اسان ڪڏهن وڏا ٿيندا سين

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اسان ڪڏهن وڏا ٿيندا سين

    وڏي ٿيئڻ مان مراد جسماني يا عمري لحاظ کن وڏو ٿيئڻ ناهي پر ان وڏي ٿيئڻ مان مر ذهني بلوغت آهي اسان جي جنهن ٻار جي هٿ ۾ ڪاغذ *۽ قلم هئڻ گهرجي ها انجي هٿ ۾ ڪلاڪشنڪوف ڪيسيتائين رهندي ان جو علم ته مون وٽ ڪونهي پر اهو ضرور ڄاڻان ٿو ته جيسيتائين ان جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف آهي تيسيتائين ان جي تقدير ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندي ويندي ان ۾ ڪا تبديلي اها تبديل جنهن مان هن جي ڪا بهتري جي راھ نڪري انجو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي .روزانو زات پات جي نالي تي ٿيندڙ جيڙن ته اسان جي ڳوٺن توڙي شهرن جو امن ئي وڃائي ڇڏيو آهي انهن جهيڙن ۾ نه انسان ڪنهن مذهب سان واسطو ٿو رکي ۽ نه ئي وري ڪنهن ذات پات جو انهن جيڙن. تي اثر پوي ٿو۔جڏهن ڪو جهڙو يا برائي شروع ٿي ٿو وڃي ته ان ۾ سيد توڙي غير سيد شروع ٿي ٿا وڃن۔
    تازو ڪلهوڪي شروع ٿيل جيڙي کي ئي ڏوسو سيد ۽ چانڊيا ڪيتريون جانيون ڳڙڪائي ويا ڪو چوي ته انهن زرو برابر به ڪوانسانيت جو احساس ڪيو هجي .
    الله اسانکي ذات پات رنگ نسل سڃاڻپ لاءِ ڏنو هو جنهن کي اسان پنهنجي انا ۽ غرور و تڪبر سان جوڙيون ويٺا آهيون۔ اسان وٽ بهادري جو معيار آهي ڪنهن کي زير ڪرڻ ڪنهن کي سرِ بازار رسوا ڪرڻ، ڪنهن جي تذليل وتحڪير ڪري اسان پاڻ کي بهادر سمجهندا آهيون پر بهادري جي ان مفهوم جو تعلق فقط نفس جي بندگي ئي ته آهي،۔ اصل بهادري آهي مڙي وڃڻ جو پنهجي نفس کي موڙي وڃي ان جهڙو ڪو بهادر ڪونهي۔ اسان جا يار ماڻهون ماري سگريٽ منهن ۾ وجهي گلا کولي پيا بازارن ۾ ڦرندا ڪنهنجي مجال آهي جو صاحب جو نالو وٺي۔پوءِ چوندا آهن نه ديکا ديکي سندن اولاد به ان کي پنهنجي ميراث‌سمجهڻ لڳي ٿي ۽ نتيجو جيڪا ڪلاشنڪوف سندس پي وٽ هئي انجو هي وارث آهي۔ليڪن ياد رهي ته جڏنهن ٻار قلنم جي جاءِ تي ڪلاشنڪوڦ کڻندو ته انکان علم جو هٿيار ڇڏائجي ويندو ۽ نتيجو قوم جي تباهي وذلت بربادي، اها بربادي فردن کان سفر ڪري قومن ڏنهن منتقل ٿيو وڃي ٿي ۽ اها ئي بربادي قومن جو مقدر رهندي آهي۔ان تباهي جو فڪر نه اسان کي آهي ته نه اسانجي ڀوتارن کي ڪا پرواھ آهي اسانجا ڀوتار انجي پرواھ ڇو ڪن انهن کي ته اسانجي علم حاصل نه ڪرڻسان اسان جي مٿان حڪمراني قائم رهندي سو اهي اسان کي علم جي زيور سان مالامال ٿيئڻ ڪاٿي ڏيندا .
    آءُ چند ڏينهن پهريان ان گهراڻي جي هڪ فرد سان مليو هيس ان کي مون چيو ته ادا ڇا اوهان نه ٿا چاهيو ته اوهان جي اولاد ڪا سٺي تعليم وٺي ته هن چيو يار ڏاڏل حقيقت ته هي آهي جو اسان هاڻي ان ناسور مان ته جان ڇڏائڻ ٿا چاهيون پر اسان سان هي جيڙا اهڙي ريت ته چنبڙي ويا آهن جو اسان چاهيون ته به انهن آزارن کان آزاد نٿا ٿي سگهون . مون چيو ته هي وڏيرا اوهان جا جهيڙا ختم نه ٿا ڪرائي سگهن چيائين ته ڏاڏل سائين ڪهڙا ٿا سور پڇو اسان سان هي ظلم اسان جي ڀوتارن جا ئي ته چنبيڙيل آهن سي اسان تان اهي لعنتون ڪٿان لاهيندا. بحرحال ڪنهن هڪ ڪردار کي ڏوهي قرار ڏيئڻ سراسر غلط آهي هن بيماري جا اسين سڀ بيمار آهيون ان ۾ ڪنهن کي نه شق نه هئڻ گهرجي۔ اسانجون معاشرتي ڪمزوريون آهن . آءُ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جي ڳالھ اوهان کي ٻڌايان ته اسن جي اسڪول جي استاد کي رٽائر ٿئي لڳ ڀڳ ڏيڊ سال جو عرصو ٿيو هوندو۔ پر هن وقت تائين ڪو به استاد سندس جاءِ تي ناهي آيو ڪئي درخواستون توڙي دانهون ڪوڪون ڪري چڪا آهيون پر ڪو ٻڌڻ وارو ئي ڪونه اسان جا ٻار تعليم جي زيور کان محروم ٿيندا ٿا وڃن بعد ۾ خبر پئي آهي ته ان رٽائر استاد مٿي رشوت کارائي آهي ته ٻيو ڪو استاد ان اسڪول ۾ نه اچي ته جيئن هو ڪليم ڪري سگهي ته اسان جي شهر ۾ ڪو پڙهائڻ نه ٿو اچي انلاءِ سندس جاءِ تي سندس پٽ کي ماستر ڀرتي ڪيو وڃي . هڪ ته اسان وٽ اهو سڀ کان وڏو الميو آهي به ته اهو ته اسانکي پنهنجي والدين ڪڏهن ان لاءِ پڙهايو ئي ڪونهي ۽ نه ئي وري اسان پنهنجي اولاد کي، ته هو سڀاڻي ڪو سٺا انسان يا سٺا شهري ٿئين .اسان ته اولاد کي علم به ڏياريو آهي ته انجو مقصد سٺي آمدني هجي نه اسان ان کي معاشرتي ذميدارين جي ڄاڻ ڏني ۽ نه ئي وري انهن جي تعليم جو مقصد ڪڏهن ظلم جي خلاف علمِ بغاوت بلند ڪرڻ جو ڪو درس ڏنو نتيجو اهو ئي ته اڄ اسان ڏسون ٿا ويٺا ته اسان جي ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي ڪمي ته ڪانهي پر هن ملڪ جا بهترين علمي سرمايه اسان جي دشمن ملڪن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن جي هن کي اسانتعليم ملڪ و قوم جي خدمت جي ڏني هجي ها ته هو هن ملڪ جي خدمت ڪن ها۔
    جي ان کي پنهنجو ڪو فرض نه ٿو سمجهي ته نتيجو ڇا نڪرندو جهڙي پوکبي تهري لڻبي .
    حوسِ انساني کي روۡڪڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته انسان جسٽس کي قائم رکي . جڏهن بي عدل معاشرو هوندو ته اهڙا هاڃا زندگي جو معمول بڻجي ويندا آهن
    اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اتي جرم کي جرم نه ٿو سمجهيو وڃي هتي ڏاڍي جي لڄ کي ٻه مٿا آهن . ماڻهن کي خبر آهي ته جي اڄ ڪو خون ڪري به وڌو سين تهان جي سزا ڇا آهي سال ٻن سالن ۾ ته ٻاهر نڪري ايندا سين۔ جن قومن مجرمن کي عبرت جو نشان بڻايو ته انهن قومن ۾ ڏوهن جي شرح ڏسو ته ڪيتري گهٽ آهي هرڪو ان لاءِ پر سڪون آهي ته جي انسان ڪا واردات ٿي به ته هن کي انصاف ملندو ۽ ڏوھ ڪرڻ وارو به سمجهي ٿو ته قانون جا هٿ بلند و بالا آهن سي هن جي جرم کي ڳولي وٺندا۔
    اسان کي جي دنيا ۾ ڪا تبديلي آڻڻي آهي ته انجو بس هڪ ئي زريعو آهي ته سان کي گهرجي ته اسان ولاد کي تعليم جي زيور سان گڏوگڏ معاشري جو ذميدار فرد بڻايون ج_هن اسان جو معاشرو فرض شناس ٿي ويو ته يقينن هن قوم ۾ تبديلي ناگزير ٿي ويندي اهي قبائلي توڙي علائقائي جهڙا انساني جانيون ڳڙڪائڻ ڇڏي ويندا۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: اسان ڪڏهن وڏا ٿيندا سين

    ادا فڪر ڀلي آهي اسان به اوهان جي انهي فڪر سان موافق آهيون۔
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اسان ڪڏهن وڏا ٿيندا سين

    سائين ان ووٽ جي مهرباني
    وسلام
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جيسيتائين مڪمل طور تي غير قانوني هٿيار ، انهنجو ڪاروبار ۽ استعمال ختم نه ٿيندو تيسيتائين بهتري جي اميد ڪونهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو