منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]
    منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان​


    منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    ڪنن ۾ اٿن ڪپھ پر مان ته وري به چوندو رهيو آهيان


    منهنجي پيار ۾ هنن کي شڪ آهي هي ائين چون ٿا

    پوءِ به ‌هنن جي محفل ۾ ويهي مان ڪسندو رهيو آهيان


    منهجي خاموشي سان هنن ڪيو آهي ڏاڍو وڏو مذاق

    هو کلندا رهيا مون تي مان خاموش ڏسندو رهيو آهيان


    هنن ته هر بار ڪئي نئي انداز ۾ قطع تعلقي ڏاڏل سان

    هو باغي رهيا مون کان مان انهن پٺيان ڀڄندو رهيو آهيان
    [/justify]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    همدردي آهي اوهان سان ۔۔۔ اوهان به آخر پيار ڪري وڌو ۔۔۔

    چوندا آهن ته جڏهن پيار ٿي وڃي ۽ محبوب کي اها خبر پوي ته سندس ڪو عاشق به ٿيو آهي ته هو اڳي کان وڌيڪ ماڻان ڪندو آهي ۔۔۔ سچ الائي ڪوڙ ۔۔۔ عاشق ٻڌائن ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    بلڪل سچ آهي سائين۔۔۔ اهي درد ڪي شاعرن کان پُڇي۔۔۔۔ جيئن درويش، سائين نثار ناز ;))

    بهرحال ڏاڏل شينو جي هي ڪوشش لاجواب آهي،، زبردست شاعري آهي، ٿوڙو تڪ تور جو فرق آهي پر وڌيڪ تبصرو اسان سيکڙاٽن جو استاد سائين نثار ناز ئي ڪندو۔۔۔۔​
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    سائين اوهان جي همدردي جا احسان پر هي هڪ پي جي اڻسڌريل اولاد لاءِ‌ دانهن آهي همدردي سان گڏ دعا به ڪندا ته جيئين چاچي پيرو جا پٽ سڌري پون هو ائين ئي دانهو ڪندو هو ان جي ورسي تي ان جو دانهو ياد اچي ويون سو مون ٽٽل الفاظن ۾ شاعري طور پيش ڪيون آهن
    وسلام
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    سائين عشق ۾ ماڻان ئي ته هلندا آهن۔
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    خدا ڪري دوستن کي اعتبار اچي
    وسلام
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان


    ادا ڏاڏل تمام بهترين ڪوشش آهي سٽن جو ربط به تمام بهترين آهي پر مهنجي سوچ مطابق ته اگر اخري لفظ آهيان جي بجاء

    منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان
    جي بدران
    منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آن يا هان
    هجي ها ته اڃا به وڌيڪ سهڻو لڳي ها مطلب ته هن طرح


    منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آن(هان)

    ڪنن ۾ اٿن ڪپھ پر مان ته وري به چوندو رهيو آن (هان)


    منهنجي پيار ۾ هنن کي شڪ آهي هي ائين چون ٿا

    پوءِ به ‌هنن جي محفل ۾ ويهي مان ڪسندو رهيو آن(هان)


    منهجي خاموشي سان هنن ڪيو آهي ڏاڍو وڏو مذاق

    هو کلندا رهيا مون تي مان خاموش ڏسندو رهيو آن (هان)


    هنن ته هر بار ڪئي نئي انداز ۾ قطع تعلقي ڏاڏل سان

    هو باغي رهيا مون کان مان انهن پٺيان ڀڄندو رهيو آن(هان)

    وڌيڪ بابل سائين اوطاق تي سهڻآ سيبتا شاعر آهين اهي ضرور اصلاح ڪندا باقي اسان ته مڙئي تاڙي وڄائڻ وارا آهيون سو ۔ ۔ ۔ ۔
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    سائين اوهان جا احسان جيئن اوهان کي بهتر لڳي مونکي قبول آهي مون ته چاچي پير بخش جو احوال لکيو آهي هن ائين الفاظ ٿي چيا ته مون ته هنن کي جهيڙي کان سڄي رات منع ڪئي پر هنن هڪ نه ٻڌي ۽ هي قتل ٿي ويو آهي ۔
    وسلام
     
  9. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    دوست پو اهڙا ڪم نه ڪيو نه جو روئڻو پوي ٿو توهان کي۔۔۔۔
     
  10. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    ادا ڏاڏل ڪنهن به شاعر جي خيال سان اختلاف نٿو ڪري سگهجي، اوهان جا خيال ته تمام بهترين آهن پر ڪجهه بحر وزن جو خيال به شاعري کي بهتر بنائي ٿو۔ سو ڪوشش ڪيو شاعري خاص ڪري غزل جي صنف عروض مطابق هجي۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجي ڪير نه ٿو ٻڌي مان رات سڄي رئندو رهيو آهيان

    [ صنف عروض مطابق هجي۔

    سائين اها لائي ڪهڙي مصيبت آهي خدا گواه مونکي ناهي خبر اسان دل جو احوال اوري ڇڏيو آهي جنهن صنفِ عروِض لکيو آهي اهو ڄاڻي اسان پنهنجي دل جي احوال کي ڪن جي الفاظن ۾ اورڻ جا پابند ته ناهيون جو پنهنجي دل جو احوال به ڪنهن جيان اوريون ۔
    باقي سائين اوهان جا احسان الله اوهان کي اسان جهڙن جي اصلاح ڪرڻ جي توفيق ۾ اضافو ڪري
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو