سر پورب ۾ ڪانگل جو ڪردار

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سر پورب ۾ ڪانگل جو ڪردار

    آفتاب ابڙو

    [justify]سر پورب، شاهه جي رسالي جي ننڍن سرن مان هڪ آهي، ان ۾ ٻن موضوعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي: هڪ سنڌي سماج ۾ ڪانگل جو ڪردار، ٻيو آديسين، سامين جوڳين ۽ ڪاپڙين جو ڪردار.

    هن مقالي ۾ ڪانگل جي ڪردار جي باري ڪجهه ويچار پيش ڪنداسين. هڪ سڄاڻ شاعر جي حيثيت ۾ شاهه صاحب پنهنجي شاعري ۾ سنڌي سماج جي سڀني خصلتن جو مؤثر انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ مختلف اهڃاڻن ۽ تمثيلن وسيلي قوم کي بيدار ڪيو آهي. سندس وکر ۽ اکر اهڙا ته اڻ مول آهن، جو صدين پڄاڻان به پراڻا ناهن ٿيا. انهن ۾ ايتري ئي سگهه آهي، جو اُهي اڄ به اسان جي سماجي شعور ۽ جاڳرتا لاءِ اهم وسيلو بنيا بيٺا آهن.

    شاهه صاحب هڪ قومي شاعر جي حيثيت ۾، سنڌ جي ڍنڍن، ڍورن، جبلن، پهاڙن، سمنڊن، گاهن، اناجن، ميون کان وٺي پکي پسن، جانورن، ڍورن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ انهن جي اهميتن، خوبين، خصلتن ۽ اوڻاين کي تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو اٿس. اها روايت ڪا نئين ڪانهي. دنيا جي مڙني اهم زبانن ۾ اهڙيون روايتون ملن ٿيون. عربي شاعريءَ ۾ کجيءَ جي وڻ، اٺ، ٻڪرين ۽ صحرائن جو نهايت دل لڀائيندڙ انداز ۾ ذڪر ٿيل آهي. پکين جي حوالي سان، ان ۾، حمامه (ڪبوتر) بلبل، صقر (شاهين) باز، غراب (ڪانءَ) جا جهجها مثال ملن ٿا. ان مان حوالي طور ڪبوتر ۽ ڪانءَ بابت ٻه شعر ڏجن ٿا، جن جو ذڪر اڳتي ايندو:

    وما هاج هذا الشوق الا حمامہ
    دعت ساق حرفي حمام ترنما
    (ڪتاب العين، امام خليل24/3)
    غراب وظبي اعضب القرن خبرا
    بين و صردان العشي تصيح
    (جمهرة اللغت لابي بکر محمد بن الحسن 54/1)

    مٿين شعرن ۾ ڄاڻايل پکين بابت پڻ اهو ئي تصور آهي، جيڪو اڳتي هلي مشرقي زبانن جو موضوع بڻيو. شاهه صاحب کي انهن ادبي روايتن جي چڱي طرح ڄاڻ هئي. کيس عربي توڙي فارسي شاعري ۾ ڪتب ايندڙ استعارن، اصطلاحن ۽ مثالن بابت ڀلي ڀت خبر هئي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪيترن ئي بيتن ۾ پڻ ڪيو آهي. انهن اهڃاڻن جي ڄاڻ هوندي به هن ترجيح پنهنجي مٽيءَ جي مثالن کي ڏني آهي. عربي شاعري ۾ به ڪانگ خبر ٿو ڏئي ته فارسي ۽ هندي شاعريءَ ۾ به، پر شاهه صاحب ڪانگ کي ڪردار جي حوالي سان اڃا به وسعت ڏني آهي. انکي ڀروسي وارو پيامبر، جيڪو پيغام پرين کان سواءِ ٻئي نٿو ٻڌائي، محبوب جو ملاقي ۽ سنيهي سان گڏ سپرين به آڻي ٿو ڏي. ان کان علاوه انکي ملڪي ماحول ۽ معاملن جو قاصد ٿو ڪوٺي، انکي سٺي خبر آڻڻ تي شربت ڪونه ٿو پياري، پر ان جا پر سون سان ٿو مڙهائي! ۽ جڏهن هو ڳالهائي ٿو ته شاهه صاحب ويٺلن کي تنبيهه ٿو ڪري ته خاموش ٿيو ۽ منهنجي پرينءَ جي پار جي کيانتي جي خبر خبرداري ۽ ڌيان سان ٻڌو! ساڳي طرح فارسي شاعريءَ ۾ مينا، بلبل، صنوبر، صراحين جو دل پذير انداز ۾ بيان ٿيل آهي. حقيقت ۾، انساني اوسر جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪي جانور، ڍور ڍڳا، وڻ ٽڻ انسان ذات سان ويجهي لاڳاپي ۾ رهيا آهن اُهي پنهنجي ڪارڪردگي، خوبين ۽ خصلتن سبب نه صرف شاعريءَ جو موضوع بنيا آهن بلڪه اهي عام روايتن، ثقافتي نقش نگار، دل جي اظهار کان وٺي مذهبي تصورن ۾ به نمايان رهيا آهن.

    اردو ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ “ڪبوتر” جو ذڪر جام ملي ٿو. جنهن ۾ ان کي قاصد ۽ محبوب ڏانهن خط رسائيندڙ پکي طور ياد ڪيو ويو آهي. تاريخي طور ان جو هڪ سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته “سلطان محمد تغلق” سن 725هه بمطابق 1325ع ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو ۽ پاڻ کي “ابوالمجاهد محمد شاهه” جي لقب سان سڏائڻ لڳو. سندس دور ۾، عربستان جو مشهور سياح ابن بطوطا هندستان جي سير سفر تي آيو ۽ دهلي ۾ بادشاهه سان ملاقاتي ٿيو. سلطان محمد تغلق سندس علم ۽ عقل کان متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ وزير مقرر ڪيو. ابن بطوطا پنهنجي سفرنامن ۾ هندستان جي ڪيترن ئي مکيه شين، نظارن، ماڻهن جي عادتن بادشاهن جي حڪومتي وهنوار بابت تفصيل سان لکيو آهي. ابن بطوطا لکي ٿو ته تغلق سلطانن جي دؤر ۾، ٽپال جو پورو انتظام هو. جهڙو اڳ ڪڏهن به نه هو. ٽپال جا چار قسم هئا: (1) اولاق يعني گهوڙي سوار ٽپالي، (2) شتر يعني اٺ سوار ٽپالي، (3) پيادا ٽپالي ۽ (4) ڪبوتر- هو وڌيڪ لکي ٿو ته ٽپال جو نظام اهڙو ته بهتر ۽ مؤثر هو، جو بادشاهه کي سفر دوران مقرر جاين تي پيئڻ لاءِ گنگا جو پاڻي ۽ ايران جا تازا ميوا پهچندا هئا. خط ڪتابت عربي ۽ فارسيءَ ۾ هلندي هئي. شهرن جي عملدارن کي بادشاهه پاران غلام مليل هوندا هئا، جيڪي شهر جي وهنوار بابت ٽپالين ۽ جاسوسن ذريعي خبرون بادشاهه تائين رسائيندا هئا. ان ۾ عملدارن جي بيگمات جون خبرون به شامل هونديون هيون. اُهي مناسب وقت اندر دهليءَ جي بادشاهه تائين پهچي وينديون هيون.

    سلطان محمد تغلق جي دؤر ۾ (1325ع) سنڌ تي سندس پاران ڪشلو خان گورنر مقرر ٿيل هو. بادشاهه سندس وڏي عزت ڪندو هو. کيس بکر ۾ مقرر ڪري، ٺٽي ۽ سيوهڻ سان گڏ، اچ ۽ ملتان به سندس ماتحتي ۾ ڏنا ويا هئا.
    تغلقن جي دؤر ۾ ڪبوتر ڪيئن خط پهچائيندا ها. ان بابت هڪ روايت اها به آهي ته شهرن جي مکيه چؤنڪن تي، مٿانهين جاين تي ڪاٺ جون کليل پيتيون رکيل هونديون هيون، جتان پاليل ڪبوتر خط کڻي شاهي درٻار ۾ رکيل ساڳي نوعيت جي پيتين ۾ اڇلائيندا هئا. ڪڏهن وري کين ڳچيءَ ۾ خط ٻڌي اڏايو ويندو هو، جيڪو هو کڻي محبوب جي ڪوٺي تي رسائيندو هو. ان کان اڳ اها روايت عربن ۾ هئي ته هو خط اٺن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندا هئا ۽ هو کڻي مقرر هنڌ تي پهچندا هئا. وڌيڪ خبر خدا کي! نه ان جو ذڪر ٻين هندستان بابت تاريخن ۾ آهي نه وري ابن بطوطا ان جي ڪا وضاحت ڪئي آهي.

    اسان جي خيال ۾ اهي تصوراتي ۽ تمثيلي اهڃاڻ آهن، انهن جو حقيقت سان واسطو بنهه گهٽ آهي. شاهه سائين ته چنڊ وسيلي به پيغام پهچائڻ جو ذڪر ڪيو آهي:

    هُتِ ٿو پسين پرينءَ کي، تون چنڊ اُهوئي،
    اَڏت چئج اُن کي، ڏيان جو روئي،
    هيڪاندي هوئي، سانگ مَ پوي سڄڻين.

    ساڳي ريت شاهه سائين سر پورب ۾ ڪانگل جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ نه صرف پنهنجي ديس واسين جي حال جي خبر وٺي ٿو، پر پنهنجي دل جا احوال به ان سان اوري ٿو. فرمائي ٿو:

    آءُ ڪانگا وڻ ويهه، سُڌيون ڏي ساڻيهه جون،
    چڱا ڀلا سپرين، ڪي سک وسي ساڻيهه،
    پرين لاءِ پرڏيهه، مون تان گهڻو نهاري
    و

    ٻئي هنڌ چئي ٿو ته،

    ڏائي چڙهي ڏار تي، ٿو زاغ ڪري زاريون،
    آڻيو ڏي آتڻ ۾، سنيها ساريون،
    ماٺ ڪريو، ماريون، ته ڪهيو سُڻان ڪانگ جو.

    مشرقي توڙي مغربي شاعري ۾ شايد شاهه سائين ان تصور کي وسعت ڏني آهي، جو اهو ڪبوتر/ڪانگ صرف ذاتي محبوبن تائين محدود هوندو هو. شاهه صاحب ان کي پوري ساڻيهه سان واڳي ڇڏيو! ۽ ڪانگ کي قوم جو قاصد قرار ڏنو.

    حقيقت اها آهي ته شاهه سائين پنهنجي هر بيت توڙي وائي ۾، وطن ۽ وطن واسين جو ذڪر ڪيو آهي. پوءِ تمثيلن لاءِ هزارين حيلا هلايا اٿائين، جيئن مهان قومي شاعرن جو وڙ هوندو آهي. ڪڏهن ڪانگ کي ته ڪڏهن ڪرهي کي، ڪڏهن چنڊ کي ته ڪڏهن چرخي کي تمثيل ۾ آڻي ساڻيهه جون خبرون پيو ڪري ۽ ٻڌي:

    ڪانگل کي سڏ ڪري چئي ٿو ته اچي منهنجي اڱڻ جي وڻ تي ويهه ۽ مونکي پوري تفصيل سان ساڻيهه جون خبرون ڏي، جو تون ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي هوندو آهين، مونکي ٻڌاءِ ته ٿر واسي ڪيئن هئا. ڪاڇي به ڪوڪ پئي ڀاسي، اتي منهنجا مارو ڪيئن هئا. ڀلا اتر پار ۾ ڪو اُلڪو ته توکي ڏسڻ ۾ ڪين آيو، جو قنڌار ۽ ڪابل کان مڙئي پيون هلائون ٿين، جنهن سبب منهن جا سانگي سک سان ڪين آهن. کين هميشه ڌاري يلغار جو اونو رهي ٿو! ڪانگا مونکي سموريون خبرون ڏي. خيرن سان منهنجا سانگي سفر هليا آهن، اُهي ته خوش آهن، اُهي پڻ سودي سانگي پورب پار ويا آهن، انهن جون خبرون مون کي ڪير آڻي ڏيندو؟

    شاهه صاحب کي پنهنجي سنڌ جي هر وٿ ۽ وسنءَ جي پريشاني هوندي هئي، جهڙي هڪ ماءُ کي اولاد ۽ ونيءَ کي وَر لاءِ هوندي آهي، جيستائين ڪا خوشي جي خبر اچي تيستائين ساهه مُٺ ۾، پئي ايندي ويندي کان پڇندي! اها هڪ فطري ڪيفيت آهي، جنهن جي پرک انهن کي هوندي، جن جو وطن ڏانهن رَويو شاهه صاحب جهڙو هوندو يا جن جا اندر اڌ هوندا سيئي پار پرکيندا، اها ماجرا عام ماڻهو جي سوچ کان گهڻو مٿانهين آهي.

    ٻي بيت ۾، وري وچ آتڻ تي ويهي سورن وارين سان حال اوريندي، ڪانگل جون ڪهيون ٿو سُڻائي، واضح رهي ته ان دؤر ۾، مردن جا ميل اوطاقن تي ٿيندا هئا ۽ عورتون آتڻ تي ملنديون هيون، جتي سُٽ به ڪتينديون هيون ته دل جا احوال به اورينديون هيون.

    شاهه صاحب جي دؤر تائين سنڌ سان جيڪي ويل وهائيا ويا هئا. انهيءَ سبب سنڌ جون سماجي توڙي اقتصادي حالتون بنهه خراب هيون. معاشي وسيلن تي ڌارين جو قبضو هو. واپار توڙي ٻنيون ٻارا به ڌارين جي قبضي هيٺ هئا. سندن مرضي مطابق انهن تي ڍل ۽ محصول مڙهيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته نوبت اتي اچي بيهندي هئي جو، هاري ناري پنهنجو مال متاع کپائي به ڍل جو پورائو ڪندا هئا. اهڙا مذڪور “تاريخ مظهر شاهجهاني” ۾ موجود آهن.
    هڪ هنڌ ان جو مصنف ميرڪ يوسف لکي ٿو ته، “ديندار خان (سيوهڻ جو گورنر) فصل لهڻ وقت قانون گوين کي تاڪيد ڪندو هو ته اُپت جو اندازو لڳايو وڃي. سندس ڪوشش هئي ته ڪابه شيءِ گهٽ وڌ شمار نه ٿئي. پوءِ سڄي حساب ڪتاب کي ڏهوڻ ويهوڻ تي وڌائي، اهي انگ اکر اربابن ۽ مقدمن کي ٿي ڏيکاريائين. انهيءَ طرح سان سندس ظلم ستم جي ڪا حد نه هوندي هئي. آخرڪار ارباب ۽ مقدم سندس ٺيڪي جا شرط قبول ڪري دستاويز لکي ڏيندا هئا. رعيت گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪندي ٿي رهي، پر هن کي ان جي ڪابه پرواهه نه هئي. اهڙي طرح رعيت کي اربابن ۽ مقدمن جي حوالي ڪيو ويو ٿي ۽ اربابن ۽ مقدمن وري پنهنجا حصا وڌائي ٺيڪي جي پورائي جو بار رعيت مٿان ٿي وڌو. رعيت کي فصل جا ٻئي پاسا ڏيئي پورت ڪرڻي پوندي هئي ته به ان جي جند ڪانه ڇٽندي هئي.”

    اڳتي لکي ٿو ته، “هن ملڪ جي حالت وڃي انهيءَ انتها کي پهتي آهي، جو هيءَ ملڪ نڌڻڪو، رڳو ظالمن ۽ مظلومن جو ملڪ وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن سيوهڻ جو جاگيردار سئو ماڻهن کي ناحق مارائي ڇڏي يا تاراج ڪري ته کانئس ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي ۽ جي ڪوبه فريادي ڏک ڏاکڙا سهي، ڪشالا ڪڍي شاهي درٻار (دهلي) ۾ وڃي دانهين ٿي، اتان ڪو پروانو وٺي اچي ٿو ته ان جي هتي ڪابه پر داخلا نه ٿي ٿئي...”.

    شاهه صاحب آتڻ تي ويهي، ٻين ڏکوئلين سان حال اوريندي زاغ جي زارين کان آگاهه ڪري ٿو ته اڄ ڪانگ خبرون مڙئي خراب ٿو ڏئي، ڀانئجي ٿو ته اڄ وري ماروئڙن مٿان ڪا للڪار ٿي آهي. اڄ وري ٻني ٻارا اجاڙيا ويا آهن، سانگين کي ڌڪي ڌار ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مارو پريشان آهن. اها ڪيفيت ڪانگ ٻڌائي روئي ويهي ٿو. سندس روئڻ تي، ٻين ستائلين جا سور اٿلي ٿا پون ۽ هو هنجون ٿيون هارين، ان تي کين چيو ٿو وڃي ته “ماٺ ڪريو ماريون/اي ستايل سرتيون” ته ڪانگ جيڪو قصو ٿو بيان ڪري اهو ٻڌو!

    هڪ پاسي شاهه سائين ڪانگ وسيلي ساڻيهه جون سُڌيون ٿو سڻي ته ٻئي پاسي وري پرين لاءِ قربان ٿو ٿئي. چئي ٿو ته،

    ڪڍي ڪانگا تو ڏيان، هنئون ساڻ هٿن،
    وڃي کاءُ وِلات ۾، اڳيان عجيبن
    پرين مانَ پڇن، ته هيئن قربان ڪير ٿيو

    مطلب ته ڪانگا! تون منهنجي محبوب وٽ ولايت وڃ ۽ کيس ٻڌاءِ ته منزل ماڻڻ لاءِ يا سوڀ سرجڻ لاءِ سرن جا سودا ٿا ڪرڻا پون، مان ان لاءِ به تيار آهيان ۽ وڏي کان وڏي قرباني به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ان لاءِ توکي پنهنجو هنيانءُ ڪڍي ٿو ڏيان ته اهو ڏسي پرين کي پڪ ٿئي ته اها قرباني ڪنهن ڪئي آهي!

    جڏهن قربانيون قبول پون ٿيون، مليران خاصي خبر اچي ٿي، کيس کيانتو خوش نظر اچي ٿو ته شاعر ٻهڪي پوي ٿو ۽ چئي ٿو:

    قريبن جو ڪانگڙو ٽاريءَ تي ٽلي،
    کڻيو کنيا تو خبرون، کيرون ڏيو کلي،
    لائي جنهن لالن سان، منهنجي بات بِلي،
    سو ور چشمن تي چَلي، جو درباري دوس جو.

    مطلب ته قريبن جو ڪانگڙو (سهڻو ۽ ننڍڙو، دل کي وڻندڙ ڪانءُ) اڄ وڻ جي ٽارين تي پيو نچي ڪُڏي، ڇو ته اڄ وٽس ڏاڍيون سٺيون خبرون آهن. اُهي کلي پيو کيرون ڏي. مون جيڪو سنيهو کيس پرينءَ لاءِ ڏنو هو، اهو هن پرينءَ کي سمورو ٻڌايو آهي. منهنجي من جي مراد محبوب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهي، موٽ ۾ به هن اهڙي واڌائي موڪلي آهي. ڀلي ته اهو ڪانءُ منهنجي اکين تي پيو پير ڌري جو کيس محبوب سان ملڻ جو شرف مليو آهي اهڙين خوشين وارين خبرن ذريعي شاعر پنهنجي وطن واسين کي خوش پيو ڪري ته ملول نه ٿيو سانگين ۾ جوش ۽ ولولو آيو آهي. اُهي به آئي ويل اچي ساٿي ٿيندا، پوءِ اهي ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويندا.

    هڪ اعلى قومي شاعر جي اها خوبي هوندي آهي ته اهو نه صرف پنهنجي زماني ۾ رائج ٻولي، محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪندو آهي، هو شعوري طور پنهنجي ڏيهه جي ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۽ محاورن کي به شاعريءَ ۾ جاءِ ڏيندو آهي ته ان سان گڏ، پنهنجي دور جي اهم ترين زبانن جا استعارا، مثال ۽ حوالا به ڪتب آڻيندو آهي ته جيئن ان ٻوليءَ جي لغت ۾ وسعت اچي ۽ وقت جي زبان بامحاورا محفوظ ٿي وڃي.

    شاعريءَ جي ان خوبي بابت پنهنجي دؤر جو وڏو محقق، نقاد ۽ 25 ٻولين جو ماهر ڪئپٽن رچرڊ برٽن لکي ٿو ته، “سنڌي شعر خوبين کان خالي نه آهي، گوناگون محاورن کان سواءِ، ان ۾ لطافت، تازگي، بلند خيالي ۽ فصاحت پڻ موجود آهي. سنڌيءَ جون ڪافي مڪاني صورتون آهن، جنهن ڪري وڏي پائي جا شاعر ۽ اديب ڇا ڪندا آهن جو جنهن ايراضي جو قصو يا ڪهاڻي هوندي آهي، اتان جا مڪاني لفظ ۽ محاورا ڪم آڻي، پنهنجي مضمون ۾ گوناگون رنگ ڀريندا آهن. تجنيس زياده پسند ڪئي ويندي آهي. سنڌين تي قومي شعر جو تمام گهرو اثر پوندو آهي، جنهن مان ثابت آهي ته هنن جي شعر ۾ فصاحت ۽ بلاغت ٻئي موجود آهن. وڏا وڏا صوفي عالم/شاعر به پنهنجي عربي ۽ فارسي تصنيفن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي مصرعائون ڪم آڻڻ کان عار نه ڪندا آهن. جيتري قدر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تعلق آهي ته هو پنهنجي شعر جي آرائش تجنيس، ذو معنى ۽ ترنم وارن لفظن جي وڻندڙ جهڻڪار سان ڪري ٿو. هو پنهنجي علم جو اظهار ڪٿي ڪٿي عربي ۽ فارسي ادب جي حوالن، مثالن ۽ اشارن سان ڪري ٿو ۽ ڪن هنڌن تي انهن عبارتن مان حوالا ڏئي ٿو. هن جو ڪلام انهن مضمونن سان تعلق رکي ٿو، جن کان سندس هم وطن اڳيئي آگاهه آهن. سندس ڪلام کي عالم، موسيقي جا ڄاڻو توڙي عام ڳوٺاڻا پسند ڪن ٿا. هر ڪو پنهنجي سوچ مطابق ان مان حظ حاصل ڪري ٿو. ڪي مست ٿين ٿا ته ڪي وري محظوظ ٿين ٿا. عام ماڻهن کي به سندس شعر جا ٽڪرا (بيت) ياد هوندا آهن.”

