اڄوڪو ڏينهن 11 فيبروري تاريخ جي دري مان

'فيبروري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 11 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    11 فيبروري 1847 نامياري سائنسدان ٿامس ايڊيسن جو ڏينهن آهي.
    11 فيبروري 1904ع شاعر گوڌومل گوورڌن (سڪرنڊ / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11 فيبروري 1916ع نصابي ڪتابن جي ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي رجسٽرار محمد حسين ترڪ جو جنم ڏينهن آهي.
    11 فيبروري 1946ع شاعر غلام قنمبر گوهر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    11 فيبروري 1961ع ليکڪ امجد دائود پوٽو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔

    وڇوڙو:

    11 فيبروري 1650ع فلاسافر، سائنسدان ۽ رياضيدان ريني ڊيڪارٽ جو لاڏاڻو ٿيو.
    11 فيبروري 1913ع اسڪالر مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي (هالا) جو لاڏاڻو ٿيو.
    11 فيبروري 1927ع هالا جي بزرگ هستي مخدوم ميان ظهيرالدين عرف ميان پرو ڄام جو انتقال ٿيو.
    11 فيبروري 1947ع ناليواري اسڪالر. لطيف شناس ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ديهانت ٿي.
    11 فيبروري 1963ع سياستدان سيد غلام حيدر شاهه (نوابشاهه) جو لاڏاڻو ٿيو.
    11 فيبروري 1975ع شاعرہ ۽ سماجي اڳواڻ سرلا ديوي (شڪارپور / لاڙڪاڻو) جي ورسي آهي.
    11 فيبروري 1996ع ناليواري اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو لاڏاڻو ٿيو.
    11 فيبروري 2013ع قنمبر سان تعلق رکندڙ قومپرست شاعر آتش سنڌي ڪراچي ۾ 60 سالن جي ڄمار ۾ برين هيمبرج سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
    11 فيبروري 2018ع نامياري قانوندان، سماجي اڳواڻ ۽ انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو ٿيو.
    11 فيبروري 2018ع اردو ڊرامن جي نامياري اداڪار قاضي واجد جي وفات ٿي.
    11 فيبروري 2020ع محقق ۽ سائنسدان فرزانہ پنهور جو لاڏاڻو ٿيو.​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 فيبروري 2015
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اهڙي قيمتي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي


    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو