مين روڊ تي سندس نئين ماڊل جي ڪار تيزيءَ سان ڊوڙي رهي هئي، ڪار جي ڊگي ۽ پوئين سيٽ مختلف تحفن سان ڀريل ھئي جيڪي ھن آسٽريليا مان پنھنجي بيواھ ڀيڻ، ڀاڻيجيءَ ۽ ٻن ڀاڻيجن لاءِ وڏي چاھ مان خريد ڪيا ھئا، ستيتاليھ سالن جي عمر ۾ بہ تندرست ۽ جوان لڳندڙ نزاڪت علي گذريل ٻارھن سالن کان آسٽريليا ۾ سامونڊي جيوت...