    سر پورب جي پهرين داستان ۾ (جنهن ۾ ڪانگ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.) ٽيهن/چوٽيهن بيتن ۾ شاهه صاحب ڪانگ لاءِ هيٺان لفظ استعمال ڪيا آهن:

    ڪري ڪانگ ڪور نشون پيرين پرينءَ پئيج،
    چُئان تيئن چئيج ته کنيا تا خوش هئين،
    آءُ اڏامي ڪانگڙا پارانڀا پچار،
    وَهِلو ور وريا پرين، آءُ ڪانگا وڻ ويهه،
    پرين جي پرڏيهه ويا، ڪانگل سيئي ڪوٺ،
    مٿان مَنهه منهنجي ڪنهن اڏايو ڪانءُ،
    ڪي جو زاغ زبان سي، لنيو مٿي لام،
    پسي حال سندوءِ، ڪانگن ڪانگيرو ڪيو،
    قريبن جو ڪانگڙو، ٽاريءَ تي ٽلي،
    غراب نه غافل، جنهن طعنا تنڪا لائيا.


    مٿين مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه سائين کي سنڌيءَ سان گڏ، پنهنجي دور جي مشهور ٻولين بابت ڪيتري نه ڄاڻ هئي. هن فارسي ‘زاغ’ عربي ‘غراب’، هندي ‘ڪانگا’ انتهائي سهڻي نموني ۽ تجنيس مطابق استعمال ڪيا آهن. ان سان گڏ، سنڌيءَ جا مختلف محاورن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪانگ لاءِ لفظ استعمال ڪيا آهن. جهڙوڪ: ڪانءُ، ڪانگ، ڪانگل، ڪانگڙو، کيانتو وغيره.[/justify]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سر پورب ۾ ڪانگل جو ڪردار

    يار وساڻ لطيف ته هونءَ به سڄو سون آهي پر لطيف سرڪار جهڙيءَ طرح سان ڪانگل کي پنهنجو پيغام رسان ٺاهيون آهي ان جو ڪو جواب ناهي ۔۔۔ آءُ ته ان سر کي پنهنجي دل جو آواز سمجهندو آهيان جو ماڻهون پرديس ۾ پنهنجن پرين پيارن کان پري رهي ايترو ته حساس ٿي ويندو آهي جو ڪڏهن ڪانگل ته ڪڏهن چنڊ ته ڪڏهن هوائون ته ڪڏهن بادل ته ڪڏهن خواب ته ڪڏهن خيال، سندس پيغام رسان ٿي پوندا آهن ۔۔۔

    ڀلا عاشق مجبور جو آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔ سهڻو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سر پورب ۾ ڪانگل جو ڪردار

    سائين نثار مهرباني

    اهو اندازو ته اوهان جي تحريرن مان ئي لڳندو آهي۔ سنڌ کان پري رهي اوهان کي ان قسم جا احساس ته ٿيندا هوندا پر هن ڪانگل کي به شاعرن واه جو ڳايو آهي۔ لطيف سائين فرمائي ٿو :


    ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا! اچِي وائِيءَ وَڻُ؛
    تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشڪَ کَـٿورِيءَ مَڻُ؛
    اچِي عَجيبَنِ جو، اورانگِھجِ اَڱَڻُ؛
    تو کي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿِئي
     
  4. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    نھايت شاندار، معلوماتي ۽ سبق آميز مقالو آھي.
     
  5. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    واھ سائين واھ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو