريشان آهن ) جنهن ۾ مهانگائي، بجلي لوڊ شيڊنگ، پاڻي جي کوٽ ۽ بيروزگاري وغيره. پر سڀ کان وڏو ۽ تمام اهم مسئلو امن امان جو آهي، جيڪو حڪومت لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي ته عوام لاءِ پريشاني جو سبب ۽ امن کانسواء معاشري جو هلڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، امن جي نه هجڻ جي ڪري نه ماڻهون ڪاروبار ڪري ٿو سگهي ، نڪو ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪري ٿو سگهي، ۽ اسان جي ملڪ ۾ ته اهيو آهي ته وڏن شهرن ۾ دهشتگردي ويل ٻري وڌو آهي جنهن سبب سڄي ملڪ جي عوام پاڻ کي محفوظ نٿي سمجهي. جيڪڏهن ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ته اها پڪ نه هوندي آهي ته خيريت سان گهر پهچندو يا ڪنهن بم ڌماڪي ۾ ڌڻي تعالي کي پيارو ٿي ويندو .اها صورتحال ملڪي سطح تي آهي، جنهن ۾ سنڌ به شامل آهي ۽ وري ملڪ جي نندن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ وري ڌاڙيلن آزار ٻاري ڏنو آهي، جنهن جون ڪجهه جهلڪيون توهان هن وڊيو ۾ پڻ ڏسي سگهو ٿا۔ .
    سنڌ ۾ اغوا ٿيندڙ ماڻهن جي هڪ مختصر رپورٽ (وڊيو )​

    http://www.youtube.com/watch?v=aB9O5wJvpUk
    ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي هڪ ٽي وي خبر (وڊيو )​

    http://www.youtube.com/watch?v=7vzGp1uJ154
    ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪرائيندڙ پوليس واري کي انعام ڏيڻ جي تقريب(وڊيو)
    http://www.youtube.com/watch?v=vytIkWfOLzk
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جو مختصر تاريخي جائزو

    ادا ممتاز ڪوبه انسان جيڪو سک چين سان فطري طور تي رهڻ جو خواهش مند هوندو آهي اهو جڏنهن جنگل يا ٻيلي ۾ وڃي ڪري حيوانن واري زندگي گزارڻ تي مجبور ٿيندو آهي ته ان جا ٻه ئي ڪراڻ ٿي سگهن ٿا ۔۔ يا بک يا ڏک جنهن جي ڪري ڌاڙيل ڌاڙيل ٿيندو آهي ۔ ۔ ۔
     
  4. امن ابن سنڌ

    امن ابن سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
  5. امن ابن سنڌ

    امن ابن سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سنڌ۾ ڌاڙيلن جي تاريخ بابت معلوماتي ويڊيو ڏسڻ جي لاء لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو